ڳالهيون ڳنوارن جون … سياسي سرهاڻ ۽ گلن جي خوشبوءِ وارو شهر نوابشاهه … مشتاق باگاڻي

                 ڳالهه پئي ڪيم ته سانگهڙ ۾ ٽڻ ڦٽي وڃڻ کان پوءِ، عزيز ڀنگوار ۽ اسماعيل وساڻ وارن جي معرفت، شاهپور چاڪر ۾ اچي رهيس. چند ڏينهن کان پوءِ اتان به دل کٽي ٿي پئي. لا ابالي زندگيءَ جي ڏور مونکي شاهپور چاڪر مان ڇڪي آڻي نوابشاهه پهچايو، جتي آئون پنهنجي بابا جي گهڻ گهرئي دوست چاچا يوسف پنجابي جي معرفت هڪ ننڍڙي جاءِ مسواڙ تي وٺي رهڻ لڳس. چاچا يوسف نهايت ئي نيڪ انسان هو. از راه تذڪره ان جو ذڪر ڪندو هلان. منهنجي بابا سائين جي 43 ايڪڙ زمين ديهه ڪاڪا تعلقو سڪرنڊ ضلعو نوابشاهه ۾ واقع هئي. پاڙي جا وڏا زميندار حاجي الهه بخش راهو ۽ راڄو پنجابي هئا. اويس ڪوري نالي هڪڙي همراهه جي به 15 کان 20 ايڪڙ زمين هئي. سئو کن ايڪڙ زمين منهنجي چاچا حاجي دين محمد لغاري جي به هئي. باقي ٻيون سڀ زمينون پنجابي آبادگارن جون هيون. پاڻي جي پيچ واٽر ڪورس 12L دولتپور ڊسٽري بيوٽري تي هئي. انهن پنجابي آبادگارن ۾ آرائين، مائون، کٿورا ۽ واگهرا ذاتين وارا سيٽلر هئا. بابا سائينءَ سان سڀ جا سڀ سٺي هلت هلندا هئا. انهن آبادگارن جي آڌار منهنجي بابا پنهنجا هاري پنجابي رکيا. اسان جي زمين جي پاسي ۾ کاري کوهي جي نالي سان انهن جو ڳوٺ ٻڌل هو. زمين جا پنهنجا ٽڪر به هئن. اسان جي هارين چئن ڀائرن مان يوسف نالي وارو وڏو ڀاءُ ڀائرن کان ڌار ٿي لڏي وڃي نوابشاهه شهر ۾ ويٺو. ٻه ٽي ڳئون به هئس. ريلوي اسٽيشن کان اڀرندي پاسي خالي پٽ پيا هئا. هڪڙي جاءِ هٿ ڪري پٿاري ٺاهي ويهي رهيو ۽ کير وڪڻي گذر ڪرڻ لڳو. اڳتي هلي پڪو گهر به ٺاهي ورتائين. اسان جي امتحانن جو سينٽر نوابشاهه هوندو هو. ٻارهين مهيني بابا مونکي وٺي هلي ان اشراف جي گهر رهائي ايندو هو. امتحانن وارا ڏهه ٻارنهن ڏينهن آئون انهن جي گهر ۾ رهندو هوس. ان پراڻي ناتي ۽ راهه رسم جي آڌار چاچا يوسف منهنجو گهڻو خيال رکندو هو.

هاڻي ڪجهه نوابشاهه جو ذڪر به ٿي وڃي. نوابشاهه ۾ سالياني برسات (سراسري 4.5 انچ) گهٽ پوڻ جي ڪري گرمي پد وڌيڪ ٿي وڃي ٿو. ويساک، ڄيٺ ۽ آکاڙ جا جهولا ان کي ويتر وڌائي ڇڏيندا آهن. سانوڻ ۾ برساتون پونديون آهن ۽ گرمي گهٽجي ويندي آهي. هتي اونهاري ۾ ڏکڻ اولهه کان ايندڙ وهنديءَ جون وائون گهلنديون آهن ۽ سياري ۾ ايراني پلينيٽ کان ايندڙ اتر اولهه واريون ٿڌيون هوائون ٿڌ کي وڌائي ڇڏينديون آهن. نوابشاهه جون زمينون زرخيز هئڻ جي ڪري اپت وڌيڪ ٿئي ٿي. روهڙي ڪئنال نوابشاهه جي اولهه طرف کان وهي ٿو. انگريزي دؤر ۾ اترين علائقن کي سنڌ سان ڳنڍڻ لاءِ ريلوي جو نظام ٺاهيو ويو ته نوابشاهه ريلوي اسٽيشن ٺهي.

بيحد خوبصورت نوابشاهه جو شهر ٻن حصن ۾ ورهايل هو. هڪڙو پراڻو نوابشاهه، جتي امير ترين سنڌي هندو واپارين جا کُڏن مٿان کُڏ ۽ محل ماڙيون اڏيل هيون. ستيتاليهن واري لڏ پلاڻ کان پوءِ اتي هندستان کان آيل مهاجرن کي آباد ڪرايو ويو هو. ٻيو حصو جديد تعميراتي منصوبي تحت ٺهيل هو. ويڪرا رستا. سهڻا دڪان ۽ مارڪيٽون. اسپتال، سرڪاري آفيسون. ڪاليج، اسڪول. نوابشاهه هائوسنگ سوسائٽي وغيره.

