ڳالهين بابت رابطا آهن، ناڪامي آپشن ناهي: قطر

ڳالهين بابت رابطا آهن، ناڪامي آپشن ناهي: قطر

دوحا (م ڊ) قطر جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ماجد الانصاري جو چوڻ آهي ته قطر اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڳالهين جي حوالي سان آمريڪا سميت سمورين ڌرين سان رابطي ۾ آهي. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته اسان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين جي ناڪامي بابت ڳالهائڻ نٿا چاهيون. سڄي دنيا انهن ڳالهين جي حمايت ڪري رهي آهي، اسان به ان ۾ شامل آهيون، اسان پاڪستان ۾ پنهنجن ڀائرن جي حمايت ڪري رهيا آهيون. ماجد الانصاري وڌيڪ چيو ته هڙئي نار وارا ملڪ روزاني بنيادن تي مختلف ڌرين سان سڌي رابطي ۾ آهن، ڇو ته هي اسان جي علائقي جو بحران آهي، تنهن ڪري اسان جا سڌي ريت رابطا آهن. هرمز کاڙي جي بندش بابت ترجمان جو چوڻ هو ته هرمز کاڙي جي بحران کي حل ڪرڻ ڪنهن هڪ ملڪ جي ذميواري ناهي پر سڀني ملڪن جي گڏيل ذميواري آهي، هرمز جي لڳاتار بندش هن بحران کي علائقائي مان بين الاقوامي بحران ۾ تبديل ڪيو آهي.