ڳالهيون ڳنوارن جون … طغرل آباد جو قلعو ۽ مڪلي جو عروج ۽ زوال ….مشتاق باگاڻي

                 مڪلي جي عروج جي دور وارا سهڻا، سکيا ستابا وسندڙ شهر ائين ويران ٿي ويا جو اڄ انهن جو نشان به باقي نه رهيو آهي. هن خوبصورت ٽڪريءَ جي اتر طرف ساموئي جو شهر سمن جي دور ۾ سنڌ جي گاديءَ وارو شاندار شهر هو. اهو ڦٽي برباد ٿي مورڳو ميسارجي ويو. ان کان اڳ اهڙو ئي هڪ شاندار شهر مڪلي جي ٽڪريءَ تي ڏکڻ طرف به موجود هو، جنهن کي طغرل آباد سڏيو ويندو هو.

                 مرزا قليچ بيگ لکيو آهي ته، ”هي شهر سيوهڻ شهر جي جوڙ جو شهر هو. سڪندر اعظم جي سنڌ تي ڪاهه وقت به موجود هو”. هڪ ڊگهي لاعلمي ۽ بي خبري کانپوءِ وري سومرن جي دور ۾ هن شهر جو نالو ملي ٿو. محمد طور تباهه ٿيڻ کانپوءِ ڪجهه عرصي لاءِ سومرن هن شهر کي اچي دارالحڪومت بڻايو. سمن جي دور ۾ ڄام تغلق بن ڄام سڪندر هن جي مرمت ڪرائي ۽ ڪجهه عمارتون تعمير ڪرايون ۽ هي شهر تغلق آباد سڏجڻ لڳو. ان بعد مرزا جاني بيگ هن جي مرمت ڪرائي. جڏهن خان خانان گهل وٺي سنڌ تي هلان ڪئي ته مرزا جاني بيگ سنڌين جو لشڪر وٺي خان خانان سان مقابلو ڪيو. سندس پيءُ مرزا پائنده بيگ (متوفي 1000هه)  پُٽ جي چوڻ تي ٺٽي شهر کي باهه ڏئي ساڙائي راڄ وٺي وڃي تغلق آباد ۾ رهيو. مغلن جي دور ۾ ٺٽي جو صوبيدار مريد خان معزولي کانپوءِ ڪجهه عرصو هن شهر ۾ اچي رهيو هو. ان کانپوءِ هي شهر ڦٽندو ويو. مير علي شير قانع تحفتہ الڪرام 1181هه ۾ لکي پورو ڪيو. ان وقت هن شهر جي حالت بابت لکي ٿو، ”تغلق آباد عرف ڪلان ڪوٽ جو قلعو، جو باوجود ڊهي وڃڻ جي اڄ به خالص روح ۽ سرور سان اهل دل جي لاءِ قوت ۽ قوُت آهي. (مڪلي نامون صفحه 461).

سيد حسام الدين راشدي مڪلي نامي ۾ طغرل آباد جو ذڪر هن طرح ڪيو آهي، ”مير علي شير جي روايت مطابق اهو شهر اصل ڪلا راجا جو ٻڌايل هو، جنهن جي نالي پٺيان ڪلان ڪوٽ مشهور ٿيو. مرزا قليچ بيگ ان کي ڪلياڻ ڪوٽ ٿو سڏي، يعني امُن آرام ۽ راحت جي جاءِ. سومرن ڪجهه عرصي لاءِ تغلق آباد شهر کي دارالحڪومت بنايو. سمن جي دور ۾ ڄام تغلق سمي نئين سِر ان جي مرمت ڪرائي. محل ۽ ماڙيون اڏارايون، شهر کي وسايو ۽ رونق وٺرائي. ان ڪري ان تي تغلق آباد نالو پئجي ويو. ان کي ڪلان ڪوٽ به سڏيو وڃي ٿو. ان قلعي جو هڪ نالو طغرل آباد پڻ آهي. چيو وڃي ٿو ته مغل دور جي هڪ امير طغرل بيگ ان جي مرمت ڪرائي هئي، جنهن کان ان جو نالو طغرل آباد سڏيو ويو”.

