پاڪستان جي سياست اهڙي موڙ تي بيٺل نظر اچي ٿي، جتي ظاهري طرح ٻه مخالف رستا آهن، مزاحمت ۽ مفاهمت. ٻئي ساڳئي وقت بحث هيٺ پڻ آهن. وزيراعظم شهباز شريف پاران پاڪستان تحريڪِ انصاف سميت سڀني اپوزيشن پارٽين کي ڳالهين جي آڇ ڪئي وئي آهي، ۽ ان جي جواب ۾ گڏيل اپوزيشن پليٽ فارم، تحريڪ تحفظِ آئين پاڪستان جي رضامندي سياسي منظرنامي ۾ نئين بحث کي جنم ڏنو آهي. جڏهن ته سوال اهو ناهي ته ڳالهيون ٿينديون يا نه، پر اصل سوال اهو آهي ته انهن ڳالهين جو مقصد، دائرو ۽ سياسي اهميت ڇا هوندي، خاص طور تي اهڙي وقت ۾، جڏهن پي ٽي آءِ پاڻ شديد اندروني ابهام جو شڪار نظر اچي ٿي.
حڪومت جي ڳالهين واري آڇ، نيت، وقت ۽ پسمنظر رڳو رسمي سياسي بيان ناهي، پر ان جي پٺيان ڪيترائي اندريان ۽ ٻاهريان عنصر ڪارفرما پڻ نظر اچن ٿا. هڪ پاسي حڪومت اهو سمجهي ٿي ته پي ٽي آءِ جي احتجاجي سياست، خاص طور تي اسٽريٽ پاور، هاڻي اهو دٻاءُ پيدا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي، جنهن جي اميد ڪئي پئي وئي. ٻئي پاسي تازن مهينن ۾ گڏيل قومن جي انساني حقن وارن ادارن ۽ آمريڪي ڪانگريس جي ڪجهه ميمبرن پاران پاڪستان ۾ سياسي قيدين، شهري آزادين ۽ جمهوري عمل بابت اٿاريل سوالن حڪومت کي دفاعي پوزيشن ۾ آڻي ڇڏيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ڳالهين جي آڇ حڪومت لاءِ هڪ سياسي ڍال جو ڪم به ڏئي سگهي ٿي، يعني اهو تاثر ڏيڻ ته حڪومت ٽڪراءَ بدران مفاهمت چاهي ٿي، ۽ جيڪڏهن سياسي ڇڪتاڻ جاري رهي ٿي ته ان جي ذميواري اپوزيشن، ۽ خاص طور تي پي ٽي آءِ تي ٿيندي. تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جو ڪردار، حڪومتي آڇ کي تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان پاران قبول ڪرڻ ظاهري طور هڪ سنجيده سياسي قدم آهي. گڏيل مخالف ڌر جي نائب صدر مصطفيٰ نواز کوکر موجب، ڳالهين جو مرڪز عمران خان جي آزادي يا ذاتي رليف نه، پر آئين جي بالادستي، پارليامينٽ جي ڪردار جي بحالي ۽ قانون جي حڪمراني جهڙا وسيع اصولي نُڪتا هوندا. هي موقف ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته گڏيل اپوزيشن پاڻ کي عارضي سياسي فائدي بدران هڪ نئين سماجي معاھدي (New Social Contract) جي داعي طور پيش ڪرڻ چاهي ٿي. پر هتي به هڪ بنيادي سوال موجود آهي: ڇا پي ٽي آءِ هن ايجنڊا تي متفق آهي؟
