ڳالهيون ڳنوارن جون …  اٻاڻڪو ۽ اداس سنڌي سماج

                 بي حد خوبصورت سنڌ جي ٻهراڙين وارو سماج ظلمت، حرفت ۽ نفرت جي ڄار ۾ اهڙو ڦاسجي ويو آهي، جيئن ڪو پرامن پيهوڙي پکي مهاڻي جي ڄار ۾ ڦاسي ڦتڪي به نه سگهندو آهي. ان اٻوجهه ۽ اڻ ڄاڻ سماج جو ان کان به وڌيڪ دردناڪ مثال پئيون هڻندڙ پارهيڙي ماري شڪاري جي لقاءُ وانگر آهي. ٿيندو هينئن آهي جو پاڻيءَ ۾ ٽلي ٽلي سج لٿي مهل آڙين جو وڳر سيءُ کان بچاءَ ۽ آرام لاءِ ڍنڍ جي پن ۽ ڏير ۾ وڃي لڪندو آهي. ماري پنهنجي حرفت سان ان جي چوڌاري ڄار هڻي، پاڻ ڏير ۾ اندر هليا ويندا آهن. اتي وڃي هل ڪري پکين کي ٽاهه ڏياريندا آهن. پکي ويچارا ان پن ڏير کان ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ ان ڄار ۾ ڦاسندا ويندا آهن. اهي ماري سون جي تعداد ۾ ڦاٿل انهن آڙين جون جنگهون ۽ پر ڀڃندا رکندا ويندا آهن. اهو قيامت جو منظر هوندو آهي. چوڌاري پکين جون دانهون، آه و پڪار. نه اڏامي سگهن ۽ نه تري سگهن. پوءِ ماري پکين جون ڳوڻيون ڀري پنهنجن جهوپڙين ۾ کڻي ايندا آهن. ڳوڻين مان ٻاهر ڪڍي، جيڪي پکي گهٽ ۽ ٻٽ ۾ مري ويا هوندا، انهن جي سسين تي سير وجهي الڳ ڪندا ۽ جيئرا پکي ڌار ڪري، وڪڻڻ ڪاڻ موڪليندا. مئل پکيءَ جو ملهه ڪجهه گهٽ هوندو آهي ۽ جيئري پکي جو وڌيڪ. اهي کنڀڙاٽيون ۽ ڄنگهون ڀڳل جيئريون آڙيون جيترا ڏينهن نه وڪامن ۽ ڪسن، آهون ۽ پڪارون پيون پونديون آهن. بي پرواهه فطرت اهو سڀ تماشو ڏسندي ٿي رهي. مثال ته اڃان به گهڻا آهن.  انهن گگدام پکين وانگر بسمل ٿيل سنڌي سماج ڪهڙي ليکي ۾ لوڙي رهيو آهي، ان ڀاڳ اڀاڳ واري سبب جي سڀ ڪنهن کي خبر آهي پر ڪڇي ڪير؟ عدل ۽ انصاف جي ساهمي کڻي، ان جي هڪ پڙ تي ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، گهوٽڪي، جيڪب آباد، شڪارپور جي لکين ماڻهن جا درد رکو ۽ ٻئي پڙ تي انڊس ڊيلٽا جي لکين ماڻهن جا درد رکو، ته تور برابر بيهندي، نه ته به اٽل اتر پاسي واري پڙ ڏانهن هوندي.

1974ع ۾ مون ڪلاسيڪل وايون لکيون هيون.

پاهڻ پيا پيهون، گهوڙا پنهنجي گهر ۾،

هاڃا ڏسي هينئڙو، ڇڄي ٿيو ڇيهون….

هو جي ڦٽ فراق جا، ڪيڏو ڪالهه ڪريا،

هو جي ٻول ٻريا…..

تاج بلوچ “سوجهرو” جو هڪڙو سڄو پيج منهنجي شاعري کي ڏنو. ان ۾ انهن واين سان گڏ هي وائي به لکيل هئي:

تو جو ڀانيو ڀت، ريڍارن جو رت،

ٺاري ٺاري کائجن،

ٻوهر ٻونگر ٻاجهريون، سانگاڻين جو ست،

ٺاري ٺاري کائجن.

ميريون سيريون مورتيون، پنهوارن جي پت،

ٺاري ٺاري کائجن.

هوڙها هوڏي هوٿرا، موڙهي ڇو ٿئي مت،

ٺاري ٺاري کائجن.

منهنجي ان وائي کي وڏي پذيرائي ملي. شيخ اياز ان کي جيڪا مڃوتي ڏني، اها نسيم کرل، شمشير حيدري کان ويندي سائين محمد ابراهيم جويي تائين پهتي ۽ وئي وڌندي. منهنجون ٻيون وايون ان فڪري وائي جي بار هيٺان اچي Kill ٿي ويون. مونکان گهڻو اڳ اهڙي سماجي پٽ کوهه تي، “ڀنور ڀري آڪاس” ۾ شيخ اياز ڀٽائيءَ کي سڏڙا ڪندي لکيو هو،

ڀٽ ڌڻي، او ڀٽ ڌڻي، او منهنجا ڀٽ ڌڻي،

تنهنجو ڏيهه ڏڪاريل، جنهن ۾ ناهه قرب ڪڻي،

يا ….

