ڳالهين ۾ ڊيڊلاڪ: نواز شريف کي صورتحال کان آگاهي: لکت ڏيندا ته لکت ڏينداسين: رانا ثناءَ
جنوري 7, 2025
اسلام آباد: حڪومت ۽ تحريڪ انصاف جي ڳالهين ۾ ڊيڊ لاڪ، اسپيڪر آفيس سان اڃا تائين ڳالهين جي ٽئين دور لاءِ ڪنهن به ڌر رابطو نه ڪيو آهي، سينيٽر عرفان صديقي ن ليگ جي قائد نوازشريف کي سموري صورتحال کان آگاهه ڪري ڇڏيو، ذريعن جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف طرفان لکت ۾ مطالبا نه ڏيڻ ڏيڊ لاڪ جو ڪارڻ بڻيو، تحريڪ انصاف جا اڳواڻ اڄ پي ٽي آءِ باني سان ملاقات بعد لکت ۾ مطالبا ڏيڻ بابت فيصلو ڪيو ويندو، مطالبا مڃڻ تي تحريڪ انصاف کي لکت ۾ حڪومت سان معاهدو به ڪرڻو پوندو، بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ وارا زباني ڳالهيون چاهين ٿا، منهنجو خيال آهي ته پي ٽي آءِ لکت ۾ مطالبا ڏيڻ نٿي چاهي، رانا ثناءُالله چيو آهي ته ڳالهين جي ڪري 190 ملين پائونڊز جو فيصلو ملتوي ڪرڻ جو جواز ناهي، فيصلو ڇو ملتوي ٿيو اهو جج صاحب ئي بهتر ٻڌائي سگهي ٿو، پي ٽي آءِ تحريري مطالبا ڏيندي ته اسان به جواب لکي ڏينداسين، زباني ڳالهيون ٿينديون آهن ته اي کان شروع ٿي زيڊ تائين پهچنديون آهن، منهنجو خيال آهي ته عمران سان اڄ ملاقات ٿي ويندي، پي ٽي آءِ پاران پهريان قيدين پوءِ باني جي آزادي جو مطالبو ڪن ٿا.