مڙس ۽ ڀاڙئي جي خبر پڙ تي پوندي آهي. 1956ع ۾ اسيمبلي ۾ ون يونٽ جي مخالفت سڄي سنڌ مان فقط ٻن ميمبرن ڪئي. هڪڙو هو عبدالحميد خان جتوئي ٻيٽي وارو ۽ ٻيو هو مير غلام علي خان ٽالپر ٽنڊي محمد خان وارو. ٻئي ڏاڍا ڀلا، مڙس ماڻهو، سنڌ جا سچا سڄڻ ۽ سڄاڻ. هوڏانهن پير علي محمد راشدي ۽ محمد ايوب کهڙو ون يونٽ قائم ڪرڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي مان قرارداد پاس ڪرائڻ ۾ ڪامياب ته ويا پر پوءِ اها ون يونٽ نه رڳو پاڪستان جي ننڍن صوبن لاءِ پر مرڪز لاءِ به مٿي جو سور بڻجي پئي. ٻن سالن کان پوءِ سال 1958ع ۾ ايوب خان ملڪ ۾ مارشلا هڻي حالتن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. حڪومت هلائڻ جو ڏانءُ پٺاڻ کي واهه جو هو. سنڌ مان ٻه انتهائي قابل پڙهيل لکيل قانوندان چونڊي پنجاب وٺي وڃي وزير مقرر ڪيائين. هڪڙو هو ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ٻيو هو غلام نبي ميمڻ. هن صاحب سنڌ ۾ وڏيرن سان واسطا وڌايا. خاص طور تي لاڙ ۾ رئيس مامون خان ملڪاڻي، فقير عيسي خواجو، رئيس جمال خان لغاري ۽ محمد يوسف چانڊيو، هن جا گهاٽا يار بڻجي ويا. سياري ۾ هفتي يا پندرهين ڏينهن لاڙ جي ڪنهن نه ڪنهن ڍنڍ ۾ روهاڪي پکين جو شڪار رکيل هوندو هو. لاڙ جي ڍنڍن ۾ ايوب خان ڏاڍا شڪار ڪيا. هو صاحب لاڙڪاڻي ۾ به مهمان ٿي ايندو هو ۽ ڊگهه ۽ لنگهه ڍنڍن ۾ پکين جو شڪار ڪندو هو. هن ٻيا به گهڻا ڪم ڪيا. انهن مان هڪڙو اهو به هو جو سول بيورو ڪريسي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڌڪ سان ٽي سئو کان مٿي ڪامورا برطرف ڪري، انهن جي جاءِ تي نوان مرضيءَ جا آفيسر مقرر ڪري ڌاڪو ڄمايائين. علامه آءِ آءِ قاضي ايوب خان جي آمرانه رويي جي ڪري سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلري تان استعيفا ڏيئي ڇڏي. ايوب خان ايڏا ته سخت قانون ٺاهيا جو ٽپال جي لفافي تي سنڌ لفظ لکڻ کان به ماڻهو لنوائيندا هئا. شيخ اياز ته ايترو به چئي ڏنو، “سنڌڙي تنهنجو نانءُ ڳڌو ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو.”
سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان وارن پئي پنهنجا سور پٽيا ته مٿان وري جو اڀري آيا شيخ مجيب الرحمان وارا ڇهه نڪتا، تن هڻي وڃي هنڌ ڪيو. حالتن اهڙو رخ اختيار ڪيو جو، هڪڙي پاسي مرڪزي حڪومت ته ٻئي پاسي بنگال، سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان. بنگالين پنهنجي بنگالي ٻولي قومي ٻولي طور مڃرائي ورتي. پر سنڌ ويچاري ۽ ٻيا صوبا مرڪز جي مڪمل ڪنٽرول ۾ رهيا.
هتي ڳالهه ميرٽ ۽ ڊي ميرٽ جي ڪانهي. پٺاڻ هن جا پنهنجا هئا. نواب آف ڪالا باغ کي اڳيان آڻي پنجاب جي سيني تي چڙهي ويهي مڙسان مڙسي حڪومت هلايائين. بلوچستان ۾ نوروز خان ۽ ان جي پٽن کي ڦاسي ڏيارائي ڌاڪو ڄمايائين. باقي رهي سنڌ ويچاري، سو هتي ٿيندڙ جلسن جلوسن، فڪرمند پوڙهن جي تحريرن ۽ تقريرن ۽ وات ڳاڙهن جي نعرن جي هن پرواهه ڪانه ڪئي. 65ع واري جنگ کان پوءِ هو هيرو ٿي آيو.
65ع واري جنگ جو هڪڙو واقعو ياد ٿو پوي. آئون مئٽرڪ ۾ هوس. ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول دولتپور ۾ پڙهندو هوس. پڙهڻ کان وڌيڪ شڪار جو شوق هوندو هو. ڳوٺاڻا شڪار تي سنبريا ته، آئون به پنهنجي بابا جي اسپين واري دونالي بندوق کڻي انهن جي پويان لڳي پيس. اسان ڪنداهه ٻيلي ۾ وڃي پاڻو ڪيو. ڌاڙيل اڳي به هوندا هئا. شڪار جي خبر انهن کي اڳئي پئجي ويندي هئي. ڌنارن واتان نياپو موڪليندا هئا ته، شڪارين کي چئو ته فلاڻي چونڪڙي چڏي ڀلي ٻين چونڪڙين ۾ شڪار ڪن. شڪار مان انهن کي به ونڊ ڪرائبي هئي. ڏينهن جو مهاڙيون تڙي ڦاڙها ماري آيا. رات جو رڌ پچاءُ جي لاءِ ٽانڊو ٻاريائون. رئيس قمبر علي خان لاڙ واري جيئن ئي پنهنجو ٽرانسسٽر ريڊيو کوليو ته بي بي سي تان هندستان پاڪستان جي جنگ جي خبر نشر ٿي رهي هئي. قمبر علي خان روينيو تپيدار هو پر ڏاڍو ڏاهو ماڻهو هو. ان سان گڏ مختيارڪار خان صاحب غلام علي خان لغاري ۽ استاد سوڍل فقير لغاري به شڪار تي مهمان ٿي آيل هئا. قمبر علي خان هڪل ڪري چيو: باهه وسايو متان روشني تي بمباري نه ٿئي. سڄي پاڪستان ۾ بليڪ آئوٽ آهي. درياهه جي ڪچي جا چريا لغاري وري انهن سان گڏ ماڇي، مهاڻا، ٻلال ۽ چانڊيا به گڏ، سي ڪٿي ٿا ڳالهه مڃين. قمبر علي خان ويچارو گهڻا ئي دڙڪا دهمان ڏيندو رهيو پر همراهه مڙيا ڪونه. ڦاڙهي جي گوشت جي ٻوڙ رڌي مانين جا ڊس پچائي آڻي اڳيان رکيائون. ٽي چار ڏينهن شڪار هلندو رهيو. بي بي سي تان جنگ جون خبرون به هلنديون رهيون. شڪار جو اڳواڻ غلام مصطفي خان لغاري همٿائيندو رهيو. ته، پاڪستان هندستان کان ڏاڍو آهي. اسان جا حر ويٺا آهن. اوهين ماٺڙي ڪري شڪار جي ڪريو. مونکي ياد آهي اهو شڪار ڪنداهه ٻيلي، لاکاٽ ٻيلي، نواب ولي محمد خان لغاري جي جاگير ۽ سيٺ نائون مل جي ڪيٽيءَ ۾ ڪيو ويو هو. جتي به پاڻو ٿيندو هو، اوسي پاسي جا ڀاڳيا ڌنار کير مکڻ لسي کڻي آڻي شڪارين کي ڏيندا هئا. شڪاري به انهن کي شڪار مان گڏ ويهي کارائيندا هئا. جهنگ ۾ جنگ جي ڪنهن کي پرواهه ئي ڪانه رهي. خير اها ڳالهه ازراه تذڪره وچ ۾ اچي وئي. قلم ماضيءَ جا احوال لکندي ڪيڏانهن جو ڪيڏانهن هليو ٿو وڃي.
سائين امداد محمد شاهه جي سڪرنڊ روڊ واري بنگلي تي ٿيل ڪچهريءَ جو اثر اهو ٿيو جو نوابشاهه جي شاگردن هوريان هوريان ٿي سنڌ يونيورسٽي ۾ گڏ ٿيڻ شروع ڪيو. سنڌ جي ٻين علائقن مان به وات ڳاڙها ڇوڪرا سنڌ يونيورسٽي ۾ گڏ ٿيندا ويا. يوسف لغاري ۽ نواب يوسف ٽالپر واري کيپ کان پوءِ جيئي سنڌ وارن ڇوڪرن ۾ شاهه محمد شاهه، عبدالستار جمالي، امان الله شيخ، عزيز ڀنگوار، سڪندر ڀنگوار، اسماعيل وساڻ، احمد شر وغيره گهڻو مشهور ٿيا ۽ وڏو نالو ڪمايائون.
سنڌ يونيورسٽي ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن، ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن، پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۽ ٻين شاگرد تنظيمن وڏي سجاڳي آندي. شاگردن ٺلهن هٿن سان وڏيون ويڙهيون ڏنيون. ان ويڙهاند واري ڊگهي قطار ۾ هي ڊڄڻو هميشه پويان پر اياز جو هي گيت سدائين چپن تي.
“جي هانءُ نه هارين ڪوهيارل، هي ڏينهن به گهاري وينداسين،
ڇو پير پساري ويٺو آن، اٿ ڏونگر ڏاري وينداسين.