سياسي مبصرن جي اڪثريت ان نُڪتي تي متفق نظر اچي ٿي ته پاڪستان تحريڪ انصاف هن وقت وڏي تنظيمي ڪشمڪش جو شڪار آهي. هڪ طرف پارٽي جا ڪجهه سنجيده حلقا، جن ۾ جيل ۾ موجود اڳواڻ به شامل آهن، ڳالهين وسيلي سياسي رستو ڪڍڻ جا خواهشمند آهن. ٻئي طرف پارٽي جو جارحاڻو ڌڙو، جنهن کي سڌي طرح عمران خان جي حمايت حاصل نظر اچي ٿي، اڃا تائين مزاحمتي سياست ۽ اسٽريٽ پاور تي زور ڏئي رهيو آهي. اهو تضاد ان وقت کلي سامهون آيو، جڏهن ڳالهين جي خبر سان گڏ عليمه خان جو بيان سامهون آيو ته، جيڪو ڳالهيون ڪندو، اهو اسان مان نه هوندو، جڏهن ته ساڳئي وقت عمران خان طرفان سوشل ميڊيا تي احتجاجي سياست تيز ڪرڻ جا اشارا به ڏنا ويا آهن. حقيقت اها آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ آخري ۽ فيصلائتو اختيار اڃا تائين عمران خان وٽ ئي آهي. ڪجهه تجزيه نگارن جو خيال آهي ته وزيراعظم طرفان ڳالهين جي آڇ حڪومت جي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ جي ڪوشش آهي. انهن جو چوڻ هو ته ڪجهه وقت اڳ پي ٽي آءِ جا اڳوڻا اڳواڻ، جيڪي اڃا به پارٽي سان وابستگي ظاهر ڪري رهيا آهن، انھن ڳالهين جي شروعات جو اشارو ڏنو هو، پر ان معاملي ۾ به ڪا خاص اڳڀرائي نه ٿي سگهي هئي. ڊي جي آءِ ايس پي آر پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ قومي سلامتيءَ لاءِ خطري ۽ نئين ريڊ لائن جو ذڪر ڪيو، اھا فوج ۽ پي ٽي آءِ لاءِ ڪھڙي معنيٰ رکي ٿي؟ اھو سوال پڻ اھم آھي.
واضح رهي ته پي ٽي آءِ جي اڳوڻن اڳواڻن فواد چوڌري، عمران اسماعيل ۽ محمود مولوي آڪٽوبر ۾ اعلان ڪيو هو ته هو سياسي تلخي گهٽائڻ لاءِ ڌرين وچ ۾ ڳالهين جي شروعات لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. ان سلسلي ۾ انهن اڳواڻن لاهور ۾ شاهه محمود قريشي سميت پي ٽي آءِ جي قيدي اڳواڻن سان ملاقاتون به ڪيون هيون. انهن جو چوڻ هو ته ڳالهين جو هي عمل انتهائي پيچيده آهي ۽ ان کي نتيجه خيز بڻائڻ لاءِ تحريڪِ انصاف کي واضح ايجنڊا سان ان ۾ شامل ٿيڻ گهرجي. انهن موجب، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پي ٽي آءِ اندر هڪ اهڙو گروهه موجود آهي، جيڪو حڪومت سان ڳالهين جو خواهشمند آهي. واضح رهي ته پي ٽي آءِ جا اڳواڻ ميان محمود الرشيد، اعجاز چوڌري ۽ اڳوڻي گورنر پنجاب عمر سرفراز چيما کي نَوَ مئي جي مختلف ڪيسن ۾ سزائون ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته انهن ڪيسن ۾ شاهه محمود قريشي کي بري ڪرڻ جو عمل به جاري آهي. تجزيه نگار چون ٿا ته پي ٽي آءِ هن حڪومت جي وجود کي ئي تسليم نٿي ڪري، پر ان جي باوجود اسيمبلي ۾ موجود آهي. ساڳي وقت پارٽي اندر اها خواهش به موجود آهي ته ڳالهين ذريعي عمران خان لاءِ ڪو رستو هموار ڪيو وڃي.
انهن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪو معاهدو طئي ٿي وڃي ٿو ته عمران خان کان دستخط ڪرائڻ جي ذميواري محمود خان اچڪزئي تي هوندي. جيتوڻيڪ هن ظاهري طور ڳالهين لاءِ محمود خان اچڪزئي کي نامزد ڪري ڇڏيو آهي، پر هن عمل بابت هن اڃا تائين ڪا واضح لکت ۾ سياسي هدايت جاري ناهي ڪئي.