اعجاز الحق قدوسي تاريخ سنڌ جُلد دوم ۾ سيد حسام الدين راشدي جي حوالي سان لکيو آهي ته، ”هي شهر ۽ قلعو مڪلي جي سرڪاري بنگلي کان ست ميل ڏکڻ طرف هو. هي شهر قديم دور کان قائم آهي، جنهن جا مختلف زمانن ۾ مختلف حاڪم رهيا. اهو ئي سبب آهي جو هر دور ۾ هن جو نالو بدلبو رهيو. مثال طور: ڪلا ڪوٽ، ڪلياڻ ڪوٽ، ڪلان ڪوٽ، تغلق آباد ۽ طغرل آباد”. (ص 358).

مير علي شير قانع مڪلي نامه پارسي جي صفحه 72 کان 82 تائين طغرل آباد جو ذڪر پنهنجي لاثاني نثر ۽ نظم ۾ هن طرح ڪيو آهي، ”دل چئي ٿي ته طغرل آباد جو سير ڪجي، جنهن جي زمين عشرت بنياد، هوا فرحت بخش، صبوح سوره ”والشمس” جي تفسير ۽ رات، آيات نور جي تعبير آهي. چوطرف سبزه زار ۽ زعفران زار، پُر شڪوه شاداب ٽڪري تي هي فرحت نشان مڪان آهي. اگر هُد هُد سليمان آن جا رسدي تعريف سبا برلب نه راندي”

نظارها شيدابود دل را سرِ سودا بود،

قانع تمناها بود سر سير طغرل آباد را.

توڙي جو ڪلان ڪوٽ جي قلعي جون عمارتون ڊهي ۽ ديوارون ڀڄي ڀُري شڪسته ريخته ٿي ويون آهن، پوءِ به ماڻهن جا هجوم گهمڻ ڦرڻ ۽ سير تفريح لاءِ هتي اچي گڏ ٿيندا آهن.

”ان قلعي جي اتر طرف کان پرشڪوه ” اگهور تلاءُ” موجود آهي. ان مٺڙي تلاءُ جي ڪهڙي وصف بيان ڪريان! هن عجيب تالاب خوش تاب جو پاڻي آب ڪوثر وانگر روح کي راحت بخشيندڙ آهي. شوخ نگاهن وارا دلربا گروهه در گروهه سير لاءِ اچي رهيا آهن. پڻ حسن جي هڪڙي ديد جا خريدار به ڦري رهيا آهن. اي چشم مخمور وارا سهڻا سائين، خدا جي واسطي هڪڙي دم جي لاءِ ديدار ته ڪراءِ”. بيتاب دلڙين وارا وصل جي ذوق خاطر يار جي جلوي ڏسڻ ۽ هڪ ديد جو ديدار ڪرڻ لاءِ بي خودي ۾ مخمور ۽ مهجور آهن. برسات جي موسم ۾ گهمڻ ڦرڻ جا خاص موقعا ميسر ٿيندا آهن. ماڻهو هتي غم دور ڪرڻ ۽ خوشي حاصل ڪرڻ لاءِ اچي گڏ ٿيندا آهن”.

ان کان علاوه پيرعالي جي قبرستان کان ڏکڻ ۾ هڪ کڏ موجود آهي، جنهن کي گل غيب جو تلاءُ سڏيو وڃي ٿو. سيد حسام الدين راشدي جو خيال آهي ته، اهو گل غيب جو تلاءُ نه آهي، بلڪ اهو اهوئي کوهه ڦٽي چڪو آهي، جنهن جو نالو مڪلي نامه ۾ کنڊ سر بيان ڪيو ويو آهي. (مڪلي نامو ص 675).

پُر شڪوه ۽ روح کي راحت بخشيندڙ اگهور تلاءُ برسات ۾ ته ڀرجي بيهندو آهي پر سياري  ۾ به ان ۾ پاڻي موجود هوندو آهي. هي واحد تلاءُ اڄ به سلامت آهي پر ان جي ڪنارن تي خوشبو وارن گلن سان جهنجهيل سايه دار درخت موجود نه آهن، نه ئي انهن جي ڇانوِ ۾ ويهي تنبور وڄائيندڙ سهڻا ڳڀرو نينگرا نظر ايندا. ڪنڊيدار ديوين جي درختن ۽ ڪونگوٽارن جي آغوش ۾ هي تاريخي تلاءُ پويان پساهه کڻي رهيو آهي.

