ڳالهيون ڳنوارن جون … سنڌ جا نڌڻڪا قبيلا، شڪاري، جھٻير ۽ هڏوار

آگسٽ 13, 2023

 چوهڙ واري ڪونج ٻيلي ۾ جيڪي پاراڌي آباد آهن، انهن جو اڄ به گذر شڪار تي آهي. لاڙ ۾ اهي شڪاري سڏبا آهن. سنڌ جو هي قديم قبيلو، پنهنجي شڪار واري روايت کي قائم رکيو اچي. ساريون، ڪماند يا ڪيلو ڪيش ڪراپ آهن. رات جو انهن تي مِرون اچن ٿا، کائين ٿا ۽ موٿ خاطر مهلين ٿا. زمين کي اصل کيڙ ڪري ٿا ڇڏين. آبادگار شڪارين کي چند روپيا ڏيئي واهي رکن ٿا. شڪاري پوک واري پاسي کان پنجوڙون ٻڌي ڇڏيندا آهن يا پارڻا ٺاهي ويهندا آهن. بندوقون به هونديون اٿن. اوسر جو شڪار به ڪندا آهن. هر حال ۾ پوک جي حفاظت ڪندا آهن.

                 لاڙ پاسي وارا ٻيلا، ڪونج ٻيلو، هديراڻي ٻيلو، ڳاڙهڪو ٻيلو، ڪٽ صدناڻي، ٻجورڪو ٻيلو، ٻائو پورنداس، علي بحر، لوڪا وغيره ڦاڙهن ۽ مِرن سان ڀريا پيا هوندا هئا. انهن ٻيلن ۾ به شڪارين جا ٿاڪ هئا. ڦاڙهن مارڻ جو حڪم هنن کي ڪونه هو. اهو شڪار، اهڙن ئي مسڪينن کي چيٿاڙي، پاڻ کي وڏو ماڻهو سڏائيندڙ والي وڏ ڌڻين جي وس هو. ان شڪار تي حق فقط ان ئي ايسوسيئشنس جو سمجهيو ويندو هو. شڪاري فقط مِرون ماري ٿي سگهيا. يا ڪنهن وڏ ڌڻيءَ جو شڪار ٻڌبو هو ته، اوسر ٻارڻ لاءِ هنن کي سڏائيندا هئا. هنن وٽ شڪار جو ڏانءُ هو. ڏڦي سان به مِرون ماري وجهندا هئا. پنجوڙن جو پاسو وٺي بيهندا هئا. ڪو ڦاڙهو يا مِرون ان ۾ ڦاسندو هو ته هو ڊوڙي، ان کي پويان ڀاڪر وجهندا هئا. مِرون ڪنڌ ورائي ڪونه سگهندو آهي، جو ڪرنگهي جو هڏو اهڙي ريت ٺهيل اٿس. ڦاڙهي جا سڱ وڏا ۽ تيز ٿيندا آهن. هنن جا تيز رفتار تازي ڪتا، شڪار کي وٿي ڪرڻ ڪونه ڏيندا هئا. گدڙن، سهن ۽ سيڙهن جو شڪار هنن جي ڄڻ راند هئي. وٽن ڪوڙڪا ۽ ڪوڙڪيون به هونديون هيون. شڪار جا ڪيترائي نمونا وٽن هئا. ڪتي سان شڪار، اوسر جو شڪار، نوڙي جو شڪار، ڪناتن جو شڪار، مهاڙي جو شڪار، جنهن ۾ هڪ پاسي بندوقچي ويهاربا هئا ته ٻئي پاسي کان تڙ ڪبي هئي. ڍانڍي پکين جي شڪار تي مهاڻن جو ملڪو هو پر پوءِ به جي کين سامونڊي ڪيٽين تي اجازت ملندي هئي ته هي ان جا به ماهر هئا. روهاڪي پکين سان گڏ ڪڙل ۽ باز کي دام ۾ جهلي وٺندا هئا. ڪو جهنگ يا ٻيلو ڇڏي ڪنهن ٻئي پار پڌاريندا هئا ته ڀٽائي جا هي بيت فضا ۾ گونجڻ لڳندا هئا:

ڪتا نه ڪوڪار، نه سي سڏ شڪاريين،

پِٽئو ڪڍي پار، جهنگل آهيڙين کي.

