ڳالهيون ڳنوارن جون … ساموئي جا باغ ۽ مڪلي جا دلفريب نظارا
نومبر 27, 2023
ساموئي ۽ مڪلي جي پڊن تي اسين مسلسل پنڌ ۾ آهيون. هن ئي پٽ جا رهواسي منهنجا همسفر ۽ همراهه حاجي علي نواز جاکري وارا هاڻ ڳالهه کي سمجهي ويا آهن ته، منهنجي اندر جي اندام ۾ هنن جي ئي وڏڙن جي جستجوءِ حيات، پنهنجي گهرن، ڳوٺن، شهرن بلڪه سموري وطن جي حفاظت لاءِ ڪيل ڪارنامن جي پيرائتي خبر لهڻ لاءِ ئي اسين هن پٽ جا پانڌي آهيون.
پٿرن هيٺان ستل لکن انسانن جو هجوم اسان جي اڳيان آهي. اسان جون خاموش دانهون ڪوهه ڪاف سان ٽڪرائجي، پڙاڏا بڻجي واپس وري رهيون آهن پر هيڏي ساري هجوم مان ڪوبه اسان جي دانهن ورنائڻ وارو ڪونهي. هن هجوم ۾ حاڪم به آهن ته محڪوم به آهن. ڪوهه ڪاف کان هلي هلان ڪري آيل هٺيلا به آهن ته پنهنجي ننگن گهرن، کيٽن کرن، جبلن ٿرن، ۽ بينا برن جي بچاءُ ۽ حفاظت لاءِ مارجي ويل ۽ مرندي مري ويل هنن جا ابا ڏاڏا به موجود آهن. ڪامهن جي ڦل ۾ لڙڪيل ماڪ جي ڦڙي وانگر، لڙڪ اکين ۾ اٽڪيل آهن. نه آهن ۾ اثر آهي نه دانهن جو داد فرياد. “هيڪليائي هيل پورينديس پنهون ڏي” (لطيف) جي مصداق هر ماڻهو پنهنجي سورن جي ڀري پنهنجي مٿي تي کنيو ڀٽڪندو ڀڻي. اسين سارو ڏينهن ڀٽڪي ڀٽڪي شيخ عيسيٰ لنگوٽيءَ جي قبرستان ۾ چبوتري ڀرسان پٿرن تي پير پساري ويٺا آهيون. شيخ عيسيٰ جو مقبرو، حضرت شاهه مراد جي قبرستان کان اتر اوڀر ڪنڊ تي آهي. مقبرو سادو ۽ خسته حال آهي. اندر شيخ عيسيٰ جي قبر کان علاوه چار ٻيون به قبرون آهن. اوڀر کان بوبنا جرار جي ڇٽي ۽ ٻي تاجو دل جي چوکنڊي چيون وڃن ٿيون. انهن کان علاوه پٿرين جي ڍيرين هيٺان ستل انسانن جون قبرون موجود آهن.
شيخ عيسيٰ لنگوٽي، شيخ حماد جمالي جو هم اثر هو. عبادت رياضت ۽ خلق جا آزار گهٽائڻ ۾ روحاني مدد ڏيڻ کان علاوه هو سياسي سرت جا به ڌڻي هئا. شيخ عيسيٰ لنگوٽي جون شيخ حماد جمالي سان رهاڻيون هونديون هيون. هي ٻئي بزرگ دهلي کان سنڌ جي آزادي لاءِ فڪرمند هئا. هي اهو دور هو جو ساموئي مس سک جو ساهه کنيو هو. دهلي جون سدائين سنڌ ۾ اکيون. ملتان ۽ بهاولپور جيڪي سومرن جي دور ۾ سنڌ ۾ شامل هئا، سنڌ کان ڇڄي چڪا هئا. دهلي طرفان مقرر ڪيل ملتان جي گورنر عين الملڪ ماهرو سنڌ ۾ ويڙهايو ۽ راڄ ڪريو واري پاليسي تحت ڄام جوڻي تي هٿ رکڻ شروع ڪيو هو. هن سلسلي ۾ گجرات جو گورنر به ملتان جي گورنر سان صلاحو هو. سنڌ پنهنجي مڪمل آجپي جي جدوجهد ۾ هئي. ڄام جوڻو ڄام تماچي جو چاچو هو، جنهن پهريون ڀيرو 768هه کان 753هه تائين پنهنجي ڀائٽي ڄام بابيني سان گڏجي حڪومت ڪئي ۽ ٻيو ڀيرو 771هه کان 791 هه تائين سنڌ جو اڪيلو حڪمران رهيو.
