اڳي جڏهن اداس ٿيندو هوس ته ٺٽي هليو ويندو هوس. ٺٽي ضلعي جا ٻه جابلو شهر يا ڳوٺڙا جهمپير ۽ جنگشاهي مونکي ڏاڍا وڻندا هئا. جنگشاهيءَ ۾ ٿري ڊاڪٽر دولت ڪوٽڙئي، پيار علي ۽ رحمت الله جوکئي وارن سان ريجهه رهاڻيون هونديون هيون. عوسن جمعدار ۽ قابل جوکيو ٻه ٽي ميل اتر طرف پنهنجن کيٽن تي پکڙا اڏيو ويٺا هوندا هئا. شڪار جي بهاني انهن وٽ به وڃي رات رهبي هئي. چاڙها پچاڙا ٿيندا هئا. خوشين ۽ کلڪارين ۾ راتيون وهائي پرڀات ڪبي هئي. وري جي خانو جوکئي پارن جي ور چڙهبو هو ته، موٽر سائيڪل تي جنگشاهيءَ مان کڻي مارو، چينگهو، لوٽ ماڻ، ساڏورو، اتان کان ڪارو ارو، مال ماڙي، ڀاڏ، ٺڪر، ڪيريو، مرئو، سڄي جبل جا پٽ لتاڙي پوءِ واپس اچي هٿ ڪڍندو هو. وسڪاري ۾ وهنديءَ جون ٿڌيون هوائون. کنڀين جون ٻوڙون، مليرڙي جا کٽا، ڳاڱيون، منگها، ڏوٿيئڙا ڏٿُ ميڙي آڻي اڳيان رکندا هئا. ٻهراڙيءَ جي ماڻهن سان اهي ميلا ۽ مجلسون هاڻ ماضِيءَ جا داستان بڻجي چڪا هئا. هاڻ سڀ ڪجهه ختم ٿي چڪو هو. نه کيٽ رهيا نه کرا. ماڻهو لڏي پلاڻي الائي ڪهڙي ڀونءِ ڀڻي ويا. جنگشاهي هاڻ اها نه رهي هئي. گهڻا ماڻهو مڪلي، داٻيچي ۽ ٻين شهرن ڏانهن لڏي ويا. ڪيچي ڪڻو ڪڻو ٿي ويا.
دل سٽ کائيندي هئي ته جنگشاهيءَ کان ريل گاڏيءَ تي چڙهي وڃي جهمپير لهبو هو. کجين جي خوبصورت باغن ۾ ويڙهيل، دلفريب نظارن واري هن شهر کي ڏسندي ئي اکيون ٺري پونديون هيون. جابلو لوڪن سان ڀريل ننڍڙي بازار مان ٿي، ڪينجهر جي ڪنڌيءَ تي وڃي ويهي رهندو هوس. تڙ تي بيٺل ٻيڙيون، ملاحن جا ڪارڙا ڪوجهڙا پر مرڪندڙ مهانڊا، مڇي ۽ پکين جون ٻيڙيون ڀري آڻي تڙ تي بيهاريندا هئا. مولديءَ جي ماڇين ۽ مهاڻن سان ڪچهريون ڪري سارو ڏينهن روح ريجهائي شام جو حيدرآباد کان ايندڙ ريل گاڏيءَ ۾ چڙهي واپس وڃي جنگشاهي لهندو هوس. صبح جو سوير جنگشاهيءَ مان لاريءَ تي چڙهي وڃي مڪلي لهبو هو. ٻي سواري ڪانه هئي، فقط جي ٽي ايس جون سرڪاري لاريون هلنديون هيون. ڇا ته مڪليءَ جا دلفريب نظارا هوندا هئا. ڪٿان موٽر سائيڪل هٿ ڪري ساموئيءَ کان ڪلان ڪوٽ تائين مقبرا، رانڪون، اجڙيل گمنام قبرون ڏسندو وڃي ڪلان ڪوٽ پهچندو هو. مڪليءَ کان غلام الله ويندڙ رستي سان ٽن ڪوهن جي پنڌ تي، رستي جي کاٻي پاسي ڪلان ڪوٽ جا آثار موجود هئا. مون 1966ع ۽ 1981ع ۾ ٻه ڀيرا سرزمين تي هلي وڃي هن ڪوٽ جا آثار ڏٺا. وسيع ايراضيءَ تي ڊٿل ڪوٽ جي ديوار جا نشان موجود هئا. سرن جا ٽوٽا ٽڙيل پکڙيل هئا. اندر قلعي منجهه به پڪين سرن جا وڏا ڍير پيا هئا، جن مان ائين لڳي رهيو هو ته اتي ڪنهن دؤر ۾ جايون اڏيل هيون. شهر ڏاڍو خوبصورتي سان اڏايو ويو هو. شهر جي وچ ۾ مسجد شريف جا آثار هئا. ان جي اولهه ۽ ڏکڻ طرف کان تلائن جا نشان موجود هئا.
