ڳالهيون ڳنوارن جون … جاڳو جاڙيجا ….

جُولاءِ 24, 2023

 لطيف سائين سمن، ملاحن، جتن ۽ جاڙيجن جو ذڪر پنهنجي رسالي ۾ آبرو سان آندو آهي. سمن ڄامن جي سخا جي ساراهه ڪئي اٿس. ملاحن جي وڻج واپار، انهن جي سامونڊي سفر، تڙ بندر ۽ ٻيڙين جو ذڪر تفصيل سان ڪيو اٿس. جتن کي دعائون ڪيون اٿس. اوٺيئڙن ۽ انهن جي اٺن جي ذڪر سان رسالي جا سڄا سارا پنج سر ڀريا پيا آهن. هتي اسان جو مقصود جاڙيجن جو ذڪر ڪرڻ آهي، جن کي ڀٽائي هردم سجاڳ رهڻ جي صلاح ڏني آهي.

جاڳو جاڙيجا، سمان سک مَ سمهو،

پسو آن پاريا، لاکو ٿو لوڙيون ڪري. (لطيف)

                 جاڙيجا سنڌ ۽ ان جي جهولي وارن علائقن ڪڇ، ڀُڄ، سوراشٽر، ڄام ننگر، موروي ۽ گجرات ۾ اڄ به وڏي تعداد ۾ آباد آهن. جاگرافي جي لحاظ کان ڪڇ، ڀُڄ ۽ گجرات سنڌ جو حصو رهيا آهن. ڪڇ، ڪونجي جي رڻ ۽ ڪڇ واري وڏي سامونڊي ڇر (ڪوري نار) جي ڪري سنڌ کان ڇڄي ڌار ٿيل آهن. ڪڇ ۾ سنڌي ٻولي ڪڇي لهجي ۾ ۽ گجرات ۾ گجراتي لهجي ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. دنيا جو دستور آهي، ڏاڍ تي يا ڪنهن حادثي جي ڪري فزيڪل جاگرافي مٽائي سگهجي ٿي پر فطري جاگرافي جون حدون لساني جاگرافي جي حد تي ختم ٿين ٿيون. اهو ئي سبب آهي جو ڪنهن دور ۾ گڏ رهندڙ اهي علائقا، زماني جي حادثن جي ڪري ڇڄي ڌار جو ٿيا ته به ٻنهي طرفين ٻولي اها ئي سنڌي ڳالهائجندي رهي. ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻولي جي طاقت جو سرچشمو اهي بهادر قبيلا هئا، جن انتهائي ڏکين حالتن جو مقابلو ڪيو پر ڪنهن به ڌاري ٻوليءَ کي دخل انداز ٿيڻ نه ڏنو. پوءِ اها عربي هجي، فارسي، خراساني، انگريزي يا ڪا ٻي ٻولي. لکين لوڙائو گهلون چاڙهي، ڦري لٽي، ٻارڻ ٻاري هليا ويا. سنڌ جي اترين ڀاڱن تي عربي، فارسي ۽ انگريزي جو اثر ضرور پيو پر لاڙ، ٿر، ڪڇ، ڀڄ ويندي گجرات تائين سادڙن، ويساهه وسوڻل پر بهادر ۽ وير لوڪن انهن ٻولين جو اثر قبول ڪونه ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو جتن، جاڙيجن، ميربحرن، مهاڻن، ڪولهين، آسرن، اهيرن، ڪڇين ۽ گجراتين پنهنجي سنڌي ٻولي سنڀالي رکي. باقي لهجن جي مٽجڻ جو ٻولين جو پنهنجو فطري قانون آهي.

