ڳالهيون ڳنوارن جون … غمن وارا ڪهڙي عيد ملهائين! … مشتاق باگاڻي

                 ماسٽر چندر هڪڙو ڪلام ڳائيندو هو: “غمن وارا ڪهڙي عيد ملهائين، سور جنين جا سنگتي آهن”. رمضان شريف جي هيءَ عيد اهڙي موقعي تي آئي، جو سڄي دنيا سورن ۾ آهي. آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران مٿان مڙهيل جنگ سڄي دنيا تي اثر انداز ٿي رهي آهي، تيل ۽ گئس جو بحران، قيمتون آسمان تي. هر شئي مهانگي. هر ماڻهو پريشان نظر اچي رهيو آهي.

                 عيدون اڳوڻي دؤر ۾ به اينديون هيون. عيد جي ڏينهن ماڻهو نئون لباس پائي گهر کان ٻاهر نڪرندا هئا. ان لباس يا ڪپڙي جي لاءِ تياري گهڻو اڳي ڪرڻي پوندي هئي. اڄوڪي دور وانگر ٽيڪسٽائل انڊسٽريون ته هيون ڪونه. ڪپڙو ڪوري اڻندا هئا. ان جو پروسيس ڊگهو هوندو هو. ڪتيءَ جي مند پوري ٿيندي هئي. مايون وونڻن جي چونڊي مان وانديون ٿي، ڦٽيون گهر کڻي اينديون هيون. هر ويڙهي ۾ آتڻ جي مخصوص جاءِ هوندي هئي. گهر جو ڪم ڪار لاهي ننڍيون وڏيون عورتون آتڻ ۾ اچي گڏ ٿينديون هيون، جتي هر ڪنهن جو پنهنجو ائيٽ ۽ چرخو رکيل هوندو هو. ڦٽيون ٽاڻي ڪڪڙا ڪڍي ڪپهه ڌار ڪبي هئي. اها ڪپهه پڃاري کان پڃائي اچبي هئي. ان جا ڀڙا ٺاهي پوءِ پوڻيون ٺاهينديون هيون. هن صنعت تي ڀٽائي صاحب جو سڄو سر ڪاپائتي موجود آهي:

توڙي تون ڪاتار، جم هيڪلي ڀيرئين (لطيف)

(جيتوڻيڪ تون ڪتڻ ۾ کڻي ماهر هجين، ته به متان اڪيلي ائيٽ هلائين. جيسين ڪتي سگهين تيسين ڪت). ڀٽائي صاحب جو سڄو سر ڪاپائتي يعني ڪتڻ واريءَ جي رهنمائي ڪري ٿو. جيسين ائيٽ نئون اٿئي، تيسين پهي هٿان نه ڇڏ، جي ائيٽ پراڻو ٿي وڃئي، ته به ڀڳل سان ئي ڀير.

جان ڪتين تان ڪت، هي هڏ وهاڻي،

ڪاپائتي سڀ ڪا، ڪتي سيباڻي،

ڄاتو جن ڄاڻي، تن هٿان پهي نه ڇڏي. (لطيف)

لطيف سرڪار ڪتڻ واريءَ کي عيد جي ڏينهن جي ياد ڏياريندي هدايت ٿو ڪري ته هي مهل گذري ويندي. پنهنجي عيد لاءِ ائيٽ هلائي ڪو ڀرت ڀرج.

هي هڏ وهاڻي، جان ڪتين تان ڪت،

ڪو پنهنجي عيد کي، ڀيري ڪج ڀرت،

متان روئين رت، صباح وچ سرتيين. (لطيف)

چرخي تي ڌاڳا ٺاهبا هئا. قابل ڪاپائتيون سنها ڌاڳا وٽينديون هيون. انهن جو رنگ اڇو هوندو هو. رنگين ڪپڙي ٺاهڻ لاءِ کٽين کان ڌاڳا رڱائبا هئا. ڪوري ڪاريگر تاڃي ٺاهي پوءِ پيٽي تي اڻت ڪندا هئا. ڪپڙو تيار ٿيندو هو ته ان مان لباس سبائيندا هئا.

