1935/40ع ڌاري گس پيچرا واٽون ڪچيون هونديون هيون. روڊ رستا ڏامر جا ٺهيل پڪا ڪونه هئا. اٺ گهوڙو گڏهه سواريءَ لاءِ هر ڪنهن وٽ پنهنجو هوندو هو. پير وڏيرا ڀلن سينگاريل گهوڙن تي گهمندا هئا. شادي مرادي، ميڙي ملاکڙي تي اٺن يا گهوڙن تي چڙهي وڃبو هو. ڀلا مهري اٺ پاکڙن، ڪجاون وارا ۽ بگيون سواريءَ لاءِ هونديون هيون. منهنجي وڏي چاچا حاجي علي بخش خان لغاريءَ وٽ گهوڙي هوندي هئي. منهنجي ناناڻن ۽ ڦڦاٽن وٽ به گهوڙيون هونديون هيون. اسان وٽ گڏهه هئي، جنهن تي مال جو گاهه پٺو کڻي اچبو هو، جو ٻني ڪجهه وٿيرڪي هئي.
ان دؤر ۾ واڻيا هٽ دڪان به هلائيندا هئا ته ڪي وري گڏهه تي گهور ڪندا هئا. لوڻ مرچ ميٽ تيل ڪپڙو گڏهه تي کڻي ڳوٺن ڏي نڪري ويندا هئا. سانجهيءَ جو واپار ڪري ان ڪڻا کڻي گهر موٽندا هئا. سنڌ جو وڻج واپار گهڻو تڻو واڻين جي هٿ ۾ هوندو هو. انهن ڏينهن ۾ سنڌي هندن کي وڻج واپار جي ڪري واڻيو سڏيو ويندو هو. ڪي وري مهتا يا ڪراڙ سڏيا ويندا هئا. سڀاءُ سڀني جو سٺو هوندو هو. وهنوار ويچار ۾ بي ايماني ڪانه هئي. اها هئي ان دؤر واري سنڌ.
اڳي بجلي به ڪانه هئي. جرمني جون ٺهيل بتيون ۽ گولا گاسليٽ وجهي ٻاربا هئا. هاري ناري به رات جو پاڻيءَ جي واري تي بتي ٻاري کڻي ويندو هو، جيئن نانگ جي خبر پوي. اسان جي گهر ۾ به هڪ گولو جيڪو اويل سويل ڪڏهن ڪڏهن ٻاربو هو ۽ هڪ بتي موجود هئي. اها رات جو گاسليٽ وجهي ٻاري ڪليءَ ۾ ٽنگي ڇڏبي هئي. چمني ۽ ڏيئا به ٻاريا ويندا هئا. ڪپهه کي وٽي ڏيئي جي وٽ ٺاهبي هئي.
درياهه جي مياڻين تان ساٽي مڇي ۽ پلا گهوڙن تي کڻي ڳوٺن ۾ وڪڻڻ ايندا هئا. کاڌي ۾ مکڻ، ڳئون ۽ مينهن جو گيهه استعمال ٿيندو هو. شهرن ۽ ميڙن تي مٺائي به سنڌي گيهه جي ٺهندي هئي. ويندي پڪوڙا به گيهه ۾ تربا هئا. ڊالڊا وارو گند ڪچرو اڃان ڪارخانن وارن ٺاهڻ سکيو ئي ڪونه هو. سکيا ستابا خيرخيراتون ڪندا هئا. جانور ڪهي ان جو گوشت ورهايو ويندو هو. زالون ڳڙ ۽ گيهه جي ڪٽي ڪٽي، مٺيا ٺاهي باسون ڏينديون هيون. ڇٺي، عقيقو ۽ جهنڊ لهرائڻ جون رسمون به هيون.
