| ڳالهين مان ڪجهه حاصل نه ٿيو، لڳي ٿو اسيمبلي ۾ ويهڻ جا ڏينهن ٿورا بچيا آهن: بئريسٽرگوهر |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر علي خان قومي اسيمبليءَ ۾ خطاب دوران حڪمران جماعت جي قدمن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته لڳي ٿو اسان جي هن ايوان ۾ ويهڻ جا ڏينهن ٿورا بچيا آهن. هن چيو ته باني ڳالهين جو اختيار محمود خان اچڪزئي ۽ علامه ناصر کي ڏنو آهي، اسان ڳالهين جي گهڻي ڪوشش ڪئي پر ڪجهه نه ٿيو، سياسي مسئن جو حل به سياسي ئي ڳوليو ويندو آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته تحريڪ تحفظ آئينِ پاڪستان وسيلي جدوجهد جاري رکي ويندي، پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي بيان تي تنقيد ڪندي هن چيو ته لڳي ٿو ميان نواز شريف کي آزادي ملي وئي آهي. ميان نواز شريف چيو آڻيندڙن کي به سزا ڏيڻ گهرجي، ميان صاحب لاءِ ريڊ ڪارپٽ وڇايو ويو ۽ اُن وٽ وڃي بايو ميٽرڪ تصديق ڪئي وئي، جيل نه ويو ۽ ٻيهر مينڊيٽ ڏنو ويو. بيرسٽر گوهر چيو ته توهان اسان کان هڪ ئي سيٽ نه ورتي، پر اسان سڀني جون سيٽون کسيون آهن. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي جي يو آءِ جي ميمبر نور عالم خان چيو ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ امن و امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي، روزانو نوجوان شهيد ٿي رهيا آهن، پر گهرو وزير هن ايوان کي اعتماد ۾ نه وٺي رهيو آهي. پيٽروليم، بجلي ۽ اٽي جي قيمتن ۾ به مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، خيبرپختونخواهه ۾ نه سستو اٽو ۽ نه ئي سستي بجلي ملي رهي آهي. قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق چيو ته جيڪڏهن اين اي 18 جي نتيجن تي اعتراض آهي ته ٽريبيونلز م وڃو جيئن اسان ويندا هئاسين. اوهان جو ليڊر هندستان ۽ افغانستان سان ڳالهيون ڪرڻ جي صلاح ڏئي ٿو پر اسان سان اڃا تائين رابطو ناهي ڪيو اسپيڪر اياز صادق اقبال آفريدي جي ريمارڪس تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته آفريدي صاحب جيڪڏهن مائيڪ آن نه ڪيو ته ڇا ٿيندو، توهان گذريل اجلاس ۾ ڊپٽي اسپيڪر سان به بدسلوڪي ڪئي، مان ڪارروائي ڪندي ڪندي رڪجي ويس.