| گھوٽڪي پوليس قاتل نه پڪڙيا ته آءِ جي طلب ڪنداسين: سنڌ هاءِ ڪورٽ |
سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر گهوٽڪي ۾ قتل ٿيل ٽن ڄڻن جا قاتل گرفتار ڪرڻ لاءِ ايس ايس پي گهوٽڪي کي ٻن هفتن جي مهلت ڏيندي ريمارڪس ڏنا آهن ته 19 جنوري تائين جوابدار گرفتار نه ٿيا ته آءِ جي سنڌ کي طلب ڪيو ويندو. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ جي جسٽس ذوالفقار علي سانگي ڏيڍ سال اڳ خانپور مهر ٿاڻي جي حد ۾ قتل ٿي ويل ٽن ڄڻن راحب، الهرکيو، رضا محمد لنڊ جي قتل ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف داخل ڪرايل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. جنهن دوران ايس ايس پي گهوٽڪي انور کيتران، درخواستگذار رب رکيو لنڊ، وڪيل ضمير گهانگهرو، امام بخش لنڊ، محمد نواز ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا. درخواست گذار جي وڪيل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته ٽن ڄڻن جي قتل ڪيس ۾ جوابدار قربان لنڊ، صاحب لنڊ، راحب لنڊ، اختر لنڊ، منظور لنڊ ۽ ٻيا نامزد آهن، پر افسوس هن وقت تائين پوليس هڪ به جوابدار کي گرفتار ناهي ناهي ڪيو. نتيجي ۾ جوابدار اثر رسوخ هلائي متاثر ڌر کي صلح ڪرڻ، ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪائي رهي آهي. وڪيل مطابق عدالت ايس ايس پي گهوٽڪي انور کيتران کان قاتل گرفتار نه ٿيڻ متعلق پڇاڻو ڪيو، جنهن تي ايس ايس پي عدالت کان مهلت طلب ڪئي. جنهن تي عدالت ايس ايس پي گهوٽڪي کي ٻن هفتن جي مهلت جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ 19 جنوري تي پيش ٿي اڳڀرائي رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي.