ڳالهيون ختم: ايڪشن ٿيندو، فساد جي پاڙ ڳجهو هٿ آهي، بشريٰ لاشن لاءِ آئي آهي، انقلاب نه رتو ڇاڻ چاهين ٿا: حڪومت

نومبر 27, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته احتجاج ڪندڙن سان ڪابه ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي. وزيراعظم سان ٿيل اجلاس ۾ ڳالهيون نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، احتجاج ڪندڙن کي اچڻو هو، انهن اچي ڏسي ورتو، انهن سان ڪنهن به قسم جي ڪا ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي. جاني، مالي نقصان جي ذميوار هڪ عورت آهي، اهي لاشون چاهين ٿا. پريس ڪانفرنس ڪندي گهرو وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان اسلام آباد جي شهرين کي تڪليف ڏيڻ نٿا چاهيون، انهن جي هٿن ۾ بندوقون آهن، اسلام آباد جا رستا ائين بند نه ڪيا ويا آهن. اهڙي صورتحال ۾ موبائل فون سروس بند نه ڪئي وئي آهي. اطلاعات واري وزير عطا تارڑ چيو ته حملي کي روڪيو ويو آهي. ڪنهن به قسم جون ڳالهيون نه ٿينديون ڪيسز عدالت ۾ آهن. هي بي بي لاش کڻڻ آئي آهي. هن چيو ته گوليون هلائڻ آسان آهي، رياست جي صبر کي نه آزمائڻ گهرجي، انهن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. هن چيو ته مظاهري ۾ افغان شهرين کي اڳيان بيهاريو ويو. مان عالمي ميڊيا کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته هي پرامن احتجاج ناهي، احتجاج ۾ ڏوهاري ۽ گهربل جوابدار به شامل آهن. گرفتار ڪارڪنن تي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، انهن جون ضمانتون نه ٿينديون. ميڊيا تي حملا ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ان کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلنگ ۽ تشدد ملڪ جي بدنامي آهي، اسان جون 4 شهادتون ٿيون آهن، ڪالهه 3 رينجرز ۽ گذريل ڏينهن 1 پنجاب پوليس جو جوان ڊيوٽي نڀائيندي شهيد ٿي ويا. ڪالهه اسان جا ٻه اي ايس پي، ايس پي به زخمي ٿيا، پنجاب پوليس جا اهلڪار به زخمي ٿيا، اسان ڪنهن به صورت ۾ جاني نقصان نٿا چاهيون، هنن هر شئي جو فائدو  کڻڻ جي ڪوشش ڪئي. گهرو وزير محسن نقوي چيو ته گذريل رات به ٻڌايو هو ته اسان هنن کي سنگجاني جي جاءِ جي آڇ ڪئي هئي، هنن ٻه ڀيرا راضپو ظاهر ڪندي چيو ته اسان سنگجاني طرف وڃي رهيا آهيون، اهي ڳالهيون به ڪن ٿا، وقت جو تعين به ڪن ٿا، پنهنجي قيادت کان پڇيو وڃي ته ڇا سنگجاني پاور فيصلو نه ٿيو آهي؟ انهن جي هڪ ڳجهي قيادت هر شئيِ تي ڪنٽرول ڪري رهي آهي ۽ باقي سڀ زيرو آهن. گهرو وزير چيو ته گولي جو جواب گولي ڏاڍو آسان هيو، آءِ جي کي چيو ته هاڻي اوهان جو اختيار آهي ته ڪيئن دفاع ڪرڻو آهي. اسان پنهنجي سمورن جوانن کي سپورٽ ڪنداسين. محسن نقوي وڌيڪ چيو ته اهي 3 کان 4 قافلا کڻي گڏ ڪيا آهن، انهن جو مک قافلو خيبرپختونخوا مان آيو هو، اهي سڀ خيبرپختونخوا مان آيا آهن، پنجاب مان ڪو به نه آيو آهي، جيڪي آيا آهن انهن جو بيڪ گرائونڊ اسان جاچ ڪرايو آهي. هن چيو ته خيبر پختونخوا حڪومت جا سمورا وسيلا استعمال ٿي رهيا آهن، آنسو گيس جا شيل عام ماڻهو کي نٿا ملن، هڪ آنسو گيس جو شيل 4500 اچي ٿو، آنسو گيس جا هزارين شيل استعمال ٿيا، اهي ڪٿان آيا؟ اهي سڀ ڳوڙها گيس جا شيل خيبرپختونخوا حڪومت طرفان فراهم ڪيا ويا آهن. گهرو وزير وڌيڪ چيو ته نقصان پاڪستان جو آهي، انهن جي سموري قيادت خونريزي ۽ تماشو نه ٿي چاهي، هڪ ڳجهو پٺيان ويهي سڀ ڪنٽرول ڪري رهيو آهي، ان ڳجهي هٿ جو ايجنڊا پاڪستان جو ايجنڊا ناهي، انهن جي قيادت کان ڳالهه ٻولهه ڪريو هو ڪجهه ٻڌائيندا ۽ اهو ڳجهو هٿ ڪجهه ٻيو ٻڌائيندو، فساد جي جڙ هڪ ڳجهو هٿ آهي. محسن نقوي چيو ته انهن جي قيادت به ڳالهائڻ چاهي پئي، اهو ڳجهو هٿ سڀني تي هاوي آهي.خبر ناهي ته هو ڪڏهن پارٽي کي ٽيڪ اور ٿو ڪري. ڳجهي هٿ جا ارادا ڪجهه ٻيا آهن، پي ٽي آءِ سان ڌوڪو ڪري ويندو،

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم محمد شهباز شريف سرينگر هاءِ وي تي مظاهرين پاران رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن جي گاڏي تي حملي جي سخت مذمت ڪندي رينجرز اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ انهن جي خاندانن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. وزيراعظم واقعي ۾ ملوث ماڻهن جي فوري نشاندهي ڪري کين سزا ڏيڻ ۽ حملي ۾ زخمي ٿيندڙ رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته نام نهاد پرامن احتجاج جي آڙ ۾ پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن تي حملا قابل مذمت آهن. انتشار پسند گروپ ڄاڻي واڻي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي نشانو بڻائي رهيو آهي. پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن کي شهر ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. سيڪيورٽي اهلڪارن جي خاندانن جي زندگين کي فسادين جي ذريعي تباهه ڪيو ويو. گذريل ڏينهن شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن ۽ ڪالهه شهيد ٿيل رينجرز اهلڪارن جي معصوم ٻارن ۽ خاندانن جو ذميوار انتشار پسند گروپ آهي. انتشار پسند گروهه انقلاب نه پر خونريزي چاهي ٿو، هي پرامن احتجاج نه پر شدت پسندي آهي. پاڪستان ڪنهن به انتشار ۽ خونريزي جو امتحمل نه ٿي سگهي. مذموم سياسي مقصدن لاءِ خونريزي ناقابل قبول ۽ انتهائي قابل مذمت آهي. مون سميت پوري قوم شهيد رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي.

Leave A Comment