منهنجا سهڻا، توسان ان دؤر واري سنڌ جون خبرون ڪندي اڌما ٿا اچن. ڪوبه ماڻهو، ڪوبه جانور يا پکي پنهنجي سڀاءُ کان ٻاهر نڪري نه ٿو سگهي. اڻندو اها ئي، جيڪا ڪوريءَ جي من ۾ هوندي. ۽ من ۾ اها ئي اينديس، جيڪو ان جو سڀاءُ هوندو. بگهڙ کي کائڻ ۽ جيئڻ لاءِ گوشت کپي. گوشت ڪنهن ٻئي جيو کي ماري حاصل ڪبو. پکيءَ جو سڀاءُ به ساڳيو آهي. صبح جو جڏهن ٻار ماني کائڻ ويهندا ته ڪانگ اچي منهه تي ويهندو. پوءِ اوچتو ٻار جي هٿن مان لولو يا دٻڪي تان مانيءَ جو ٽڪر کڻي سامهون واري وڻ جي ٽاريءَ تي ويهي، چنبن ۾ ڪري چهنب سان کائيندو هو. ڀٽائي صاحب، حمل فقير ۽ ٻين شاعرن ڪانگ کي خوب ڳايو آهي. مونکان ڪڏهن ڪڏهن نوجوان پڇندا آهن ته سنڌ جو قومي پکي ڪهڙو آهي؟منهنجي اکين آڏو ڪانگ اچيو ٽاريءَ تي ٽلي.
هڪڙي ڀيري جنگشاهيءَ کان اتر طرف ڪاري اري جبل ڀرسان وسيل جوکئي جي بٺيءَ تي ڪچهريءَ ۾ سنڌ جي قومي پکيءَ جي ڳالهه نڪتي. مون جو ڪانگ جي ڳالهه ڪئي ته، صديق جوکئي ڏچر جبل جي ڀوڳائي هڪل ڪري چيو ته، اهو وتي ٿو ٻارن کان لولا کسيندو. اهو وري قومي پکي ڪيئن ٿيو. مون نهاريو لطيف سرڪار ڏانهن. اکين آڏو هي بيت ڦري آيو:
پرين جي پرديس ۾، تن جي ڪانگا ڪج خبر،
ته سڀ مڙهايان سون سين، پکي تنهنجا پر،
گهمي مٿان گهر، ڏج پارانڀا پرينءَ کي.
اوهين ٿر وڃي ڪنهن ٿريءَ کان پڇندا ته ڀائو ڏي خبر، سنڌ جو قومي پکي ڪهڙو آهي؟ هڪ دم جواب ڏيندو: “مور”. اڏاڻي ڳوٺ ۾ حاجي راوت خان ڏوهٽ وٽ ڪچهري هجي. ڳالهه نڪتي ته ”مور” ئي اسان جو قومي پکي آهي. هڪڙي پوڙهي پري کان هڪل ڪري چيو ته، سائين “ٻاٻيهي” کي متان وسارجو. پوءِ ڀٽ ڌڻيءَ جو هي بيت پڙهي ٻڌايائين:
منجهان منهنجي روح، جي وڃي ساڄن وسري،
مر لڳي لوه، ٿر ٻاٻيهو ٿي مران.
توهان منڇر جي منڇريء کان پڇندؤ ته چوندو: “سانءِ”، اها جيڪا ٻيڙيءَ جي آڳل تي ٻڌي بيٺي اٿئي.
