| ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق، ٻي ملاقات جلد ٿيندي: تجزياڪار |
ڪراچي (م ڊ) سينئر صحافي ۽ تجزياڪار حامد مير دعويٰ ڪئي آهي ته ايران ۽ آمريڪا ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي ٻي ملاقات جلد ٿي سگهي ٿي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسلام آباد ۾ ٿيل ڌرين جي ڊگهين ڳالهين ۾ طئي ڪيو ويو ته هڪ ٻي ملاقات ٿيندي، ٻن هفتن جي جنگبندي تي اتفاق ڪيو ويو، ان ۾ واڌ لاءِ ڳالهيون ڪيون وينديون هن چيو ته ڳالهين ۾ ترڪي جو به اهم ڪردار رهيو. ٻي ملاقات جو فيصلو ڪيو ويو آهي تاريخ ۽ جاءِ جو اعلان بعد ۾ ٿيندو. هن چيو ته آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس ايراني وفد جي سربراهه باقر قاليباف سان ڳالهايو ۽ کيس چيو ته مون کي هن معاملي تي صدر ٽرمپ سان ڳالهائڻو آهي ان باري ۾ ميڊيا کي نه ٻڌائينداسين پر اسان جي ٻي ملاقات ٿي سگهي ٿي. اسلام آباد ۾ نتيجو نه نڪتو پر ٻيهر ملڻ تي اتفاق ڪري اٿيا آهن.