…….

جهنگل آهيڙين کي، ڀنڻ ڪيو روءِ،

نه ڪتا نه ڪوڙڪيون، چڙئو اڀو چوءِ،

هاڻي هنان پوءِ، لڳي لوٺو نه ٿئين. (لطيف)

لطيف سائينءَ کي ته شڪاري به پيارا هئا. هي به ته خالق جي مخلوق ۾ شامل هئا. تڏهن ته ڀٽائي جهنگل کي به ميارون ٿو ڏئي ته شڪارين جي لڏي وڃڻ کان پوءِ انهن جي غم ۾ سڙي لوٺ نه ٿي وئين.

شڪاري سانگ به  ڪندا هئا. جي ڪٿي چار سج رهيا ۽ ڪو ماڻهو منجهائن مري پيو ته، ان کي اتي ئي دفن ڪري نشان مٽائي ڇڏيندا هئا. سالن پڄاڻا اتان جي سندن گذرڻ ٿيندو هو ته فقط ماءُ جي اوڇنگار ۽ ڀيڻ يا ڌيءَ جي دانهن ٻڌبي هئي: “منهنجا ٻچا ڙي …… منهنجا ادا ڙي….. منهنجا بابا ڙي….” انهن جي دکن جا داستان لکڻ لاءِ درديلن لفظن جو سهارو وٺڻو پوي ٿو.

هن ڪپتارئي سماج ۾ سڄي سنڌ سورن سان ڀري پئي آهي. ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ پاسي جون ڪيهون، ڪاڇي ۽ ڪارونجهر پاسي جون ڪوڪارون ۽ لاڙ پاسي جون ليلهاٽيون. ڪنهن در دانهجي، ڪنهن سان سور سلجن.

جه سي لوڙائو ٿيا، جنين سندي ڌير،

ماروئڙا فقير، ڪنهن در ڏيندا دانهڙي. (لطيف)

انهن جون شاديون به ائين ئي هلندي ٿينديون هيون. ڇوڪرو ۽ ڇوڪري اڳ ئي هڪ ٻئي جا ڏٺل وائٺل هوندا هئا. دل ئي دل ۾ هڪ ٻئي سان پيار ڪندا هئا. ڪنهن ماڳ تي چار ڏينهن ٽڪيا، مائٽ راضي ٿيا. شادي جي تٿ ٻڌي. گهوٽ ڪنوار لانئون لڌيون. ڀيڻ پلئو ٻڌا. هڪڙي پکي مان اٿي ٻئي پکي مان آيا. ٻه چار راتيون رهي سهاڳ ماڻيو. اوچتو نسبت ٿي. راهي راهه وٺي رمندا رهيا.

هڏوار:

اڳي ملڪ ۾ ماڻهپو هو. ماڻهو ڍونڍ ڪونه کائيندا هئا. اهو ڳجهن، ڪانوَن ۽ ڪتن لاءِ هوندو هو. ڪٿي ڪو ڍور بيمار ٿي لاچار ٿي پوندو هو ته اول ان جو علاج ڪبو هو. ٻهراڙين ۾ مال جي بيمارين جا ماهر طبيب ۽ ڏاها ڏاهيون موجود هئا، پر جي نه چڙهيو ته ڳوٺ يا چري کان پري ڍڳن تي گهلي رکي اچبو هو. آسمان تي اڏامندڙ ڳجهن جي ڪوهن تان ڍونڍ تي الائي ڪيئن نظر پئجي ويندي هئي. ڏسندي ڏسندي ڳجهن جو ڳاهٽ ٿي ويندو هو. ڪانءُ ۽ ڪتا به پهچي ويندا هئا. ماس چڻي کائي، ٺلهو ڪرنگهر ڇڏيو هليا ويندا هئا. هڏ وارن جي به ڳجهن تي نظر هوندي هئي ته ڪهڙي پار پيون اڏامن. هڪدم پهچي هڏا ميڙي کڻي ايندا هئا. اهي هڏا گڏ ڪري، ريل گاڏا ڀري داٻيچي وڃي لاهيندا هئا، جتي هڏن کي پيڙڻ (Crush) ڪرڻ جو ڪارخانو موجود هو. ائين هنن جو گذر سفر پيو هلندو هو. ان ڪرت ڪري هي “هڏوار” سڏبا هئا. مانائتا مسڪين هئا. نه اجهو نه ڇانَو. ٻاروهي پانڌي. نه آسمان پنهنجو نه، زمين پنهنجي. ماڻهو مان مريادا وارا هئا. هنن کي ڪوبه تنگ ڪونه ڪندو هو. سڀ تنگ دست هئا. هنن جون آلي ماهه واريون اکيون سدائين اڀ ۾ هونديون هيون ته ڳجهن جي اڏام ڪنهن دس تي آهي. هنن جون شاديون به هلندي ئي ٿينديون هيون. مُردن کي ڪاڏي کڻي وڃي Dispose ڪندا هئا، اها خبر ڪانهي.

