ايڇ ايم خواجه هائي اسڪول نوابشاهه، ٻهراڙيءَ جي ماڻهن جي اميدن، آسرن ۽ امڪاني آزاد مستقبل جو اهم مارڳ هو. هن اداري مان جيڪي شاگرد فارغ التحصيل ٿي اڳتي آيا، انهن ۾ امر جليل، قمر شهباز، ڪي بي رند ۽ سندس ڀائر، جتوئي برادران، اسماعيل وساڻ، عزيز ڀنگوار ۽ ٻيا ڪيترائي ناليوارا ماڻھو هئا. ايڇ ايم خواجه صاحب 1936ع کان 1972ع تائين پنهنجي سڄي حياتي نوابشاهه کي ارپي ڇڏي. پاڻ شادي به ڪانه ڪيائون. خواجا صاحب 11 آڪٽوبر 1907ع تي پيدا ٿيو هو. تعليم ٽنڊي باگي ۾ ورتائين. 1932ع ڌاري ڊي جي ڪاليج ڪراچي مان بي اي ڪيائين. 1936ع ۾ بمبئي مان بي ٽي جو امتحان پاس ڪيائين. نوابشاهه ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ اسڪول ۾ هيڊ ماستر ٿيو. ان دؤر ۾ رئيس امام بخش خان “صابر” جتوئي چيئرمين لوڪل بورڊ نوابشاهه هو. خواجه صاحب بعد ۾ 1972ع کان 1981ع تائين بورڊ آف انٽرميڊئيٽ ۽ سيڪنڊري ايجوڪيشن حيدرآباد جو چيئرمين به رهيو. پاڻ 20 سيپٽمبر 1999ع تي حيدرآباد ۾ انتقال ڪيائون ۽ اتي ئي مدفون آهن. خواجه صاحب جو هائي اسڪول، خواجه صاحب جو باغ، خواجه صاحب جي هاسٽل، خواجه صاحب جو لطيف هال، خواجه صاحب جي گارڊن ۾ گلن جي نمائش سندس يادگار آهن.
1967ع ۾ جڏهن آئون نوابشاهه ۾ اچي رهيس ته، ان دؤر ۾ نوابشاهه مان قومي اسميبلي جو ميمبر رئيس غلام مصطفي` خان جتوئي هو. ٻين سياستدانن ۾ قاضي فيض محمد، رئيس حاڪم علي خان زرداري، سيد حسن بخش شاهه، سيد امداد محمد شاهه، حاجي امام علي خان انڙ قابل ذڪر هئا. سنڌ مان قاضي فيض محمد، سيد امداد محمد شاهه ۽ شيخ اياز عوامي ليگ جي شيخ مجيب الرحمان سان سياسي طور گڏ هئا. شيخ مجيب الرحمان جي ڇهن نقطن هلچل مچائي ڇڏي هئي. مجيب ڪٽ واسڪوٽي پائڻ جو رواج عام ٿي ويو. قاضي فيض محمد سائنس جو گريجوئيٽ، سياستدان، وڏو وڪيل، هاري اڳواڻ هئڻ سان گڏ راڳ جو به وڏو ڄاڻو ۽ گائڪ هو. هُو مانجهه، بِهاڳ، ڀومپالي، ڪلياڻ، ڀيمپلاسي، ڀيروي ۽ ڪوهياري نه رڳو سمجهندو هو پر ڳائي به ڄاڻندو هو. استاد بڙي غلام علي خان، استاد اميد علي خان، الهڏنو نوناري ۽ استاد منظور علي خان نه فقط ٻڌا هئائين پر ڪن سان ته گڏ ڳايو به هئائين.
خير، نوابشاهه مان سگهو ئي منهنجي دل ڀرجي وئي. مونکي حيدرآباد جي تانگهه وڌڻ لڳي. ان جا ڪيئي ڪارڻ هئا. انهن مان هڪڙو اهو هو، جو هڪڙي ڏينهن سري گهاٽ ڏانهن ويندڙ رستي سان واڻئي جي هوٽل تي ماني کائڻ لاءِ پيو وڃان، ته اوچتو ان ڇوڪريءَ تي نظر پئي، جيڪا گهڻو اڳ مونکان منهنجي دل ۽ منڊي کسي وئي هئي. هوءَ پنهنجي مائٽن سان گڏ هئي ۽ ڪاري برقعي ۾ ويڙهيل هئي. هن حجاب کي ٿورو هٽائي مون ڏانهن نهاريو ۽ هلي وئي. آئون ڪو ايڏو سهڻو ڪونه هوس. گول مٽول چهرو، وڏيون مڇون، وار وڌيل، ٻهراڙي جو جڙو ڍڳو. منهنجا پير نڪري ويا. ساهه ڇڏائجي ويو. اصل وٺجي ويس. جيئن تيئن ڪري ٻه ٽي وکون کڻي هوٽل ۾ وڃي ويٺس. سيئل پلي جو ٻيرو ۽ ٻه ڦلڪا ڄڻ منهنجي نڙي ۾ اٽڪي پيا.
