گھرو وزير جو پنھنجي ئي حڪومت خلاف چارج شيٽ جھڙو بيان

وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو تازو بيان رڳو هڪ سياسي تبصرو نه، پر پنهنجي ئي حڪومت خلاف هڪ مڪمل چارج شيٽ آهي، جنھن ۾ ھن سسٽم جي ناڪاميءَ جو “انڪشاف” ڪيو آهي. سوال اهو آهي ته جيڪڏهن ملڪ جو سڀ کان اهم داخلي سلامتي وارو وزير پاڻ اهو تاثر ڏئي رهيو آهي ته سسٽم ناڪام ٿي چڪو آهي، ته پوءِ حڪومت جي ڪاميابين جون دعوائون آخر ڪيترو وزن رکن ٿيون؟ جيڪڏهن نظام واقعي ناڪام آهي ته ان جو ذميوار آخر ڪير آهي؟ ڇا اها ناڪامي ڪنهن اڻڄاتل قوت جي آهي يا پوءِ ان حڪومت جي، جيڪا گذريل ڪيترن مهينن کان اقتدار ۾ ويٺي آهي؟

گهرو وزير جو عهدو رڳو بيان ڏيڻ لاءِ نه هوندو آهي، پر امن امان برقرار رکڻ، رياست جي رٽ قائم ڪرڻ ۽ عوام کي تحفظ جو احساس ڏيارڻ سندس آئيني ۽ سياسي ذميواري آهي. جيڪڏهن ساڳيو وزير عوام کي اهو پيغام ڏئي ته حالتون ڪنٽرول ۾ ناهن، ته اهو پنهنجي ڪارڪردگيءَ تي پاڻ ئي سوال اٿارڻ برابر آهي. اهڙي بيان کان پوءِ ذميواري سڌي طرح وزيراعظم تي اچي بيهي ٿي. ڇا ڪابينا ۾ ان معاملي تي بحث ٿيندو؟ يا وري هميشه وانگر هن معاملي کي به هڪ معمولي سياسي بيان قرار ڏئي نظرانداز ڪيو ويندو؟ خاموشي اختيار ڪرڻ دراصل ان ڳالهه جو اعتراف هوندو ته حڪومت وٽ نه ڪو واضح بيانيو آهي، نه ئي ڪو مربوط حڪومتي رخ.

سڀ کان وڏو نقصان اهڙن بيانن سان پاڪستان جي معاشي ساک کي پهچي ٿو. هڪ پاسي حڪومت دنيا کي ٻڌائي رهي آهي ته پاڪستان سيڙپڪاري لاءِ محفوظ ۽ پرڪشش ملڪ آهي، جڏهن ته ٻئي پاسي ملڪ جو گهرو وزير پاڻ غير يقيني، ڪمزور نظام ۽ سلامتي بابت خدشا ظاهر ڪري رهيو آهي. آخر اهڙي ماحول ۾ ڪهڙو غير ملڪي سيڙپڪار اربين رپين جي سيڙپڪاري ڪندو؟ سرمائيدار نعريبازي تي نه، پر استحڪام، قانون جي حڪمراني ۽ رياستي اعتماد تي فيصلو ڪندا آهن. جڏهن حڪومت جا پنهنجا وزير ئي ملڪ بابت متضاد پيغام ڏين، ته پوءِ ڪنهن ٻاهرئين دنيا کان اعتماد جي اميد رکڻ خود فريبي کان گهٽ ناهي.امن امان بابت سوال به انتهائي اهم آهي. جيڪڏهن حالتون خراب آهن ته ان جا ذميوار ڪير آهن؟ جيڪڏهن دهشتگردي، بدامني يا انتظامي ناڪامي موجود آهي ته ان جو حساب عوام ڪنهن کان گهري؟ گهرو وزير کان يا وزيراعظم کان؟ حڪومت وٽ ان سوال جو ڪو واضح جواب نظر نٿو اچي. بيانن سان ذميواري ختم نه ٿيندي؛ ذميواري قبول ڪرڻي پوندي ۽ نتيجا به ڏيکارڻا پوندا.

حيرت جي ڳالهه اها به آهي ته اهڙي نازڪ وقت ۾ وري نون صوبن جو راڳ الاپيو پيو وڃي. جڏهن ملڪ سياسي انتشار، معاشي بحران ۽ سلامتي جي چئلينجن ۾ ڦاٿل هجي، تڏهن نون انتظامي يونٽن جو بحث ڇيڙڻ ٻرنديءَ تي تيل هارڻ برابر آهي. نوان صوبا آئيني عمل ۽ عوامي خواهش سان ٺهندا، نه ڪي سياسي بيانن يا اقتداري مصلحتن سان. اهڙي وقت ۾ اهڙا حساس موضوع اٿارڻ وفاق کي مضبوط ڪرڻ بدران وڌيڪ ورهائڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. وفاق رڳو نقشي تي لکيل سرحدن جو نالو ناهي، پر اعتماد، سياسي بالغ نظري ۽ ذميوار قيادت جو نالو آهي. جڏهن وفاقي حڪومت جا اهم وزير پاڻ هڪ ٻئي جي بيانيي کي ڪمزور ڪن، تڏهن رڳو مخالف ڌر کي ئي نه، پر رياست دشمن عنصرن کي به اهو موقعو ملي ٿو ته هو پاڪستان کي هڪ غير مستحڪم ملڪ طور پيش ڪن. اهڙو تاثر قومي مفادن لاءِ انتهائي نقصانڪار آهي.

وزيراعظم شهباز شريف کي هاڻي فيصلو ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن محسن نقوي جو بيان حقيقتن تي ٻڌل آهي ته حڪومت کي قوم آڏو بيهي سسٽم جي ناڪاميءَ جو اعتراف ڪرڻ گهرجي ۽ ان جي اصلاح لاءِ واضح روڊ ميپ پيش ڪرڻ گهرجي. پر جيڪڏهن اهو بيان حقيقتن جي ابتڙ آهي ته پوءِ گهرو وزير کان پڇاڻو ٿيڻ گهرجي ته هن اهڙو بيان ڏئي ملڪ جي ساک، معيشت ۽ وفاقي استحڪام کي ڇو نقصان پهچايو؟ملڪ بيانن سان نه، پر ذميوار قيادت سان هلندا آهن. جيڪڏهن حڪومت جا پنهنجا وزير ئي عوام جو اعتماد متزلزل ڪندا رهندا ته پوءِ سياسي استحڪام، معاشي بحالي ۽ وفاقي يڪجهتي جون سموريون دعوائون رڳو لفظن تائين محدود رهجي وينديون. قوم کي هاڻي وضاحت نه، پر سچ، ذميواري ۽ عملي ڪارڪردگي گهرجي.