گھوٽڪي ۽ ڀرپاسي ارڙي گھر اجاڙڻ لڳي: ڀيڻ ڀاءُ سميت 4 ٻارڙا فوت

گھوٽڪي ۽ ڀرپاسي ارڙي گھر اجاڙڻ لڳي: ڀيڻ ڀاءُ سميت 4 ٻارڙا فوت

گهوٽڪي (رپورٽ: ماجد سنگھڙ) گهوٽڪي ۾ 3 معصوم ٻارڙا ارڙي سبب فوت ٿي ويا فوتين ۾ ٻه معصوم ڀاء ڀيڻ 5 سالن جو فيضان لاکو ۽ 3 ساله فزا لاکو به شامل آهن.ان حوالي سان ميل ڄاڻ مطابق ته ڳوٺ راضي لاکو جي رهواسي عبدالباسط لاکو جو ساڍا 3 سالن جو معصوم پٽ محمد رافيل لاکو ۽ رياض احمد جو 4 سالن جو پٽ عاطف لاکو ارڙي سبب فوت ٿي ويا، هوڏانهن ڳوٺ نبي بخش لاکو جي رهواسي محمدعارف لاکو جو 5 سالن جو پٽ فيضان لاکو ۽ 3 سالن جي فائزا ارڙي سبب به فوت ٿي ويا آهن اهڙي ريت 24 ڪلاڪن اندر 4 ٻارڙا ارڙي جي بيماري سبب فوت ٿي ويا آهن ان حوالي سان ڳوٺاڻن عارف لاکو ء ٻين جو چوڻ هو ته اڃان تائين ڪيترائي ٻارڙا ارڙي جي بيماري ۾ ورتل آهن ڳوٺاڻن ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي کان فوري نوٽيس وٺي ڊاڪٽرن جون ٽيمون اماڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي ته جيئن وڌيڪ انساني جانيون ضايع نه ٿي سگهن.