ڳالهيون يا احتجاج: باني پي ٽي آءِ اختيار اچڪزئي ۽ ناصر عباس کي ڏئي ڇڏيا، مشاورت سان اڳتي وڌنداسين: سهيل آفريدي

ڳالهيون يا احتجاج: باني پي ٽي آءِ اختيار اچڪزئي ۽ ناصر عباس کي ڏئي ڇڏيا، مشاورت سان اڳتي وڌنداسين: سهيل آفريدي

جمرود(مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪي پي جي وزيراعليٰ سهيل آفريدي چيو آهي ته ڳالهين يا احتجاج جي فيصلي ڪرڻ جا اختيار باني پي ٽي آءِ  اپوزيشن اتحاد جي سربراهه محمود خان اچڪزئي ۽ علامه راجا ناصر عباس کي ڏئي ڇڏيا آهن ، ايندڙ حڪمت عملي لاءِ مشاورت بعد اڳتي وڌنداسين. جمرود ۾ جرڳي کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته محمود اچڪزئي ۽ علامه ناصر عباس تي اعتماد آهي، ٻئي اڳواڻ باني پي ٽي آءِ جي هدايت تي اپوزيشن اتحاد سان مشاورت ڪري رهيا آهن اسين سندن فيصلي جي انتظار ۾ آهيون. سهيل آفريدي چيو ته اپوزيشن اتحاد جي گڏيل مشاورت بعد حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو، جنهن بعد پي ٽي آءِ پاران ان فيصلي تحت ايندڙ حڪمت عملي جوڙي ويندي. هن چيو ته تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي قيادت جيڪو به فيصلو ڪندي پي ٽي آءِ ان سان گڏ بيهندي، عمران خان جي حڪم تي اسان روڊن تي اچڻ لاءِ سموري تياري ڪري ڇڏي آهي. ڪي پي جي وڏي وزير چيو ته وادي تيرا ۾ ڪنهن به آپريشن جي اجازت ناهي ڏني، افواهه ڦهلائي عوام کي ورغلايو پيو وڃي، مقامي ماڻهن کان زبردستي معاهدا لکرايا ويا آهن، جيڪو ڳڻتي جوڳو عمل آهي . هن چيو ته مون سان آپريشن بابت ڪنهن به رابطو ناهي ڪيو، جيڪڏهن ڪو معاملو آيو ته ضرور ڳالهائيندس، سمورا فيصلا آئين جي حدن ۾ رهي ڪيا وڃن