مير علي شير قانع جو قلم مڪلي جي تعريف ۾ ايڏو ته جوش و جولان ۾ اچي ٿو وڃي جو عقل چرخ ٿيو وڃي. پاڻ لکڻ ٿا، ”صبوح جي ٿڌڙي هير گهلي رهي آهي. جي حضرت نوح به هتي هن کي اچي ڏسي ها ته جودي جبل تي نه لهي ها ۽ حضرت موسيٰ به طور جو رُخ نه ڪري ها”.

مڪلي جي ذڪر ۾ مير علي شير قانع جي قلم جي ڌار ايڏي تکي ۽ تيز ٿيو وڃي ٿي، جو هڪ طرف فرمائي ٿو،

رخ شان ڪعبه ارباب اسرار

غزالان حرم چشمان طرار.

ته وري ٻي طرف مڪلي نامه پارسي نسخي جي صفحي 46 تي هن طرح رقمطراز آهي،

بلب گويند ”رام’ ورام سازند

دو گيسو بشڪنند ودام سازند.

”هتي جو هر پٿر سنگ تراش جو تراشيل الماس آهي. هن جي خاڪ مان به مُشڪ، عبير و عنبر جي خوشبوءِ اچي رهي آهي. هر طرف تخته تخته سبزها خودرو، و هر جانب دسته دسته رياحين خوشبوءِ.

شاهه پريان جي ميلي جو ذڪر ڪندي لکن ٿا، ”هر هفتي خميس ڏينهن شاهه پريان جو ميلو لڳي ٿو، جتي فقط عورتون اينديون آهن، مردن کي اتي وڃڻ جي اجازت ڪانهي. پرين جهڙيون خوبصورت بلاي دين و ايمان زائفائون جن جا چوٽا ور وڪڙ کائي چيلهه تائين پهتل آهن، اچي وڃي رهيون آهن. هوا ۾ رقص ڪندڙ انهن ڪارن وارن کي ڏسي، عشق جي شهيدن جون دليون تار تار ٿي رهيون آهن. هوا ۾ پاڻي جون ڇوليون رقص ڪري رهيون آهن ۽ انهن تي ٻيڙِيون جهومنديون لڏنديون پيون وڃن. انهن تي سير تي آيل دوشيزائون، گُلن جهڙين پرين جون ٽوليون سوار آهن.

بڪشتها نشته فوج خوبان.

بوقلموني جادوءِ وارو طلسمي منظر ۽ ماحول آهي. هندو چه

مسلمان جوق در جوق اچي رهيا آهن. صبح کان شام تائين اهو سلسلو جاري و ساري آهي”.

لال لبڙن ۽ مرگهه نيڻن سان لڄادار، شرم و حيا واريون پاڪيزہ ۽ حسين خوبصورت نازنين وهندي جي وائن ۾ وارن کي لهرائيندي، هلندي ڦرندي، مڪلي جي خوشبودار گُلن جو واس وٺي رهيون آهن. انهن مان ڪي پنهنجن ٻارڙن کي گهمائيندي خوش ٿي رهيون آهن. نياز ۽ نوڙت سان خماريل اکڙين لال لبڙن وارا نظرباز نينگرا تلائن جي ڪنڌين سان ساز ۽ آواز جا جادو جاڳائيندي ۽ دل وارن جي دلڙين تي نظرن جا تير وسائيندي ڏسجي رهيا آهن. پاڪ پاڻي جا صاف شفاف چشما، زمرد ۽ يمني عقيق جهڙا مڪلي جا پٿر بلورين زمين تي سائي چادر ۾ ويڙهيل آهن”.

ادا پڙهندڙ، اها هئي سُهڻي ۽ من موهڻي مڪلي، جنهن کي هاڻ اکوڙي ٽوڙي تباهه ڪيو ويو آهي.