ڳالهين جو چوندڙ پي ٽي آءِ اڳواڻ عمران جا ساٿي ناهن: عليمه

ڳالهين جو چوندڙ پي ٽي آءِ اڳواڻ عمران جا ساٿي ناهن: عليمه

راولپنڊي (م ڊ) پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان چيو آهي ته جيڪي پي ٽي آءِ اڳواڻ ڳالهين جو چئي رهيا اهن اهي عمران خان جا ساٿي ناهن، باني اسٽريٽ موومينٽ جو واضح پيغام ڪي پي قيادت کي پهچائي ڇڏيو آهي جڏهن ته ان ڪجهه ڏينهن اڳ پيغام به موڪليو هو ته قوم لاءِ شهادت قبول ڪندو.  دهشتگردي  ٽوڙ عدالت راولپنڊي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس جي پڌرائي جو مون کي ڪو پتو ناهي. هن وڌيڪ چيو ته باني پي ٽي آءِ ۽ بشريٰ بي بي خلاف توشه خانه ڪيس بوگس ڪيس آهي. باني پي ٽي آءِ کي اسان 11 ڪتاب موڪليا هياسين جج صاحب چيو ته کيس 9 ڪتاب ملي چڪا آهن.