گھوٽڪي ڀرسان ڪچي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ سئوٽ هٿان عورت ۽ مرد قتل، جوابدار فرار
نومبر 19, 2024
گهوٽڪي (رپورٽر) گھوٽڪي جي ڪچي ٻنڊي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ عورت ۽ مرد قتل، جوابدار فرار، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب ڪچي جي علائقي ٻنڊي ون ٿاڻي جي حد ميرانپور ۾ ڪارنھن الزام هيٺ جوابدار آدم سندراڻي پسٽل جا فائر ڪري ساجن سندراڻي ۽ مسمات سليمه سندراڻي کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو، اطلاع تي ڪچو ٻنڊي ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي قتل ٿي ويل نوجوان ۽ عورت جا لاش تعلقه اسپتال گهوٽڪي آندا، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، سول اسپتال گهوٽڪي ۾ مقتول ساجن سندراڻي جي ڀاءُ ٻڌايو ته اسان جي ڀاءُ مٿان ڪارنهن جو ڪوڙو الزام لڳائي گهر گهرائي کيس بيگناهه قتل ڪيو ويو، رابطو ڪرڻ تي ڪچو ٻنڊي پوليس ٻڌايو ته جوابدار آدم سندراڻي مقتولا عورت جو سئوٽ آهي، جنهن ٻٽو قتل ڪيو، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري سگهي هئي.