ڳالهين تي ڪميشن جي تلوار ٽنگيل: پهرين ڪميشن پوءِ ڳالهيون (پي ٽي آءِ) تماشو نٿا چاهيون، 28جنوري کان اڳ جواب نه ڏبو: حڪومت
جنوري 27, 2025
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان جو چوڻ آهي ته عمران خان حڪومت سان ڳالهين بابت جيڪو ڪجهه چيو اهو پارٽي جو فيصلو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر چيو ته حڪومت ڳالهين جي شروعات ۾ دير ڪئي، ڪميشن جي قيام ۾ به دير ڪئي، پي ٽي آءِ جو فيصلو به اهو آهي جيڪو پي ٽي آءِ جي باني چيو آهي، اڃا به حڪومت جيڪڏهن ڪو سنجيده قدم کڻي ته باني سان ڳالهائينداسين. هن چيو ته 7 ڏينهن کانپوءِ ڳالهين جو عمل باضابطا طور تي ختم ٿي ويو آهي، حڪومت ڪميشن جو اعلان ڪري، ان کان پوءِ ڏسنداسين. حڪومت ڪميشن جا ٽي او آرز تي ويهڻ جو چوي ته ان تي باني پي ٽي آئي سان ڳالهائينداسين. حڪومتي ڪاميٽي جي ترجمان عرفان صديقي ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته 28 جنوري کان اڳ ڪوبه جواب نٿا ڏئي سگهون، طئه ٿيل پڌرائي تحت 7 ڏينهن کان اڳ نه ڪو جواب ڏينداسين ۽ نه ئي عدالتي ڪميشن جو اعلان ٿيندو، هن چيو ته پي ٽي آءِ هڪطرفو فيصلو ڪندي اوچتو ڳالهيون ختم ڪيون، هُنن ڪاميٽي جي ٽي او آرز کي تماشو بڻائي ڇڏيو، اسان تماشو ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيون، هن چيو ته حڪومتي ڪاميٽي 28 جنوري تي گڏجاڻي لاءِ تيار ويٺي آهي. سينيٽر عرفان صديقي چيو ته بئريسٽر گوهر چيو ته پي ٽي آءِ جي باني واضع چيو آهي ته ڳالهين جي گنجائش ختم ٿي وئي آهي، هن شام جو ان ڳالهه جو جواز ڄاڻايو ته صاحبزاده حامد رضا جي گهر پوليس گرفتاري لاءِ وئي. صاحبزادہ حامد رضا ڳالهين تي ”ايبسوليٽلي ناٽ“ جا لفظ استعمال ڪيا. عرفان صديقي جو چوڻ آهي ته ڪميشن جو جواب ڳالهين واري اجلاس ۾ ڏيڻو آهي، اتي ئي ڏينداسين، ڌمڪيون يا بائيڪاٽ جو اهڙو جواب ائين جواب نه ڏينداسين. هن وڌيڪ چيو ته هڪ طرف ڌمڪيون آهن ته ٻئي طرف سول نافرماني جا ٽوئيٽ به ڪيا ويا آهن.