| ڳالهيون نه ٿينديون، اسرائيل خلاف دفاع جو جائز حق آهي: حزب الله |
بيروت(م ڊ) لبناني مليشيا حزب الله چيو آهي ته اسرائيل جي خلاف دفاع جو جائز حق آهي ۽ لبنان ۽ اسرائيل جي وچ ۾ ڪنهن به سياسي ڳالهين کي اسان قبول نه ٿا ڪريون. حزب الله جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان هڪ دشمن جي خلاف پنهنجو دفاع ڪرڻ جي پنهنجي جائز حق جي تصديق ڪريون ٿا، جيڪو اسان جي ملڪ تي جنگ مسلط ڪري ٿو ۽ پنهنجا حملا بند نٿو ڪري. ان سان ڇو ڳالهيون ڪريون لبنان ۽ اسرائيل جي وچ ۾ ڪا به سياسي ڳالهه ٻولهه “قومي مفاد جي خلاف” هوندي.