هڏوارن جا لڏا ڳوٺن جي آڌار پرڀرو پکا اڏي اچي ويهندا هئا. انهن جون عورتون مٽيءَ جا ٺهيل پڪا رانديڪا کڻي ڳوٺن ۾ وڪڻڻ اينديون هيون. انهن جي عيوض اٽو يا ان داڻو وٺي وينديون هيون. انهن رانديڪن ۾ اٺ، ڍڳا، گهوڙا، سلفيون ۽ ٻيا رانديڪا به هوندا هئا. ان کان علاوه اکريون، ٻارن لاءِ ٻهڪڻيون وغيره به آڻينديون هيون. شڪارين وانگر هي به ماٺيڻي مخلوق هئي. جيڪو گهر ڪاوڙبو هو ته به، راڄ جو لالانگهرو ڇڏيندو ڪونه هو. جتي ٻيا پکا هڻندا هئا ته راڄ کان رٺل يا نيڪالي ڏنل اهو شخص به انهن پکن کان ڪجهه پري پکو اڏي پنهنجي ڪهول کي ترسائيندو هو. پوءِ جڏهن پکڙا پٽي ڪنهن ٻي ڀونءِ ڀڻندا هئا ته هي به پکو پٽي پنهنجي لڏ سميت ان لڏي جي پويان پنڌ پوندو هو.

واءُ مٽيو. ڪمزور بيمار ۽ لاچار ڍور ڪهي کائجڻ لڳا. ڳجهڙين ڳارو ڇڏيو. ملڪ مٽي، هي جنس هميشه لاءِ غائب ٿي وئي. هڏوار لوڪ به ويس مٽائي الائي ڪيڏانهن هليا ويا.

جهٻير:

شڪارين ۽ هڏوارن جي ڀيٽ ۾ هي ڪميونٽي ڪجهه سائٿ واري هئي. هنن وٽ پنهنجو هنر هو. پنهنجون وڏيون ٻيڙيون هيون. 1954ع کان اڳي جڏهن درياهه آزاد هو ۽ بندن ٻڌڻ جو سلسلو شروع ڪونه ٿيو هو ته ملتان کان وٺي ڪوٽڙي تائين هنن جي ڪونتلن جون قطارون، ٻيٽارين تي ناتاريون کوڙيو لنگر انداز هونديون هيون. 1990ع واري ڏهاڪي کان پوءِ درياهه ۾ واري اڏامڻ لڳي ۽ هي ڪميونٽي اکين اڳيان اوجهل ٿي وئي. فقط يادگيريون رهجي ويون.

ٿيندو هيئن هو، جو صبح مان سوير اٿي درياهه جي ٻيٽن ۽ ٻيٽارين تي نئين ڦٽل مور/لاڪڙ ڪپي آڻي سڪڻ لاءِ رکندا هئا. اها جڏهن سڪي بڻاٺ ٿي ويندي هئي ته، ان کي وري پاڻي ۾ پسڻ لاءِ رکندا هئا. اها سڪل لاڪڙ پاڻي کڻي نرم ٿي ويندي هئي. ان مان کارا، کاريون، ٽوڪريون، ٽٻڻيون ٺاهي وڪڻندا هئا. ڳوٺن توڙي شهرن ۾ انهن جو کاپو هوندو هو. ڪي جهٻير سَر ڪپي ان مان ڪڙيون ۽ ٽئا ٺاهيندا هئا. اهڙي طرح هنن جو اپراسو پيو ٿيندو هو.