چاوڙن ۽ جاڙيجن جي وطن ڪڇ کي اڀيرديس جي نالي سان به سڏيو ويندو هو. اڀير، آسر يا اهير سنڌي قبيلو آهي. آريا جڏهن ڏکڻ هندستان طرف وڌيا هئا ته هن قبيلي هنن سان وڏيون ويڙهون ڏنيون هيون. آخر آريا غالب پئجي ويا پر ڪيترائي آسر يا اهير ايران طرف هليا ويا هئا. انهن جو پاڪ ڪتاب “زند اوستا” سنڌ جي ساک سان ڀريو پيو آهي. (ڪڇين جا قول ص 1) جيڪي آسر يا اهير ڪڇ ۾ رهجي ويا هئا، اهي اڄ به سنڌي ٻولي ڳالهائيندا آهن.

سائين ڀيرومل ڪتاب “قديم سنڌ” جي صفحي 166 تي لکن ٿا، “زند اوستا ۾ آسر جو اوچار آهر آهي. پارسي لوڪ ڀڳوان کي اهر مزد يا وڏو ديوتا سڏيندا آهن، جنهن يارنهن هنڌ خلقيا ۽ وهه ندي خلقي. اهو سنڌو ندي جو صفاتي نالو آهي.

وهه تک، واهڙ تک، جت نينهن تک نرالي (لطيف)

بندهش ۾ سنڌو ندي جو ٻيو نالو مهرا ڄاڻايل آهي. اهو لفظ اصل ۾ مهراڻ آهي. مهراڻ يا هاڪڙو يا واهندا اڀرندي ناري جي پيٽ مان وهي ڍوري پراڻ ۽ ڪوري کاري کان وهي، لک پت جي پريان ڪڇ جي نار ۾ وڃي ڇوڙ ڪندي هئي. لکپت جي ساريال پوک جو مدار ئي ان پاڻي تي هو.”

سنڌ جي ماڻهن جو ڪڇ ڏانهن اچڻ وڃڻ پيو ٿيندو هو. ٺٽي جا وڻجارا واپاري گهڻو ڪري هندو لوهاڻا هوندا هئا. ٺٽي کان ڪڇ ڏانهن وڃڻ لاءِ مغلڀين کان هلي، ڪوري ڪريڪ پار ڪري، ڪڇ جي نار تي پهچندا هئا. اتان سامونڊي ڪناري سان سفر ڪري ملبار ۽ سلون وغيره ڏانهن هليا ويندا هئا. ٿر کان ڪڇ ڏانهن وڃڻ لاءِ ٻي واٽ پاري نگر کان ويندي هئي. رستي ۾ ڪنجيءَ جو رڻ پار ڪرڻو پوندو هو. اهو اڻانگو سفر اٺن تي ڪبو هو. ٺٽي جا لوهاڻا ۽ جاتيءَ جا جت مال جي چري سانگي يا ڪنهن ٻئي بهاني پيا ڪڇ جا ڀيرا ڀڃندا هئا. ان کان علاوه ڪيترن راڄن، سگهڙن، شاعرن جا لڳ لاڳاپا هڪٻئي سان هئا، جن جو ذڪر سومار شيخ “ڪڇين جا قول” ڪتاب ۾ ڪيو آهي.

سنڌي عالم مسٽر محمد حسين پنهور پنهنجي ڪتاب “ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ” ۾ ڏنل نقشن ۾ ڪڇ پاسي جاڙيجا رياست جي الڳ ڊيمارڪيشن ڪئي آهي، جن نائين عيسوي صدي ڌاري اتي وڃي حڪمراني قائم ڪئي هئي. سنڌ جي ٻين عالمن جاڙيجن کي قديم نسل جا لوڪ ڄاڻايو آهي.

سائين ڀيرومل جاڙيجن بابت لکن ٿا، “ڪڇ جا جيڪي جاڙيجا حاڪم آهن، سي جاڙي ولد لاکي جو اولاد آهن، جو ننگر ٺٽي جي سمن راجپوتن مان هو. گرنارڪوٽ جو حاڪم راءِ ڏياج سنڌ جي چوڙا سمان راجپوتن مان هو. اهي پاسا راجپوتانا سميت سنڌ سان لاڳو هئا. (ص36) جيسلمير جا ڀٽي راجپوت سنڌ، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جا سمان راجپوت جادو ونسي ڪل مان هئا.” اڄ به هند ۾ رهندڙ جاڙيجا پاڻ کي جادو ونسي راجپوت سڏائيندا آهن، جيڪا چندرونسي جي شاخ آهي.

