| ڳالهين جا در کليل آهن: افغان طالبان جو پاڪستان کي مفاهمتي اشارو |
ڪابل (م ڊ) افغان طالبان پاڪستان ڏانهن مفاهفتي اشارو ڪندي چيو آهي ته ڳالهين جا در کليل آهن، افغانستان ڪنهن به رياست لاءِ خطرو ناهي، اسان غلط فهمين جي ازالي لاءِ تيار آهيو، هڪ تقريب کي خطاب ڪندي افغان گهرو وزير سراج الدين حقاني پنهنجي خطاب ۾ وڌيڪ چيو ته مسئلن جو حل ٽڪراءَ ۾ نه پر ڳالهين ۾ ئي ممڪن آهي. ان سلسلي ۾ افغان حڪومت سنجيده ڪوششون ڪري رهي آهي.