| گھاري ويجھو گھرو اڻبڻت تان نوجوان زهر پي ڇڏيو |
ٺٽو (ن پ ا) گهاري ڀرسان ڳوٺ عبدالرحمان خاصخيلي جي رهواسي نوجوان ادريس خاصخيلي مبينا طور گهرو اڻبڻت سبب زهريلي دوا پي آپگهات ڪري ڇڏيو. زهريلي دوا پيئندڙ نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رورل هيلٿ سينٽر آندو ويو جتي علاج دوران نوجوان دم ڌڻي حوالي ڪيو، گھارو پوليس جو چوڻ آھي ته نوجوان ٻڌايو پيو وڃي ته گھرو اڻبڻت سبب زھريلي دعوا پي اپگھات ڪئي آھي ، وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون جڏھن ته گهارو پوليس ضروري قانوني ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو