پيٽ قوت جي پٽ کوهه ۾، جي ٽي ايس جي ننڍڙي پتڪڙي نوڪري دوران سنڌ جي مختلف شهرن جو مشاهدو ڪرڻ جو موقعو مليو. حيدرآباد هيڊ ڪوارٽر هو. ڪراچي، سکر، ميرپورخاص، ميرپور بٺورو، بدين، ٺٽو، سجاول، ساڪرو، دڙو، سانگهڙ، نوابشاهه، سن، ڀان سعيد آباد ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ لاري ڪاهي وڃي رات رهبي هئي. هر علائقي جي ماڻهن جو پنهنجو مزاج، پوشاڪ، ٻوليءَ جو لهجو ۽ ٻيون ريتون رسمون الڳ هيون. لاڙ جو مزاج ٿڌاڻ وارو ۽ اتر جو تيز و تند هو. سونهن ۽ سڃائي البت هر علائقي ۾ هڪجهڙي هئي. اتر جو ماڻهو اڇيرڙي ۽ لاڙي ماڻهون سانوري پڪيرڙي رنگت وارو هئڻ جي باوجود، منهن مهانڊي جي ملوڪيت ۽ جاذبيت هڪجهڙي ۽ وڻندڙ هئي. اڃان به سانورو رنگ وڌيڪ نيمڪ وارو هو. اتر پاسي وارو ماڻهو صحتمند ۽ سڪمو ڏسڻ ۾ ايندو هو. ۽ لاڙ جو ماڻهو اڀرو، اٻاڻڪو ۽ اوليل لڳندو هو. اتر طرف عورتن جي پوشاڪ ۾ پيلو ۽ ڳاڙهو رنگ پسند ڪيو ويندو هو. ۽ لاڙ پاسي اڪثر نيري رنگ وارا ڪپڙا پاتل ڏسبا هئا. نيرو ۽ ڪارو رنگ غم ۽ اداسائي جو اهڃاڻ آهن.
ڪارا رڱج ڪپڙا، ادا نيروٺي (لطيف)
جي ٽي ايس جي شاندار اداري جي جوڙ جڪ ڪجهه هن طرح هئي. اداري جا ٻه وڏا ڊپو هئا. هڪڙو حيدرآباد ۽ ٻيو سکر ۾ هو. انهن جا سربراهه ڊسٽرڪٽ مينجر سڏبا هئا. انهن جي ماتحت ڊپٽي ٽريفڪ مينجر ۽ اسسٽنٽ ٽريفڪ مينجر جي عهدي وارا آفيسر هئا. ورڪشاپ جو انچارج ورڪس مينيجر سڏبو هو. حيدرآباد وڏو ڊسٽرڪٽ هو، جتي 300 کان مٿي بسن جي فليٽ هئي. جن مان ٽيهارو کن بسون حيدرآباد شهر ۾ لوڪل هلنديون هيون. سکر ڊسٽرڪٽ کي 200 کان مٿي بسون هيون. ان کان علاوه سنڌ جي ننڍن شهرن ميرپور خاص، سانگهڙ، نوابشاهه، مورو، ٺٽو، ڪراچي، لاڙڪاڻو، دادو ۾ ننڍا ڊپو هئا. هر ڊپو کي گهٽ وڌ پندرنهن کان ويهه بسن جي فليٽ هئي. انهن جي انچارج کي اسٽيشن سپرنٽنڊنٽ سڏيو ويندو هو. اتي ڪنڊيڪٽر، ڊرائيور، چيڪر ۽ ورڪشاپ جو عملو موجود هو. انهن کان علاوه ننڍن شهرن ۾ بڪنگ آفيسون موجود هيون، جتي پڻ عملو مقرر ٿيل هو. صبح جو پنجين وڳي کان جي ٽي ايس جي سروس شروع ٿي ويندي هئي. وڏن ڊيپوئن ۽ سنڌ جي ننڍي وڏي شهر ۾ رات جو ترسيل لاريون، صبح مان سوير مختلف روٽن تي هلي پونديون هيون. سنڌي ماڻهن جي لاءِ هي سستي سواري هئي. نئين نسل جي معلومات لاءِ ان دؤر جي ڀاڙن جي فهرست ڏيندو هلان. حيدرآباد کان مورو پنج روپيا، حيدرآباد کان سکر ڏهه روپيا، مورو کان سکر پنج روپيا، حيدرآباد کان ڪراچي ڇهه روپيا ٽيهه پئسا، حيدرآباد کان هالا پوڻا ٻه روپيا، حيدرآباد کان ميرپور خاص ٻه روپيا، حيدرآباد کان بدين ٽي روپيا پندرنهن پئسا، حيدرآباد کان ٺٽو ٽي روپيا پندرنهن پئسا ڀاڙو هو. اهڙي طرح پنج پئسا في ميل جي حساب سان ڀاڙا مقرر ٿيل هئا. اوهان کي اها ڳالهه به ٻڌائيندو هلان ته کاڌي پيتي جي به سستائي هئي. ٻه آنا چانهه جو ڪوپ، ٻه آنا ماني، اٺ آني کان ٻارنهن آني تائين ڀاڄي جي ٻوڙ ملندي هئي. ٽرانسپورٽ ۾ جيڪو روڙو لڳندو هو يا ڪڌي ڪمائي ٿيندي هئي، ان کي بي ٽي سڏيو ويندو هو. ڪنڊڪٽر ۽ ڊرائيور ان ۾ ڀاڱي ڀائيوار هوندا هئا. ڪجهه آفيسرن ۽ عملي کي به رسائي ڪرڻي پوندي هئي. منهنجي اهڙين ڳالهين ۾ دلچسپي ڪانه هئي. نتيجي ۾ ڳجهن رپورٽن آڌار، مونکي نوڪريءَ ۾ ڇهه مهينا به ڪونه ٿيا هئا جو منهنجو پروموشن ڪري انسپيڪٽر مقرر ڪيو ويو. نئين جوڙجڪ ۾ ان عهدي جو نالو ٽريفڪ اسسٽنٽ رکيو ويو. ان عهدي وارن جي پگهار 125 روپيا ماهوار هئي. حيدرآباد کان بدين روٽ تي هلندڙ لارين جي چيڪنگ جو آرڊر مليو. آئون ڪا رات ٽنڊو محمد خان يا ماتلي ته ڪا بدين ۾ وڃي رهندو هوس. ٻهراڙي جا ماڻهو غربت ۽ بيوسي جي جهان ۾ جي رهيا هئا. ڪڻڪ ته ڏهه روپيا مڻ ملندي هئي پر ڏهه روپيا به هجن ته خريد ڪجي. گهڻو ڪري چانور پوکيو ۽ کاڌو ويندو هو. رتڙيا، سڳداسي، موتيا، ججهائي ۽ جيرائي جنسون پوکجڻ ۾ ڪونه ٿي آيون. شايد مڻ ڪتي نه لهڻ جي ڪري يا ڪو ٻيو سبب هو انهن جا ٻج ئي ختم ٿي چڪا هئا. هاڻ ڪانبرو، ڪانگڙو، ڳاڙهو، ۽ کارائي گنجا جنسون پوکيون ٿي ويون. زمينون سڀ ڪلر ۽ سم ۾ ورتل هيون. ماڪ تمام گهڻي پوندي هئي. ڏينهن جو ٻارهين وڳي تائين ماڪ ڪانه سڪندي هئي. هلندي پير گپ ۾ ڀرجي ويندا هئا. گولاڙچي ۽ ڪن ٻين علائقن ۾ جتي سيٽلر پنجاپي اچي آباد ٿيا هئا، البت پوکي راهي جا سڌريل طريقا آزمايا پئي ويا.
زمينون سرڪاري هيون. ون يونٽ واري ويسٽ پاڪستان جي دؤر ۾ سنڌ ۾ هڪڙي اسڪيم متعارف ڪرائي وئي. جنهن وٽ ٽريڪٽر پنهنجو هوندو ان کي هڪ سئو پنجاهه ايڪڙ زمين الاٽ ٿيندي. صوبائي حڪومت جو هيڊڪوارٽر لاهور ۾ هو. اتي آساني سان بينڪ مان قرض تي ٽريڪٽر وٺي، سنڌ ۾ اچي زمين الاٽ ڪرائي، اتي ئي سيٽل ٿي چڪ ۽ ڳوٺ اڏيا پئي ويا. ۽ آباديون وڌيون پئي ويون. گولاڙچي شهر نئون ٻڌجي رهيو هو. ان جي آسپاس به نيون وسنديون قائم ٿي رهيون هيون. ساڪرو تعلقو، نوابشاهه ضلعو ۽ سانگهڙ وارا چڪ ان جا ٻيا مثال هئا.
سم ۽ ڪلر واري زمين کي مٺو ڪري آبادي لاءِ بڻائڻ لاءِ، هي طريقو استعمال ڪيو پئي ويو. پاڻي گهڻو هو. زمين کي سنوت ۾ آڻي، وڏا ٻنا ٻڌي، پاڻي سان ڀرائي ڇڏبي هئي. ٽي ڏينهن پاڻي بيهاربو هو ته سلٽ ڇڻي آٺرجي زمين جي تهه تي پوندو هو. پوءِ اهو کارو پاڻي سم نالين وسيلي نيڪال ڪري وري نئون سلٽ وارو پاڻي زمين ۾ ڇڏبو هو. اهو عمل پنج ڇهه ڀيرا ڪرڻ سان زمين جي کٽاڻ ۽ لوڻ نڪري ويندو هو. زمين ڌوپجي ويندي هئي ۽ ان جي مٿان سلٽ جو طاقتور تهه ڄمي ويندو هو. ٽريڪٽر سان کيڙي ڪري پهريائين جنتر پوکبو هو. اهو چيلهه جيترو ٿيندو هو ته هر ڏيئي ان کي زمين ۾ ملائي ڇڏبو هو، جيڪو ڀاڻ بڻجي ويندو هو. ان صاف ٿيل زمين ۾ چانورن جي نئين جنس ايري ڇهه يا ٻي جنس ويهر ڪبي هئي. زمين به ٺهي ويندي هئي ۽ اناج به گهڻو لهندو هو. اڳتي هلي ٽنڊو محمد خان ۾ فوجي شوگر مل ٺهرائي ڪمند پوکڻ جو رواج وڌو ويو. ڪمند ڪيش ڪراپ هو. ان مان آبادگارن کي جهجهو اپراسو ٿيڻ لڳو. نتيجي ۾ پنجاپي آبادگار جاوا ڪرڻ لڳو.
سنڌي ماڻهن جي اڪثريت وٽ زمينون ڪونه هيون. هر هاري هئا يا مڇيءَ مار ۽ کايار هئا. هاري اٽي جي سير ۾ ۽ مهاڻو مڇي جي ڍينڍ ۾ جهليو پيو هو. عام ماڻهو کي ٿاڻي ۽ مختيارڪاري تائين به رسائي ڪانه هئي. ڳوٺ جو وڏو يا سريال باهمي فيصلا نبيريندو هو. انهن کي اها به خبر ڪانه هئي ته ون يونٽ ڪهڙي بلا جو نالو آهي، جنهن جي خلاف ڳالهائڻ تي وات ڳاڙها موچڙا پيا کائين ۽ پوڙها جيلن ۾ واڙيا پيا وڃن. عام ماڻهو کي ڪرڻ لاءِ ڪجهه به ڪونه هو. هوٽلن کلڻ جو رواج وڌي ويو هو. جتي ماڻهو سڄو ڏينهن واندا ويهي مارڪي ۾ مشغول ڏسڻ ۾ ايندا هئا. چانهه جو ڪوپ ته ٻه آنا هو پر اهي ٻه آنا به ڪونه هئا. گهڻو ڪري اوڌر تي چانهه پي ڊاڙا ٺڪا هڻي تاش راند ڪڏي شام جو گهر اچبو هو، جتي مائرون اوسيئڙي ۾ هونديون هيون ته ٻچڙا نيرانا گهران نڪتا هئا، بکئي پيٽ ڏينهن ڪيئن گذريو هوندن.
اها هئي ستر واري ڏهاڪي جي، سنڌ جي لاڙ واري پاسي جي سماجي صورتحال. لارين تي لامارا ڏيندي، ڏکين ۽ بکين ماڻهن کي ڏسندي، مايوس ٿي شام جو موٽي اچي ڪنهن نه ڪنهن شهر ۾ رات بسر ڪبي هئي ۽ صبح جو ساڳي هلوتاڻي شروع ٿي ويندي هئي.