اسر جو سامهون ٻيلن مان تترن جون تنوارون هنن کي سجاڳ ٿيڻ جو سڏ ڏينديون هيون. وڏڙا ۽ وڏڙيون اٿي ويهي فطرت جي ساراهه جون ٻوليون ٻڌندا هئا. نوجوان ڇوڪريون مٿي منجڻ تي ستل هونديون هيون. اهي دير سان آرس ڀڃي اٿنديون هيون. هنن جون ڀنئور جهڙيون ڪاريون اکيون ڏنگڻ ۾ دير ڪونه ڪنديون هيون. انهن جا ڪارا وار، ڪامنهن جي ٽارين وانگر ڊگها ۽ وکريل هوندا هئا. ارهه ڍڪيل، سانوري رنگت، البيلائي ۽ لاپرواهي واري الهڙ جواني، نهارڻ سان سيني ۾ سيلهه ٽنبجي پوندا هئا. چوڌاري درياهه جي پاڻي جو شور. صبح جون ٿڌڙيون هيرون ٻيٽارين تي بيٺل هنن جي ڪنئوتلن کي هندوري وانگر پيون لوڏينديون هيون. جهوٽن ۾ ننڊ جهجهي. سج چڙهي ايندو هو. اوچتو واماسن ۾ ويڙهيل ماءُ نينگر کي سڏي چوندي هئي، “ابا هاڻ ته اٿي! ستي ستي لاڪڙ ئي سڪي ويندي”. جواني کي ننڊ گهڻي. نوجوان ڳڀرو ڇوڪرا به پيءَ جي سڏ تي ننڊاکڙيون اکڙيون کڻي نهاريندا هئا ته، پيءُ جي آواز ايندو هو، “ابا اٿي جوڙ ڪو کارو، ته ٿئي ڪو چاڙهو.”

هنن جون ڪونتلون وڏيون هونديون هيون، جن ۾ تري ۾ هنن جو گهر، جيڪو اڪثر ٽوڪرين وارين سهڻين رلين ۽ آنهرين سان سجايل هوندو هو. آڳل تي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڪل رکيل هوندو هو، جنهن تي ماني پچندي هئي ۽ ڳنڌڻ چاڙهبو هو. آڳل تي ٺهيل کارا ۽ ٽوڪرا رکيل هوندا هئا. ڪنڌي سان سڪي تي ويهي کارا جوڙبا هئا. هر ٻيٽاري تي هر راڄ جي پنجن ڇهن ڪونتلن جو پنهنجو ڳوٺ هوندو هو. انهن جون شاديون به انهن ئي ٻيڙن تي ٿينديون هيون. سادڙو ڪاڄ ڪندا هئا. گهوٽ ڪنوار اڳ ئي ريڌل پرتل هوندا هئا. مائٽن راضپو ڏيکاريو، ڳالهه مهاڙ پڪي ٿي، تٿ ٻڌي، شادي ٿي، جوڙ مليا. هڪڙي ٻيڙيءَ مان لهي ٻي ٻيڙيءَ ۾ آيا ۽ نئين زندگي جي شروعات ٿي. چانڊوڪي چانڊاڻ ڳلن تي مِٺيون ڏنيون يا اونداهين ۾ نکٽن نگهباني ڪئي. ڪَتيون ڪنوار جي حفاظت تي مامور رهيون. آسمان تي ستارن جا ٺهيل ڪانگڙا، وڇون، سهڻا جوڙ ۽ کير ولوڙيندڙ ماءُ، سڀئي نگهباني جي پنهنجي پنهنجي ڊيوٽي سرانجام ڏيندا رهيا. جهرڪين جي چاهٽ ۽ تترن جي تنوار تي نکٽن موڪلائڻ شروع ڪيو. اوڀر کان لکن جو ڏاتار (سج) اڀريو. گهوٽ ڪنوار آرس ڀڃي اٿيا. سرهي تيل ۽ صابڻ ڇٽ سان مٿي تي پاڻي ناتو ويو. فطرت طرفان خاص موڪليل نسيم سحر جهنگلي گلن جي خوشبو ۽ سهاڳ رات واري ميندي جي سرهاڻ کڻي اچي سڄي ٻيڙي کي زعفران زار ڪندي رهي.

Leave A Comment