لاڙ ۾ هڪڙي ڀيري ڌانڌاريءَ کان گهوڙاٻاڙي ويندي موٽر سائيڪل تي واهه جي ڪڙ وٺيو پيو اچان. “وهين” جا ولر ڏسي هانءُ ٺري پيو. کبڙن ۽ ڄارين تي لکن ڪروڙن جي تعداد ۾ “وهيا” مڪ ۽ پيرون چڻي رهيا هئا. گهوڙاٻاڙي پهتس. ٻه ٽي ڪاٺ جون جڙيل هوٽلون هيون. هڪڙيءَ تي آئون وڃي ويهي رهيس. آهستي آهستي ڳوٺاڻا به اچي پاسي وارين بينچن تي ويٺا. پاسي ۾ موچي ويٺي جتيون ڳنڍيون. پهريائين ته ان تي چرچا ڪرڻ لڳا. موچيءَ سان اها ڪار ڪا روزانو ٿيندي هئي، سو اڳئي تيار ويٺو هو. اهڙا ته سرائتا چرچا هنيائين جو ٽهڪن تي ٽهڪ هجن. پوءِ پاڻ ۾ هڪٻئي کي لڳي ويا. سنگتي، سنڌ جو سڀاءُ ته ڏس. چار ڄڻا گڏ ويهن ۽ چرچا نه ٿين. اها اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي. مون صورتحال ڪجهه اهڙي ڏٺي جو ڀانيم ته اجهي ٿا مون ڏي موٽ کائين، پوءِ تڪڙو چانهه پي اٿڻ لڳس ته هڪڙي همراهه هڪل ڪري چيو ته، “ڀائو خبرون ٻڌاءِ، ڪير مڙس آهين؟” مون پنهنجي واقفيت ڪرائيندي چيو ته، “ادا آئون فلاڻو آهيان. کاري ڇاڻ ويو هوس. موٽ تي ڌانڌاريءَ کان ٿيندو گهوڙاٻاڙِي پهتو آهيان۔ هاڻ ٺٽي ويندس. مونکي سنڌ جي قومي پکيءَ جي تلاش آهي”. ان وقت وهين جو ولر ڄارين تان اڏامي پاسي وارن کبڙن تي ويٺو. همراهه چيو ته، “ڀائو، اهو اٿئي اسان جو قومي پکي”.
چاڪرڪوٽ ڪاڇي ۾ پنهنجن اباڻن کيٽن کي ڏسڻ لاءِ وڃي پهتس. مونسان گڏ ماستر غلام رضا لغاري به هو. ماستر پيرل ٻٻر اسان جي ٻنين جي سنڀال ڪندو هو. لسي مکڻ ۽ جوار جي ماني کڻي آڻي اڳيان رکيائين. ماني کائي لاٿيسين. هو اسان کي وٺي آيو قبرستان تي. چيائين، “هتي اوهان جي وڏڙن جا هڏا پوريل آهن.” پوءِ هڪ ٺڪراٺي واري ميدان تي آڻي بيهاريائين. ٻڌايائين ته، “هي آهي اوهان جي وڏڙن جو پڊ.” پري پري تائين ٻنن ۾ ترُي ۽ ڪانُگڙ جوار جا سونا سنگ جهومي رهيا هئا. وڏا پيها ٺهيل هئا. انهن تي سج جي تپش کان بچڻ لاءِ اجرڪن جون اوٽون ڏنل هيون. اوچتو بي مهل اهو ساڳيو سوال زبان تي اچي ويو. “ماستر صاحب، تون ڪاڇي ڌڻي آهين. تنهنجي خيال ۾ سنڌ جو قومي پکي ڪهڙو آهي؟” سامهون واري جوار جي پيهي ته هڪ نينگري کانڀاڻي کنيو ويٺي هئي. اوچتو هڪ ڳيرو جوار جي سنگ تي اچي ويٺو. ڇوڪري اٿي، کانڀاڻي ۾ ڳوڙهو وجهي زور سان ڦيرائي ڳيري ڏانهن اڇليو ۽ هڪل ڪيائين، “هور ڙي ڳيرو”. ڳوڙهو ڳيري جي پاسي ۾ وڃي ڪريو. ڳيرو اڏامي ويو. ماستر پيرل مون ڏي ڏسي چيو، “ادا اهو آهي اسان جو قومي پکي.” مونکي منهنجي سوال جو جواب ملي ويو. امن پسند سنڌ جا ماڻهو ڳوڀ ڳيرا، پنهنجي ڳيري تان هٿ ڪيئن کڻن.