سنڌ جي ريتن روايتن مطابق ماڻهن جي سڃاڻپ ان جي علائقي يا شهر جي نسبت سان ڪئي ويندي آهي. جيئن ٺٽي جي پويان ٺٽوي، ٻني جي پويان ٻنوي يا مورو جي پويان مورائي. اهڙي طرح ڪنهن شخص ڪو ڪارنامو سرانجام ڏنو يا سريال ٿي گذريو يا ان جي ڳڻن، لکڻن جي ڪري، ان جي پويان “ڻي” ڳنڍڻ سان نک، پاڙو يا سڀ ڪاسٽ ٺهي، جيئن چاڪر پويان چاڪراڻي، مڱڻ پويان مڱڻاڻي يا قنبر پويان قنبراڻي سڏجڻ ۾ آيا. ڪن قبيلن ۾ وري “جا” جو لفظ ڳنڍڻ سان ان جي نسبت ٺهي. مثال طور اوڍو پويان اوڍيجا، سمي پويان سميجا، راهو پويان راهوجا سڏيا ويا. اهڙي طرح ڄام جاڙي جي نالي پويان هي قبيلو جاڙيجا سڏجڻ ۾ آيو. ان بابت لکيل اتهاس ۾ آهي ته، 8 عيسوي صدي جي آخر ۾ ٺٽي تي راڄ ڪندڙ لاکو گهرارو (پهريون لاکو) کي اٺ پٽ هئا. پهرين گهر واري مان انڙ ۽ ٻي گهر واري مان، جيڪا چاوڙا خاندان مان هئي، موڏ وڏا موڀي پٽ هئا. انڙ وڏو هو. تخت ڌڻي اهو بڻيو. ڪجهه ڏينهن پڄاڻا ڪن اختلافن جي ڪري موڏ پنهنجي گهڻ گهرن سميت لڏي پلاڻي مائتي خاندان چاوڙن ڏانهن ڪڇ هليو ويو. اهڙي طرح ٺٽي جي سمن ڪڇ ۾ پير رکيا. موڏ ارڏو هو. اتي سندس مامي وگهم چاوڙو، جيڪو اڀرندي ڪڇ جو حاڪم هو، سان اختلاف پيدا ٿي پيا ۽ وگهم مارجي ويو. ڪڇ ۾ موڏ جي حڪومت قائم ٿي. ان جي مرڻ کان پوءِ ان جي پونئير جي حڪومت هلندي رهي.

هوڏانهن ٺٽي ۾ رهجي ويل موڏ جي ڀاءُ ڄام انڙ جي اولاد مان ڄام جاڙو کي اولاد ڪونه ٿي ٿيو. هن پنهنجي ڀائٽي ڄام لاکو کي گادي جو وارث بڻايو. ڪجهه عرصي کان پوءِ ڄام جاڙي جي گهر واري کي پٽ ڄائو، جنهن جو نالو ڄام گهائو رکيو ويو. ڄام جاڙي حڪومت ورهائي ٻنهي کي راضي ڪيو پر ان جي وفات کان پوءِ سندس پٽ ڄام گهائو سموري حڪومت تي قابض ٿي ويو. ڄام گهائو جا سئوٽ ڄام لاکو ۽ لاکير پنهنجا ساٿي ساڻ ڪري ڪڇ هليا ويا. ڪڇ ۾ هنن چاوڙن سان ويڙهيون ڏنيون ۽  1203ع ۾ ڪڇ جو ڳچ حصو قبضي ۾ ڪري حڪومت ڪيائون. لاکيار وارو گادي جو شهر بڻايو ويو. ڄام لاکو ڪڇ واري پاسي لاکو جاڙاڻي مشهور ٿيو. هي تاريخ جو ٻيو لاکو هو.