انتظامي لحاظ کان پھرين نومبر 1912ع تي نوابشاهه کي ضلعو بڻايو ويو. انگريزي دؤر ۾ هتي ايڇ ٽي سورلي جهڙا ڊپٽي ڪليڪٽر انتظامي عملدار مقرر ٿيندا رهيا. ضلعي جو انتظام بخوبي سنڀاليندا رهيا. انگريزن جي آخري دؤر ۾ سانگهڙ وارو پاسو البت ڄراٽجي رهيو هو. ان جو سبب اهو هو ته پير سائين پاڳاري سنڌ کي 1843ع کان اڳ واري حيثيت ۾ ڏسڻ پئي چاهيو. عجيب ڳالهه اها هئي ته هڪ پاسي انگريز برصغير مان نڪرڻ جا سانباها ڪري رهيو هو ته ٻئي پاسي سنڌ ۾ ٻارڻ ٻاري سنڌي ماڻهن کي لوڙهن ۾ بند ڪيو پئي ويو. خير سانگهڙ ۾ پنجابي سيٽلر آباد ڪري ماٺار آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. نوابشاهه جي به ساڳي حالت رهي.

سياسي لحاظ کان ستر واري ڏهاڪي ۾ نوابشاهه ۾ ٻه گروپ متحرڪ هئا. هڪڙو سيد گروپ ۽ ٻيو جتوئي گروپ هو. سيد گروپ ۾ سيد خير شاهه، سيد ظفر علي شاهه، حاجي رحمت الله بهڻ، رئيس جان محمد ۽ رئيس رضا محمد خان ڏاهري وغيره شامل هئا. جتوئي گروپ ۾ رئيس غلام مصطفي خان جتوئي، رئيس غلام مجتبي` خان جتوئي، حاجي امام علي خان انڙ، رئيس الاهي بخش ڏاهري، ڄام قرار الدين وغيره شامل هئا.

تاريخي طور ڏسجي ته ضلعي نوابشاهه ۾ جتوئي خاندان جي سياسي برتري 1920 کان شروع ٿي. خان بهادر غلام رسول خان وڏي جو فرزند خان بهادر حاجي امام بخش عرف شاهنواز خان “صابر” 1920ع کان 1932ع تائين بمبئي ليجسليٽو اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو. امام بخش خان 1933ع کان 1936ع تائين چيئرمين لوڪل بورڊ نوابشاهه رهيو. هي صاحب 1937ع ۾ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ نوابشاهه جو صدر به رهيو. ان بعد غلام رسول خان جتوئي 1940ع کان 1952ع تائين چيئرمين لوڪل بورڊ نوابشاهه رهيو. اڳتي هلي غلام مصطفي خان جتوئي ۽ غلام مرتضي` خان جتوئي به چيئرمين لوڪل بورڊ نوابشاهه رهيا. 1946ع کان 1953ع تائين غلام رسول خان جتوئي ميمبر قومي اسميبلي رهيو. ان بعد غلام مصطفي` خان جتوئي ۽ غلام مجتبي` خان جتوئي مختلف عرصي دوران ميمبر قومي اسيمبلي رهندا آيا. مطلب ڳالهه جو اهو ته انگريزن جي دؤر کان وٺي جتوئي خاندان متحرڪ ۽ نوابشاهه ضلعي جي سياست تي حاوي رهيا. خان بهادر امام بخش خان “صابر” وڏو شاعر هو سندس ڪلام جو نمونو حاضر آهي:

بڻائي سهڻي صورت کي، منهنجو دلدار بيٺو آ،

وڇائي زلف جي ڦاهي، سر بازار بيٺو آ،

خدا ڄاڻي ڪنهن ڪنهن کي ڦاسائي دام الفت ۾،

سنواري زلف پيچان کي، گل رخسار بيٺو آ،

ناهي معلوم، شيدائي شهيد خون ٿي ويندو،

مکي هٿڙن کي ميندي کنيو تلوار بيٺو آ،

ڪيو ٿا قتل اي جانان، هلائي حسن جو خنجر،

نمايون سر هي مدت کان، تنهنجي دربار بيٺو آ. (صابر)

تعليمي لحاظ کان مدرسو هاءِ اسڪول نوشهرو فيروز، ڪراچي مدرسه الاسلام، شڪارپور ۽ حيدرآباد جي تعليمي مرڪزن وانگر نوابشاهه به تعليم جو شاندار مرڪز هو. ان جو روح روان ٽنڊي باگي جو ڄاول حاجي خان پٽ مهر علي خواجا صاحب هو. هن آدرشي انسان جي جاکوڙ سان، نوابشاهه ۾ هاءِ اسڪول قائم ٿيو. پاڻ ان جا هيڊ ماستر بڻيا. مين اسڪول موري واري هيڊ ماستر سائين محمد ڇتل وانگر سائين خوجا صاحب گلن جا تمام گهڻا شوقين هئا. سائينءَ جي هاڪ هئي. ڏاڍي سٺي پڙهائي سان گڏ سائين ٻارهين مهيني اسڪول ۾ گلن جي نمائش ڪرائيندا هئا. قسمين قسمين گل گلاب، رابيل، موتيو، مگرو، چنبيلي، زنگي، ڊوڊينا، کٽڻهار، رات جي راڻي ۽ ٻيا گل سجايل هوندا هئا. انهن گلن کي ڏسڻ لاءِ ماڻهن جو ميلو متل هوندو هو. ۽ هاڻي آئون سياسي سرهاڻ، گلن جي خوشبوءَ سان واسيل ۽ نهايت ئي خوبصورت شهر نوابشاهه ۾ رهڻ لڳس.

شامڙيءَ جو اڪثر خوجه گارڊن ۾ وڃي روح وندرائڻ جي ڪوشش ڪندو هوس، جتي ٻيا به کوڙ ڳڀرو ڳيرا ۽ سرمئي ڪرُڪٽيون گهمڻ ڦرڻ لاءِ اچي گڏ ٿينديون هيون.