سياسي تجزيه نگارن موجب هي ابهام پاڻ پي ٽي آءِ لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن گڏيل اپوزيشن يعني تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان حڪومت سان ڪنهن نڪتي تي اتفاق راءِ تي پهچي ٿي ۽ پوءِ عمران خان ان معاهدي کي ويٽو ڪري ڇڏي ٿو، ته حڪومت ان صورتحال کي پنهنجي حق ۾ استعمال ڪري سگهي ٿي. نتيجي طور اهو تاثر مضبوط ٿيندو ته عمران خان مفاهمت بدران صرف ٽڪراءَ جي سياست تي يقين رکي ٿو. اهو به هڪ مضبوط امڪان طور ڏٺو پيو وڃي ته حڪومت، پي ٽي آءِ جي اندر موجود ورهاست مان فائدو وٺڻ چاهي ٿي. جيڪي حلقا ڳالهين جا حامي آهن، انهن کي اڳتي آڻي حڪومت جارحاڻِي سياست جي حامي گروهه کي اڪيلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿي. هن حڪمت عملي تحت ڳالهين جو عمل صرف نتيجا خيز معاهدي لاءِ نه، پر سياسي بيانيي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ به استعمال ٿي سگهي ٿو. ان حوالي سان اها ڳالھ به اهم آهي ته جيڪڏهن ڳالهيون ڪامياب به ٿين ٿيون، ته شروعاتي مرحلي ۾ عمران خان جي آزادي ايجنڊا جو حصو نه هوندي. ڳالهه ٻولھ آئيني سڌارن، شفاف چونڊن ۽ جمهوري اصولن تائين محدود رهي سگهي ٿي، جيڪي حڪومت لاءِ به فوري طور ڪنهن وڏي سياسي نقصان جو سبب ناهن.
پي ٽي آءِ جي سياست هن وقت ٻن متوازي رستن تي هلندي نظر اچي ٿي، هڪ طرف روڊن ۽ رستن تي لهڻ يعني احتجاج ۽ مزاحمت ڪرڻ جي تياري، ۽ ٻئي طرف ڳالهين جو مبهم عمل. هي ٻٽو رويو نه صرف پارٽي ڪارڪنن کي مونجهاري ۾ مبتلا ڪري رهيو آهي، پر اپوزيشن اتحاد لاءِ به مشڪلاتون پيدا ڪري رهيو آهي. سياسي تاريخ شاهد آهي ته جڏهن ڪا پارٽي واضح حڪمت عملي کان سواءِ ساڳئي وقت مزاحمت ۽ مفاهمت جو رستو اختيار ڪري ٿي، ته نتيجو اڪثر سياسي ڪمزوري جي صورت ۾ نڪري ٿو. مجموعي طور تي ڏٺو وڃي ته وزيراعظم طرفان ڳالهين جي آڇ اهڙي وقت آئي آهي، جڏهن سياسي عدم استحڪام، معاشي دٻاءُ ۽ بين الاقوامي تنقيد حڪومت ۽ اپوزيشن ٻنهي لاءِ چئلينج بڻيل آهن. جيڪڏهن هي ڳالهيون سنجيدگي، واضح ايجنڊا ۽ بااختيار قيادت سان اڳتي وڌن ٿيون، ته سياسي گرمي گهٽائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. پر جيڪڏهن هي عمل صرف سياسي پوائنٽ اسڪورنگ، تاثر سازي يا اندروني ورهاست مان فائدو وٺڻ جي مشق آهي ته ان جو سڀ کان وڏو نقصان جمهوري عمل ۽ عوامي اعتماد کي ٿيندو، جيڪو اڳ ئي سخت زوال جو شڪار آهي. فيصلو هاڻي پي ٽي آءِ ۽ خاص طور تي عمران خان جي هٿ ۾ آهي ته هو مزاحمتي سياست کي ئي واحد رستو سمجهي ٿو يا منظم، واضح ۽ اصولي ڳالهين جي عمل وسيلي سياست ۾ ڪو نئون باب کولڻ لاءِ تيار آهي. ڇاڪاڻ ته تاريخ اڪثر اهو ثابت ڪيو آهي ته پائيدار سياست نه بند ڪمرن ۾ ۽ نه ئي روڊن تي ڪامياب ٿي آهي ۽ اھا واضح فيصلن ۽ سياسي بالغ نظريي مان ئي جنم وٺي ٿي.