قلعي جي قدامت بابت مرزا قليچ بيگ جن لکن ٿا ته، “هي ڪوٽ سيوهڻ جي قلعي جيترو قديم آهي. سڪندر مقدونيءَ جي دؤر ۾ به موجود هو. هن جو نالو ڪلياڻ ڪوٽ هو يعني امن آرام ۽ راحت جي جاءِ.” هڪ ڊگهي خاموشيءَ کان پوءِ وري سومرن جي دؤر جي هڪ روايت ملي ٿي، جنهن مطابق، سومرن جي گاديءَ واري شهر محمد طور جي تباهه ٿيڻ کان پوءِ سومرا حاڪم ڪجهه عرصي لاءِ ڪلان ڪوٽ ۾ اچي رهيا. مير علي شير قانع تحفته الڪرام جي صفحي 461 تي هن قلعي کي سمن ڄامن جي دؤر جو ڄاڻائي ٿو. لکي ٿو، “سما ڄام انهيءَ ۾ (مڪلي جي ٽڪري تي) ڪيتريون عجيب جايون يادگار طور ڇڏي ويا. جهڙوڪ “تغلق آباد” عرف ڪلان ڪوٽ جو قلعو، جو باوجود ڊهي وڃڻ جي، اڄ به خاص روح ۽ سرور سان اهل دل جي لاءِ قوُت ۽ قُوت آهي. ان جي جامع مسجد اڏاوت جي خيال کان ٺٽي جي وڏي جامع مسجد کان ڏيڍوڻي ڏسڻ ۾ اچي ٿي.” هن قلعي کي تغلق آباد به سڏيو وڃي ٿو. سمي ڄام تغلق هن قلعي جي مرمت ڪرائي هئي. ڪن جاين جڳهين جي مرمت ڪرايائين ته ڪي نيون تعمير ڪرايائين. ان حوالي مان ظاهر ٿئي ٿو ته هي قلعو سمن ڄامن جي دؤر کان آڳاٽو آهي. هن قلعي جا نالا مختلف دؤرن ۾ تبديل ٿيندا رهيا آهن. مثال طور، ڪلاڪوٽ، ڪلياڻ ڪوٽ، تغلق آباد، ڪلان ڪوٽ، طغرل آباد. مغل دؤر جي هڪ امير طغرل بيگ قلعي جي مرمت ڪرائي ته نالو ڦيرائي رکيائين طغرل آباد. خوبصورت ٽڪريءَ تي واسري تي اڏيل هي سهڻو ڪوٽ ۽ شهر جنهن به اڏايو، ان جي ڏاهپ داد لهڻي. هي قلعي ايڏو ته مضبوط هو جو، خان خانان جڏهن ٺٽي تي چڙهائي ڪئي ته، مرزا پائنده بيگ ٺٽي شهر کي باهه ڏياري ساڙائي، سڄو شهر لڏائي آڻي ڪلان ڪوٽ جي قلعي ۾ پناهه ورتائين.
Mirza Kaleech Beg, a History of Sindh P-113
اهو قلعو اورنگزيب جي زماني تائين آباد هو. اندر قلعي ۾ ۽ ان جي ٻاهران تلاءُ، سهڻا سهڻا باغ، وڻڪار ۽ ساوڪ سبزي هئي. واهوندي جي فرحت بخش هوائن جون هيرون پيون گهلنديون هيون. مغلن جو زور ٽٽڻ کان پوءِ آهستي آهستي هي قلعو ڦٽڻ لڳو. مرزا قليچ بيگ قلعي جي تباهه ٿيڻ جو سبب باهه لڳڻ ڄاڻايو آهي. مرزا صاحب لکن ٿا ته، “ستر اسي ورهيه ٿيا، جو انهيءَ قلعي منجهان کوٽائي ڪندي سڙيل ڪڻڪ هٿ آئي هئي.”
مير علي شير قانع هن قلعي جو بيان طغرل آباد جي عنوان سان مڪلي نامه فارسي نسخي جي صفحي 72 کان 96 تائين، پنهنجي لاثاني نثر ۽ نظم ۾ ڪيو آهي. چند سٽون پيش خدمت آهن.