ڊاڪٽر ايم ايڇ پنهور مسٽر وليم جو حوالو ڏنو آهي، جنهن جي لکڻ مطابق ٽي لاکا مشهور ٿي گذريا آهن. ٻن جو ذڪر مٿي اچي چڪو. هاڻ اچون ٿا لاکو ڦلاڻي تي. راءِ ڦل لاڏائو قبيلي جي هڪ سهڻي ۽ ڏاهي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي، جنهن مان لاکو جنميو، جيڪو اڳتي هلي لاکو ڦلاڻي مشهور ٿيو. ڀٽ ڌڻي هن ئي لاکي لاءِ چيو،

لاکا لک هئا، ڦلاڻي ڦير ٻيو،

آجا اوڏ ٿئا، پلئه لڳي جنهن جي.

لاکو جوان ٿيو، پنهنجي پيءُ راءِ ڦل سان اختلافن جي ڪري ڪڇ هليو ويو. انهلپاٽڪا جي چاوڙي سردار وٽ پناهه ورتائين ۽ اتان مشهوري ماڻيائين (ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ ص 194)

گجرات جي سولنڪي راجا مل راج (997،942ع) ڪاٺياواڙ ڪڇ تي چڙهائي ڪئي. هن سان راجا مارواڙ، راجا شيل پرشهه، رجا شري مال، راجا پرمار آبوبهاڙ، راجا گنگانه اتر گجرات ۽ راجا بنارس ساٿاري هئا. ٻئي طرف ڪاٺياواڙ جي راجا سان راجا لاکو (سورٺ) راجا سنڌو (ڪڇ)، راجا جاڙيجو ۽ ٻيا ننڍا راجا شامل هئا. جنگ لڳي، جنهن ۾ ڪڇ  ڪاٺياواڙ جا راجا مارجي ويا ۽ اهي علائقا مل راج جي ماتحت بڻيا. هڪ روايت مطابق لاکي ڦلاڻي 1035ع ۾ مل راج سولنڪي سان جنگ ڪئي هئي. هو 99 سال حڪمران رهيو.

جاڙيجا ايڏا ته بهادر هئا، جو جڏهن ڄام ستا جي نوان ننگر جو راجا ٿيو ۽ آزادي جو اعلان ڪيائين ته اڪبر بادشاهه فوج چاڙهي موڪلي. ڄام ستا جي دهلي جي فوج کي تاريخي شڪست ڏني. اهڙن مهاوير جاڙيجن تي ڪو پهر اهڙو به آيو جو ڀٽائي کي چوڻو پيو،

لاکا لک سڄن، ڦلاڻي ڦير ٻيو،

جنهن پر راڻا راڄئا، ڪوٽن منجهه ڪنبن،

جنهن جو جاڙيجن، ستي سئونچو نه لڳو.

…..

راءُ سين رٺاجي، تن جاڙيجن جاڙ ڪئي،

ڪيئن ماڙيندا سي، چوڏنهن چارو ڪڇڙو.

ورهاڱي وقت هند ۾ جاڙيجن جا 2300 ڳوٺ رڪارڊ ڪيا ويا هئا. اڄ به ڪڇ ڪاٺياواڙ گجرات، ڄام نگر ۽ مورلي وغيره جي علائقن ۾ جاڙيجن جا 57 کان مٿي پاڙا آباد آهن. جاگيرون مليل اٿن. نوابي ٺاٺ برقرار رکيو اچن. پنهنجي سنڌي ٻولي ڳالهائيندا آهن. هنن جو لباس، رسمون ۽ رواج ساڳيا آهن. سندن ساک برقرار آهي. راءُ يا راجا مهاراجا جي تاج پوشي وقت ٻين رسمن سان گڏ تلوار بازي جو شاندار مظاهرو ڪيو ويندو آهي.

Leave A Comment