ڳالهين جي ٻئين دور جو فيصلو تهران جي هٿن ۾ آهي: جي ڊي وينس

ڳالهين جي ٻئين دور جو فيصلو تهران جي هٿن ۾ آهي: جي ڊي وينس

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي نائب صدر جَي ڊِي وينس چيو آهي ته ڳالهين جي ٻئين دور جو فيصلو تهران جي هٿن ۾ آهي،  ايران سان ڳالهين ۾ گهڻي اڳڀرائي ٿي، توقع آهي ته ايران آبنائي هرمز کولڻ لاءِ اڳڀرائي ڪندو، ايران ڪڏهن به جوهري هٿيار حاصل نٿو ڪري سگهي، هن چيو ته آمريڪا جون سموريون ريڊ لائينز انهي بنيادي اصول مان نڪرن ٿيون، ايران آمريڪا ڳالهين جو ڪريڊٽ وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير کي ڏيندي آمريڪي نائب صدر چيو ته ٻئي پاڪستاني اڳواڻ نهايت بهترين ميزبان ثابت ٿيا، هُنن حقيقي قيادت ۽ مدبراڻي صلاحيت جو مظاهرو ڪيو.