ماموئي فقيرن جون قبرون شيخ عيسيٰ جي مقبري کان وٿيرڪو اتر طرف آهن. جن کي چار ديواري ڏنل آهي. اوڀر طرف واري نشيبي علائقي تي هاڻ جاکرن ۽ خشڪن جا ڳوٺڙا ۽ مهاڻن جا جهوپا موجود آهن. روڊ رستا، سم ناليون، مٺي پاڻي جون ناليون ۽ ٻنيون آهن. ڪٿي ڪٿي کجين جا سڪل ٿڙ ان ڳالهه جي شاهدي ڏيئي رهيا آهن ته ڪنهن دور ۾ هتي به ساموئي جا برک ڀريا باغ باغيچا ۽ تلاءُ هوندا هئا. هتي سبزه زاريون، فرحت بخش نظارا ۽ صاف شفاف پاڻي جا حوض ۽ جهرڻا هوندا هئا. ان بهشت نما باغن جي سير لاءِ هر روز تماشبين پيا ايندا هئا. وڻن جي ڇانو هيٺان ويهي گهڙي سوا آرام ڪندا هئا. انهن باغن ۾ هر روز ميڙو متو پيو هوندو هو. “ پوست جي گلن جهڙيون نرگسي اکڙين واريون خوبصورت گلبدن حيادار عورتون پنهنجا سهڻا واسينگن جهڙا گهنڊي دار وار لهرائيندي، نظر بازن جي نظرن کان شرمائيندي گهمندي ڦرندي پئي ڏسبيون هيون. ڪٿي دلربائي، ڪٿي نغمه سرائي، مستي، بيخودي، دور جام، سوز آتش جا نظارا پيا ڏسبا ۽ پسبا هئا. ههڙا جيئرا جاڳندا، ڊيل جي ٽور ٽرندڙ ۽ مور جي چال چلندڙ سهڻا سينگاريل بت ڏسي برهمڻ کان پنهنجي بتن جي پوڄا به وسري ويندي هئي”.
از نظر بازان گلي ز اين باغ عشرت چيدن است
طور اسرار است تجلي گاھ حق را، ديدني است (مير قانع)
صنم جي نظرن جا گهايل بيمار عشق ٻڪي ۽ ڦڪي لاءِ ساقي کي پيا سڏيندا هئا. خرامان خرامان نياز و نزاڪت سان، سير و تفريح ڪندي ڀنڀراڪو ٿي ويندو هو. وڻڪار ۾ پکڙين جون ٻوليون ٻرڻ لڳنديون هيون. گلن جي خوشبو کڻي ايندڙ ٿڌڙي هير اکڙين کي ننڊاکڙي ڪرڻ لاءِ ڪافي هئي. اهي دلفريب بوقلموني نظارا روز جو معمول هئا. هر مهيني جي چوڏهين ۽ ويهين تاريخ شيخ عيسيٰ جي مزار تي ميلو لڳندو هو. جتي هزارين تماش گان مرد ۽ عورتون شريڪ ٿينديون هيون.
بتان گلبدن در رنگ لالہ
بکف دارند از صحبا پياله (مڪلي نامہ ص 19)
نئين نسل کي شايد وڏڙن اهو نه ٻڌايو هجي ته، اڳي سنڌ ۾ وڏي وڻڪار هئي. برساتون گهڻيون پونديون هيون. ٺٽي ۽ مڪلي جي وچ ۾ هاڻي ته خير مفاصلو رهيو ئي ڪونهي پر ڪنهن زماني ۾ برسات جي موسم ۾ ڪوهه کن پنڌ وارو اهو نشيبي علائقو پاڻي سان ڀرجي ويندو هو. پاڻي تار ٿي وڃڻ ڪري ٺٽي ۽ مڪلي جي وچ ۾ آمد و رفت ٻيڙين ذريعي ٿيندي هئي. ٺٽي جو مهذب معاشرو هو. مذهبي رواداري هئي. وندر ورونهن ۽ تفريح خاطر ماڻهو جوق در جوق ٻيڙين تي چڙهي مڪلي تي ويندا هئا. مڪلي جي ٽڪري تي ظالم به مدفون به هئا ته مظلوم به. انهن کان علاوه سوين هزارين اولياءَ الله جا آستانه، مقبرا، قبرون ۽ زيارت گاهون موجود هيون، جتي ڪنهن نه ڪنهن اولياءَ تي ميڙو متو پيو هوندو هو. ڪم ڪار لاهي، ٺٽي شهر توڙي ٻهراڙين وارا، مڪلي جا مظاهر ڏسڻ لاءِ اچي پهچندا هئا. انهن ۾ وڏڙيون توڙي جواڻ جماڻ شهزاديون به شامل هونديون هيون. انهن جي سونهن، هار سينگار ۽ پٽ پٽيهر پوشاڪن تي اوشاق اول گهول پيا ٿيندا هئا. بقول سائين حسام الدين راشدي جي نظرباز به اهو دلفريب نظارو ڏسڻ ۽ پسڻ لاءِ پيا ڦرندا هئا. انهن دلفريب داستانن قصن ۽ ڪهاڻين سان ميرعلي شير قانع، مير عظيم الدين ٺٽوي، طاهر محمد نسياني ۽ ٻين عالمن ۽ شاعرن جا ڪتاب ڀريا پيا آهن
اسين شيخ عيسيٰ لنگوٽي جي قبرسان ۾ ويٺا آهيون. رات پرڙا پکيڙي پنهنجن ٻچن کي ڪوڙي ۾ ڪرڻ لاءِ اچي لٿي آهي. اڄ رات اسين پنهنجي همسفر محمد علي جاکري جا مهمان آهيون، جتي چانورن جون مانيون ۽ ول تورين جي ٻوڙ اسان جي انتظار ۾ آهي