ڪنڍي ڪلين وچ ۾، جڏهن هئين جن،
موٽي مون پرين، ڪڍڻ جي ڪانه ڪئي. (لطيف)
پوءِ ائين ٿيڻ لڳو جو سانگهڙ روٽ جون ٻه ٽي لاريون چيڪ ڪري نوابشاهه اسٽيشن تي پهچي ٽڪيٽ وٺي، ريل گاڏيءَ تي چڙهي، حيدرآباد پهچبو هو. ساڳئي ٽائيم تي واڻئي جو هوٽل تي ماني کائي ڪلاڪ انتظار ڪري، خالي اکيون کڻي، اسٽيشن پهچي، ڪنهن ريل گاڏيءَ ۾ واپس نوابشاهه پهچبو هو. اهو روز جو معمول بڻجي ويو. اهي ڏاڍا ڏکيا ڏينهن الائي ڪيئن گذري رهيا هئا. نه منزل جي خبر نه راهه جو پتو. آئون اهڙي انڌي گهوڙي تي سوار هوس، جنهن جو نه لغام منهنجي هٿ ۾ هو، نه پير رڪاب ۾. (نه هاٿ باگ ۾، نه پاهي رڪاب ۾) بي خوابي، بي آرامي، بيچيني ۽ بي قراري معمول بڻجي چڪي هئي. حافظ جي هن شعر مصداق هوائن سان سرگوشيون ڪندي راتيون گذرڻ لڳيون.
با او بگو ڪه اي مه نامهربان من،
باز آ ڪه عاشقان تو مروند نه انتظار (حافظ)
(هن کي وڃي چئجو ته اي منهنجا نامهربان من واپس اچو،
ان جي ڪري جو تنهنجو عاشق انتظار ۾ مري رهيو آهي.)
آئون چوکنڀو ڦاسي چڪو هوس. هڪڙي پاسي نوڪري ته ننڍڙي پر روزگار جو اهم ذريعو، جنهن کان سواءِ زندگيءَ جو گاڏو هلي نه پئي سگهيو. ٻيو هو دماغ جو خلل (جس ڪو ڪهتي هين عشق، وہ دراصل خلل هي دماغ ڪا) جنهن ننڍ ڦٽائي ڇڏي هئي. ٽئين هئي تعليم، جيڪا سڀني کان وڌيڪ اهم هئي. چوٿين نمبر تي هئي ذهني ڇڪتاڻ، سماجي حالتون، ون يونٽ خلاف شاگردن ۽ فڪرمند پوڙهن جي جدوجهد، ٻوليءَ جو خطري ۾ پوندڙ وجود، ان سلسلي ۾ ڇپجندڙ لٽريچر جو ذهن تي اثر.
اهڙين حالتن ۾ هڪڙي ڏينهن اسماعيل وساڻ وارن مونکي ٻڌايو ته اڄ رات امداد محمد شاهه جي سڪرنڊ روڊ واري بنگلي تي ڪچهري آهي. اوڏانهن ضرور هلبو. منهن انڌاري مهل هنن همراهن مونکي اچي کنيو. پهتاسين سائين امداد محمد شاهه جي بنگلي تي. سائين امداد محمد شاهه ڏاڍو ڀلو ماڻهو. بهادر ۽ بااصول سياستدان. هڏ ڪاٺ وارو قدآور. ويڪرو منهن، نوراني چهرو، باوقار ۽ بردبار، هڪ فرشته صفت انسان کي ڏسندي آئون ڪنهن خواب ۾ هليو ويس. سنڌ جي ڌڻي سائين جي ايم سيد جو پٽ، سن کي ڇڏي هاڻ مجيد ڪيريي /ڏسو صفحو 5 بقايا 01
واري فارم تي رهي، پنهنجي زمين جي سنڀال ڪري، حق حلال جي روزيءَ تي گذر ڪري رهيو هو. سنڌ جي سياست تي تيز نگاهه رکندڙ، ڏسجي ته شخصي طور لغارين کي گهڻو ڀائيندو هو. مير خان لغاري جي ڳوٺ وارن لغارين جو ته گهڻو خيال رکندو هو. روڊ رستا منظور ڪرائڻ، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، قلندر لعل شهباز ۽ سچل سرمست جي عرس مبارڪ ۽ ميلن وانگر حمل فقير جو عرس سرڪاري طور ملهائڻ جو سرڪار کان فيصلو ڪرائڻ، سهڻا اسڪول تعمير ڪرائي تعليم تي گهڻو ڌيان ڏيڻ جهڙا کوڙ سارا عمل سائينءَ ڪرايا پر اهي سڀ پوءِ جون ڳالهيون آهن.
ان رات هن ڪچهريءَ ۾ سائينءَ جو چوڻ ۽ هدايتون هي هيون: “اوهان شاگردن نوابشاهه ۾ تعليم پوري ڪري ورتي آهي. اوهين سڀ هلي سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد ۾ داخلا وٺو. هر حالت ۾ تعليم کي اڳتي وڌايو. شاگرد سياست ۾ ڀلي ڀرپور حصو وٺو. غيرتمند ٿي رهڻو آهي. اخلاقي اقدار جو خيال رکڻو آهي. ٻولي ۽ ديس کي ناهي وسارڻو. ماءُ پيءُ جي خدمت ۽ ننڍي وڏي جو ادب رکڻو آهي، وغيره وغيره. ڳالهيون ڏاڍيون ڀليون ٿيون. ڇيلي جي ٻوڙ سان ماني کائي دير سان واپس موٽياسين. هي اهي آدرشي انسان هئا، جن جي ڳالهه ڪرڻ جي ڪانهي.
مون جي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،
تنين سندي ڪاءِ، ڪري نه سگهان ڳالهڙي. (لطيف)