| گھوٽڪي جا فنڪار بدامني خلاف روڊن تي نڪري آيا |
گهوٽڪي) ڪلچرل ڊيسڪ) ميلوحا آرٽ سرڪل گھوٽڪي فنڪار واحد انڍڙ کان ڦر ڪيل ڪار جي واپسي لاءِ مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ عارف ڪلادي، فقير ساوند، فياض لغاري طارق لاشاري، عبدالفتاح سنگھڙ، غلام حسين ڊان شيخ، صدام ميمڻ، اسد شيخ، مجتبيٰ ڪولاچي، رياض ڀٽو، حاجن لانگاھ، گاجي لانگاھ، اداڪاره سھڻي سنڌي، ۽ سنڌي ادبي سنگت جو اڳواڻ اياز لطيف دايوشريڪ ٿيا، ان موقعي تي فنڪارن چيو ته پوليس جي بي حسي سبب ڦورن جي همت وڌي وئي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته واحد انڍڙ جي ڦر ڪيل ڪار فوري طور واپس ڪرائي وڃي ۽ علائقي ۾ وڌندڙ ڪرمنل سرگرمين خلاف مضبوط آپريشن ڪري، ماڻهن جو اعتماد بحال ڪيو وڃي۔