زمين طغرل آباد، عشرت بنياد ڪه خاڪش،
سيراين برڪشمير تفوق دارد، وهوا يش بشادابي،
برابر مطهر سبقت مي آرد، صبحش را سورت “والشمس”،
تفسير، وشبش را،“آيات نور” تعبير.
يا وري جي ڏسو:
نظارها شيدابود دل را سر سودابود،
“قانع” تمنا هابود مر سر “تغرل آباد” را،
قلعي جي اتر طرف “اگهور” تلاءُ موجود هو. ان جي تعريف ۾ مير صاحب فرمائين ٿا:
چه گويم وصف آن تالاب شيرين،
ڪه شير جوي فرهادش بود طبن.
1981ع ۾ آئون ٺٽي ۾ رهندو هوس. اگهور تلاءُ سلامت هو. مختيار شاهه باغائي ۽ حمزي پٺاڻ سان گڏجي مڪليءَ جي ڪور ۾ پاڻيءَ جي ڊهن تي شڪار لاءِ ويندو هوس. اگهور تلاءُ ۾ روهاڪي پکي لهندو هو. پاڻي ڪٿي ڇاتي ته ڪٿي سٿر جيترو هوندو هو. حمزو پٺاڻ قد جو ڊگهيرڙو هو. پاڻي ۾ لهي وڃي آڙين کي ڌڪ هڻي ايندو هو. تلاءُ جي پاسي ۾ ٽارا، ڏير ۽ ڪل هئي. منظر ڏاڍو سهڻو لڳندو هو.
مڪلي جي ٽڪري لڳ ڀڳ ڏهن ڪوهن ۾ ٿيندي. مير علي شير قانع مڪليءَ جي شاندار ٽڪريءَ تي 1174هه ۾ بوستان بهار نالي هڪ لاثاني قصيدو لکيو، جنهن کي مڪلي نامه جو نالو ڏنائين. هن قصيدي ۾ ساموئي کان وٺي ڪلان ڪوٽ تائين مقبرن، مزارن، تلائن جي نشاندهي سان گڏ ٺٽي جا معاشرتي حالات بيان ڪيل آهن. پاڻ لکن ٿا هي زمين زمرد جي کاڻ ۽ ياقوت جو جبل آهي. هر طرف روح کي راحت بخشيندڙ چشمه ۽ تلاءُ آهن. دل لڀائيندڙ وڻڪار ۽ سبزه زار آهي. ٺٽي ۽ مڪلي جي وچ تي جيڪو پاڻي آهي ان تي ٻيڙيون هلي رهيون آهن. انهن تي هار سينگار ڪيو حسين ترين عورتون نظارا پسڻ لاءِ اچي رهيون آهن. وڻڪار جي هيٺان سهڻا ڳڀرو شهزادا تنبور وڄائي رهيا آهن.انهن حسينن کي ڏسڻ جي لاءِ نظرباز نوجوان به لامارا ڏيئي رهيا آهن. ڊگهن ۽ گهنڊي دار وارن واريون پاڪ باز سهڻيون عورتون مزارن تي اچي باسون ڏيئي رهيون آهن. مزارن تي ميلا لڳن ٿا، انهن تي مرد توڙي عورتون شريڪ ٿي مسرتون ماڻي رهيون آهن. وغيره وغيره.
جڏهن آئون هي سٽون لکي رهيو آهيان، مڪلي جو اهو اوج ۽ اقبال زوال پذير آهي. مقبرا ۽ رانڪون، جتي وڃڻ سان روحاني سڪون ملندو هو، زمين دوز ٿي ويون آهن. نه اهي ميلا ۽ ملاکڙا، نه ماڻهن جا ميڙ. سڃ پئي واڪا ڪري. قبرون ڊاهي رستا ٺاهيا ويا آهن. قيمتي پٿر ۽ ڪتبا غائب آهن. مڪليءَ جو قبرستان اڄاڙ، ويران، برباد ۽ خسته حالي جو شڪار ٿي چڪو آهي. قبضه گيرن طرفان گهرن ٺاهڻ جي بهاني مڪليءَ جي کناکيڙ جاري آهي. مڪلي هاڻي گند جي ڍير ۾ تبديل ٿي چڪي آهي، جنهن مڪليءَ جي ٽڪريءَ کي مير علي شير قانع ڪوه طور سان تشبيه ڏني هئي ۽ بهشت جو ٽڪرو سڏيو هو، اها هاڻ دوزخ جي دونهين ۾ تبديل ٿيندي پئي وڃي.