منجهي پيا سڀ تنهنجا مانجهي، او منهنجا مهراڻ،

آءُ ڪپر تي ويٺو سوچيان، ڄاڻ هڻي ٿي ٻاڻ. (اياز)

جڏهن مانجهي منجهي پوندو آهي ته ڪشتي وچ سير ۾ ڦاسندي آهي. هڪڙي پاسي حد کان ٽپي ويل معاشي بي راهه روي ته ٻئي پاسي بدترين معاشي حالات. سڄو معاشرو سري سان کاڄي رهيو آهي. سنڌي سماج جي ٻيڙي وچ سير ۾ اهڙي ڦاٿي آهي، جو سڻائو واءُ ورڻ جون اميدون ۽ آسرا مخدوش ٿيندا پيا وڃن. هر طرف گهگهه اونداهي ڇانيل آهي. چيٽ، ڪتي اماس ئي اماس آهي. اڳي جڏهن سنڌ ۾ ڏاها ماڻهو رهندا هئا ته اوندهه انڌوڪار جو تصور مٽائڻ لاءِ اماس رات جو ڏڻ ملهايو ويندو هو. هر مهيني جي چنڊ جي 30 تاريخ چنڊ ظاهر ڪونه ٿيندو آهي. اڳي ان کي ڪاري اماس رات سڏيو ويندو هو. ان رات ڏيئا ٻاري جوت جاڳائي ڪاري رات کي سوجهاڪي ۾ تبديل ڪيو ويندو هو يا گهٽ ۾ گهٽ ان ڪاري ٻاٽ، اماسي رات کي سوجهري ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي هئي. ڏينهن ٿيڻ تي گهر دڪان ۽ گهٽيءَ جي صفائي ڪئي ويندي هئي. ان ڏينهن دڪان ۽ ڪاروبار به بند رکيو ويندو هو. ائين هر مهيني ٿيندو هو. اڄ اسين ڪاري اماس رات جهڙي ماحول ۾ جي رهيا آهيون. ان کي سوجهاڪي ۾ تبديل ڪرڻ جي نه سگهه رهي آهي نه ساڃهه.

جنهن معاشري ۾ صبح جي شروعات ڪوڙ ۽ ڪپت سان ٿئي، هر ملازم رشوت کي پنهنجي پگهار جو حصو سمجهي، اقربا پروريءَ کي حڪمراني جو نادر نمونو سمجهيو وڃي، هيروئڻ، شراب، گٽڪي ۽ آئيس جهڙا خطرناڪ نشا نياڻين تائين پهچي وڃن، معصوم ابهم ٻچڙن، نياڻين کي اغوا ڪيو وڃي، سڄي سوسائٽِي يرغمال هجي، سوچڻ فڪر ڪرڻ ۽ سچ ڳالهائڻ تي پابندي لڳل هجي، ان معاشري جو ڪهڙو حال هوندو؟

هيڏا دارو رسن، قيد ۾ فڪر و فن، زندگي بي ڪفن،

پنهنجو تن ۽ نه من، تابڪي بي دهن، ننڊ ۾ ديده ور

(مولانا غلام محمد گرامي)

سٺ سال اڳي جو ٿو سوچيان ته ماڻهن کي ڪيڏو آسرو هو ڏکئي سماج کي سک ۾ بدلائڻ جو. شهرن ۾ ورڪرز ۽ ليبر يونينون ٺهي رهيون هيون. ٻهراڙين ۾ هاري ڪميٽيون ڪم ڪري رهيون هيون. هارين ۾ حيدر بخش جتوئي جي هاڪ هئي. شاگردن ۾ جيئيم جيئيم پئي پئي. دنيا جا مزدور هڪ ٿي وڃو. اجهي ٿا هارين کي حق ملن. آجپي وارو گهوڙو سنجن سوڌو اجهو ٿو ماڳ رسي. ان دور ۾ نوڪريون ڪونه هيون. جي ٽي ايس جي ڪنڊيڪٽري به وڏي مان واري سمجهي ويندي هئي. جي ٽي ايس جا اعلا عملدار خليفو صاحب، رونجهو صاحب، محمد خان چاوڙو يونين ليڊرن جي نشاني تي هوندا هئا. استاد جمن حيدرآبادي، محمد بخش بلوچ ڦليلي وارو، حسن احمد شاهه هندستاني، ڪن جا صلاحڪار مير رسول بخش خان ٽالپر ۽ ڄام ساقي وارا

ته ڪن جا اعزاز نذير ۽ شميم واسطي وارا. سرخ انقلاب جا آسرا، اميدون ۽ ڏٽا. اجها ٿي جاگيرداري جهيڻي ٿئي. اجهو ٿو سرمائيداري نظام ڊهي پٽ پوي. هاري خوشحالي ماڻيندو. مزدور عيش ڪندو. بس اجهو اجهو ٿو اچي انقلاب. حيدرآباد شهر ۾ روز جلوس. هڪڙي طرف اشتراڪين جا نعرا فلانه ڪتا هاءِ هاءِ، داداگيري نهين چلي گي، آئي گا آئي گا سرخ انقلاب آئيگا. ٻئي طرف اسلام لائينگي، سرخون ڪو ڀگائين گي، مزدورون ڪو حق دلائين گي. ڪي سرخن جي صلاح ۾ ته ڪي اسلامي جميعتن جي جھوليءَ ۾. اسين اياڻا اڻ ڄان رونشي ڪوڏيا. ڪڏهن هڪڙي جي پويان ته ڪڏهن ٻئي سان گڏ. هلندي هلندي نيٺ اسين ٿڪل مسافر وانگر ٿڪجي، مايوسين ۾ ويڙهجي ويهي رهياسين. ڪاروان وقت ڏاڍ جي مٽي جي گرد و غبار ۾ غائب ٿيندو ويو ۽ اڄ ڏينهن تائين وري نظر ڪونه آيو.