| گھوٽڪي_ڪنڌڪوٽ پُل ڪيئن ڊٺي؟ جاچ جو حڪم |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) گھوٽڪي_ڪنڌڪوٽ پُل ڪِرڻ جو ورڪس واري وزير نوٽيس ورتو، سيڪريٽري ورڪس کي معاملي جي جاچ ڪري ٽن ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ان حوالي ورڪس واري وزير علي حسن زرداري گھوٽڪي_ڪنڌڪوٽ پُل ڪِرڻ جو نوٽيس وٺي سيڪريٽري ورڪس کي هدايت ڪئي آهي ته معاملي جي جاچ ڪري ٽن ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪئي وڃي. واضح رهي ته سال 2021ع ۾ سنڌ حڪومت پاران گھوٽڪي ۽ ڪنڌڪوٽ کي ملائڻ لاءِ سنڌو درياءَ تي 12 ڪلو ميٽر ڊگهي پُل اڏڻ وارو منصوبو شروع ڪيو ويو هو.