گھوڙاٻاري: سارين جو فصل لهي ويو، واپارين جي هڪ هٽي قائم، اگهه ڪيرائي ڇڏيو
آگسٽ 23, 2024
گھوڙاٻاري (رپورٽ: مختيار جان چانڊيو) ٺٽي ضلعي جي ساحلي پٽي ۾ سارين جو فَصل لھڻ شرط ئي واپارين آلاڻ جو جَواز ڄاڻائي ھِڪ ھزار رپيا في مڻ تي اگھه گهٽائي ڇَڏيو، آبادگارن جا مَٿي تي ھَٿ اَچي وِيا، ان سلسلي ۾ پنھنجي اخبار طرفان آبادگار نثار احمد پٺاڻ سان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سارين جو فصل تيار ٿي مارڪيٽ ۾ پھچي رھيو آھي ۽ چانور ايڪسپورٽ ٿيڻ باوجود رائيس ملز مالڪن ۽ واپارين ھڪ ھٺي قائم ڪندي ھٿرادو سارين جا اَگھه ڪيرائي ڇڏيا آھن، سارين جي ٻجم ڀاڻ، ٽريڪٽر جي ھر، دوائن ۽ فصل تيار ٿيڻ تائين ھڪ لک کان ڏيڍ لک رپين تائين في ايڪڙ تي خرچ اچي ٿو، ذريعن موجب ھن وقت فَصل جِيئن ئي مارڪيٽ ۾ پَھتو آھي ته منافعي خور رائيس ملز مالڪن ۽ واپارين ھِڪ ھَٽي قائم ڪري سارين جو في مَڻ 35 سئو رپين مان اگھه گَھٽائي 25 سئو رپيا في مڻ ڪري ڇَڏيو آھي جنھن سان نقصان پھچي رھيو آھي، آبادگار نثار احمد پٺاڻ چيو ته قرض کڻي فصل پوکيون تا مٿان وري رائيس ملز ۽ واپاري مختلف بھانا بڻائي اگھه ڪيرائي ڪنگال بڻائي رھيا آھن، آبادگارن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سارين جو سرڪاري اگھه 4 ھَزار رپيا في مڻ مُقرر ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو.