جي ٽي ايس ۾ نوڪري ڪندي، آيو سال 1967ع، منهنجي بدلي حيدرآباد- بدين روٽ کان سانگهڙ- نواب شاهه روٽ تي ٿي. آئون بدلي جو آرڊر کڻي سانگهڙ ڊپو پهتس. سانگهڙ ۾ ويهارو کن لارين جي فليٽ هئي. ڊپوءَ جو انچارج مسٽر بشير صديقي هو. ڏاڍو ڀلو ماڻهو. سانوري رنگت وارو سهڻو سڪمو جوان اصل شڪارپور جو هو. خوش لباس، خوش خلق، مسڪرائي ملندڙ، وضع قطع وارو سخي مڙس هو. ان کي بدليءَ جو آرڊر ڏيکاريم. هن هڪدم مونکي سانگهڙ ۾ پاڻ سان گڏ رهڻ جي صلاح ڪئي. آئون هن سان گڏجي گهر آيس ته هڪ نوجوان ڇوڪريءَ تي نظر پئي. آئون هٻڪي پوئتي هٽڻ لڳس. هو سمجهي ويو ۽ چيائين: ابا توکان ڪهڙو پردو. اها ڇوڪري ڪيري هئي؟ ان جو ذڪر اڳتي ايندو.
سڄو ڏينهن لارين تي لامارا ڏيئي، شامڙيءَ جو ڪوارٽر تي اچبو هو ته، پڪي پيٺي ماني ملندي هئي. اها سيبتي، سلڇڻي ۽ سدوري ڇوڪري ماني کان اڳ مڌ جا جام ڀري آڻي ٽيبل تي رکندي هئي. مائٽن کان پري، جوانيءَ جي نشي ۾ مخمور آئون پنهنجي راهه تان ايڏو ته ڀٽڪي ويو هوس جو، خوشبو وارا سگار ۽ ڪري ون اي جا سگريٽ ڇڪڻ معمول بڻجي ويو هو. پنهنجي لاابالي زندگيءَ جي قصي کي اڳتي وڌائڻ کان اڳ ان پراسرار ۽ بيحد خوبصورت ڇوڪريءَ بابت اوهان کي ٻڌائيندو هلان.
ڳالهه ڪجهه هن طرح هئي. هڪڙي ڏينهن بشير صديقي صاحب روهڙي کان ريل گاڏيءَ تي چڙهي اچي نوابشاهه اسٽيشن تي لٿو. هڪ خوبصورت الهڙ نوجوان ڇوڪري جنهن جي عمر لڳ ڀڳ 18 کان 20 سال مس هئي، اها به ساڳئي ريل گاڏيءَ تان لهي اوپرن وانگر هيڏانهن هوڏانهن ڦرڻ لڳي. صديقي صاحب تجربيڪار، هوشيار ڄڻ ماڻهن جو ڌنار هو. هن ڇوڪريءَ کان پڇيو: تون اڪيلي وائڙن وانگر ڦري رهي آهين، تون ڪيڏانهن ويندئينءَ. ڇوڪريءَ روئي ڏنو. ايترو سو چيائين ته، “آئون پنجاب کان آئي آهيان. مائٽن کان ڪاوڙجي گهران نڪتي آهيان. هتي منهنجو ڪير به ڪونهي. سمجهه ۾ نه ٿو اچي ڪيڏانهن وڃان”. صديقي صاحب ان کي آٿت ڏيندي ٻڌايو ته، “آئون جي ٽي ايس جي سانگهڙ ڊپوءَ جو اسٽيشن سپرنٽنڊنٽ آهيان. تون جيڪڏهن ڀروسو ڪرين ۽ منهنجي گهر هلي رهين ته آئون توکي شيلٽر ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيان. تون ڪنهن به ڳالهه جو خوف نه ڪر”. ڇوڪري صديقي صاحب سان گڏجي سانگهڙ آئي ۽ ان جي ڪوارٽر ۾ رهڻ لڳي. بشير صديقي رڄ اشراف، بيحد ڀلو ماڻهو، ان ڇوڪريءَ کان روزانو پڇندو هو ته هو ڪهڙي شهر يا ڳوٺ جي آهي. هن جا مائٽ ڇا ڪندا آهن. ڪو ڏس پتو ٻڌائي پر ڇوڪري ڪجهه به ٻڌائڻ لاءِ تيار نه هئي. ٻه ٽي مهينا گذري ويا. ڇوڪريءَ کي مائٽ ياد آيا يا صديقي صاحب جي همدردانه رويي کي ڏسي، هڪڙي ڏينهن ڇوڪريءَ سچي ڳالهه ڪري سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو. صديقي صاحب ماٺ مٺيءَ ۾ ڇوڪريءَ جي مائٽن ڏانهن خط لکي اماڻيو ته، “ههڙن پارن سان هڪ نوجوان نينگري اسان کي هٿ آئي آهي. ڇوڪريءَ جي ساک سلامت آهي. جيڪڏهن اوهان جي هجي ته اچي پنهنجيءَ کي پرچائي وٺي وڃو. اڳتي اوهان جي مرضي.” هن اها ڳالهه نه ڇوڪريءَ سان سلي، نه ئي اسان کي ڪا خبر پئي. ڏهاڪو کن ڏينهن کان پوءِ ڇوڪريءَ جا ماءُ ۽ پيءُ سانگهڙ اچي نڪتا. صديقي صاحب انهن کي وٺي گهر آيو. ڇوڪري ماءُ کي چنبڙي پئي. ٻنهي روئي روئي دلين جا غبار هلڪا ڪيا. مسٽر صديقي انهن جي خوب خدمت ڪئي. ۽ پارت ڪئي ته نياڻيءَ کي ڪجهه نه چئجو. مائٽ سنهن ساک کڻي واعدا وچن ڏيئي صديقي صاحب کي دعائون ڪندا، پنهنجي نياڻيءَ کي وٺي هليا ويا. گهر جي رونق ڦٽي وئي. مونکي ته اصل گھر کائڻ لڳو. مون فيصلو ڪيو ته هاڻ سانگهڙ ۾ ڪونه رهندس.
منهنجو ڪڄاڙو ڀينر هن ڀنڀور ۾ (لطيف)
قصي کي اڳتي وڌايون…. سانگهڙ مان پهرين لاريءَ تي چڙهي نوابشاهه اچبو هو ته رستي ۾ ٻهراڙي جا شاگرد لاريءَ تي چڙهي شهر ۾ پڙهڻ ويندا هئا. انهن مان ڪي شاهپور چاڪر لهندا هئا ته ڪي ڪاليجي ڇوڪرا نوابشاهه پڙهڻ ويندا هئا. انهن ۾ مشهور شاگرد اڳواڻ اسماعيل وساڻ، احمد شر ۽ ٻيا جن جا نالا وسري ويا اٿم، انهن ڇوڪرن سان روز مکاميلو پيو ٿيندو هو. 1967ع ۾ مون مورو ڪاليج مان انٽر جو امتحان پاس ڪيو. تلڪ چاڙهيءَ واري سچل ڪاليج ۾ بي اي جي داخلا ورتم. هفتي جا ٻه ٽي ڏينهن ڪڍي ڪاليج اٽينڊ ڪرڻ لاءِ حيدرآباد وڃڻو پوندو هو. سانگهڙ پري به هو ۽ اتان منهنجي دل به کٽي ٿي پئي هئي. مون نوابشاهه شهر ۾ رهڻ پئي چاهيو ته جيئن حيدرآباد اچڻ وڃڻ ۾ سولائي ٿئي. پر ٿيندو ائين آهي ته انسان سوچيندو هڪ آهي ۽ ٿيندو وري ٻيو آهي.
اسماعيل وساڻ وارن جا ڪاليجي دوست هوندا هئا، عزيز ڀنگوار ۽ سڪندر ڀنگوار. ڪنڌار جوان هئا. نوابشاهه شهر جي پاسي ۾ سندن ڳوٺ هو. هنن ڇوڪرن جي معرفت انهن سان ملاقات ٿي. اسان جون هڪٻئي سان ويجهڙايون ويون وڌنديون. آئون پاڻ به شاگرد هوس ۽ انهن ڪاليجي شاگردن جي صحبت ۾ ڳالهه وڻڻ لڳي. سانگهڙ نوابشاهه جي وچ تي شاهپور چاڪر جو شهر آهي. شهر ۾ هڪ ڪاٽن فيڪٽري هوندي هئي. عزيز ڀنگوار جو والد صاحب ان جو مئنيجر يا سنڀاليندڙ هو. عزيز ڀنگوار /ڏسو صفحو 5 بقايا 01
شاهپور چاڪر به پيو ايندو ويندو هو. هڪڙي ڏينهن شاهپور چاڪر ۾ عزيز ڀنگوار مونکي وٺي هلي پنهنجي بابا سان ملايو. خبرون چارون ٿيون. هن مونکي ڪارخاني ۾ هڪڙو ڪمرو رهڻ لاءِ ڏنو. آئون شاهپور چاڪر ۾ رهڻ لڳس. هڪڙي پاسي جي ٽي ايس ورڪرز يونين حيدرآباد وارن سرخن جي سياست جو اثر هو ته ٻئي پاسي هنن چيڪي مٽيءَ جي وات ڳاڙهن ڇوڪرن جا مٽيءَ کي مان ڏيڻ ۽ ان سان محبت ڪرڻ وارا دلڪش ۽ دلفريب نعرا هئا. واٽون ٻه هيون. آئون ان ٻه واٽي تي اچي منجهامي بيهي رهيس. هڪڙي سڌي سئين سرخن واري واٽ هئي. ٻي وطن پرستيءَ جي اڻانگي ۽ اڻ ڏٺل گهاٽي خوفناڪ جهنگ واري واٽ هئي، جتي ڍنگرن، ڪنڊن ۽ سيلهن واري مارڳ تان مٽڻو هو. آئون ڪهڙي واٽ وٺان. منهنجي اندر جو ڪارو ڪانو ٻه ٽنگو ڦاسي پيو. اڳتي ڇا ٿيو؟ ايندڙ آرٽيڪل جو انتظار ڪندا.