| “گھوسٽ اسڪول” کي سنڌ ۾ اجازت نه ملڻ وارو فيصلو چئلينج |
ڪراچي(ڪلچرل ڊيسڪ) سنڌسرڪار جي ماتحت اداري سنڌ بورڊ آف فلم سينسرز پاران فلم ”گھوسٽ اسڪول“ کي سنڌ ۾ نمائش جي اجازت نه ڏيڻ واري فيصلي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪيو ويو آهي، عدالت سنڌ حڪومت سميت ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري 21 آگسٽ تي جواب طلب ڪري ورتو آهي. درخواستگذار جي وڪيل معيذ بيگ عدالت کي ٻڌايو ته وفاقي ۽ پنجاب سينسر بورڊ فلم جي نمائش جي اجازت ڏئي چڪا آهن، رڳو سنڌ سينسر بورڊ اجازت نٿو ڏئي، وڪيل موجب سنڌ موشن ايڪٽ 2011ع تحت ڪنهن فلم کي سينسر سرٽيفڪيٽ ڏيڻ کان انڪار رڳو مخصوص قانوني بنيادن تي ئي ڪري سگهجي ٿو.“گھوسٽ اسڪول” جو معاملو انهي دائري ۾ نٿو اچي، هن وڌيڪ ٻڌايو ته فلم ۾ گھوسٽ اسڪولن جي مسئلي کي اجاگر ڪيو ويو آهي برطانيا جي ايشين فلم فيسٽيول ۾ فلم کي بهترين هدايتڪاري جو ايوارڊ ملي چڪو آهي.