ڪپڙي جي صنعت سنڌ ۾ پراڻي زماني کان قائم آهي. سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ به آڏاڻا هوندا هئا. پوسٽنس لکيو آهي ته سنڌ سوٽي ڪپڙي جو گهر آهي. سنڌ سوٽي ڪپڙي جي ڪري ايڏي ته مشهور هئي جو ستين عيسوي صدي ۾ ميسوپوٽيميا جا حڪمران سنڌ جا ٺهيل سوٽي ڪپڙا پهريندا هئا. سنڌ اوڄ جي ڪم ۾ مشهور هئي. سترهين صدي ۾ انگريزن ۽ ڊچن ڪپڙي جي واپار ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ ڪوٺيون قائم ڪيون. هرک سادو ۽ ڇريل، سنهون ۽ ٿلهو بافتو، ڇيٽون، ململ، سوسيون يا گربيون، لونگيون، حلواڻ، چنيون ۽ اجرڪون وغيره تيار ٿينديون هيون. ٺٽو، نصرپور، سيوهڻ، بکر، سکر، بوبڪ، سن درٻيلو، روهڙي، گمبٽ، ڪنڊيارو، گچيرو ڪپڙي تيار ڪرڻ جا مرڪز هئا. ريشمي ڪپڙو به ٺاهيو ويندو هو، جنهن ۾ تاڃي ريشمي هوندي هئي ۽ پيٽو سٽ جو ڪتب آندو ويندو هو. ان کان علاوه ريشمي ڪپڙي تي سون ۽ چاندي جي ڌاڳي سان ڀرت ڀريو ويندو هو. ان کي ڪيمخاب سڏيو ويندو هو. لباس ۾ قميص، صدري وانگر هوندي هئي. اها سئي ڌاڳي سان عورتون گهرن ۾ سبنديون هيون. ان ۾ ڪافي وقت لڳي ويندو هو. مرد شلوار وڏي پائيندا هئا. پٽڪو به وڏو ٻڌندا هئا. عورتن جو لباس گج، لاوڻ ۽ چولو هوندو هو. سٿڻيون گهڻو ڪري گربيءَ جون پائبيون هيون. زالون ٽنئورن واريون جتيون پائينديون هيون. مرد سليپر يا گيتلو يا کرڪڻ پائيندا هئا. موچيءَ کي پير جي ماپ ڏبي هئي، ان ماپ تي جتيون ٺهنديون هيون. جتيون چانديءَ جي زري وانريون به ٺهرائبيون هيون. ان ۾ به ڪافي وقت لڳندو هو. اهڙي طرح عيد جي تياري لاءِ لباس تيار ڪيو ويندو هو.

رمضان شريف واري عيد کي سيوين واري عيد سڏيندا هئا. سيويون گهرن ۾ عورتون تيار ڪنديون هيون. جنڊ تي سنهو اٽو  پيهي، ڪپڙي ۾ ڇاڻي، ان کي چڱي طرح ڳوهي، ننڍڙا بلور جيڏا ڀڙا ٺاهي انهن کي پهريائين هٿ سان وٽي ڊگهو ڪري، پوءِ ڪني يا مٽ کي اونڌو ڪري ان تي سنهڙيون مهارون ٺاهبيون هيون. کٽ تي صاف ڪپڙو وڇائي ان تي سڪائبيون هيون. سنجارکيون عورتون انهن کي تئي تي سيڪي رڌينديون هيون. ٿالهي ۾ وجهي مکڻ مکي مٺائي ٻرڪي ٻارن جي اڳيان رکنديون هيون ۽ ويڙهي ۾ مٽن مائٽن ڏانهن به موڪلبيون هيون. سيوين ٺاهڻ واريون ڪلون گهڻو پوءِ آيون. سي به سريالن جي گهرن ۾ هونديون هيون. پاڙيوارا انهن کان وٺي سيون تيار ڪندا هئا. ٻهراڙي ۾ غربت گهڻي هئي، البت شهرن ۾ هٽ واڻيا ۽ واپاري طبقو خوشحال هو. عيد جي خوشيءَ ۾ مسلمانن سان هندو برادري به گڏ هوندي هئي. ڀيد ڀاو ڪونه هو. رواداري هئي. 

صبح جو سوير ڪپڙا لٽا پهري عيد نماز لاءِ نڪربو هو. ٻهراڙين ۾ عيد نماز پڙهي مبارڪون ڏيئي وٺي هر ڪو پنهنجي پنهنجي گهر هليو ويندو هو، جتي سيويون ان جي انتظار ۾ هونديون هيون.

عيد خوشيءَ جو ڏينهن آهي. عيد رات ايندي ئي ننڍيون نيٽيون هٿن کي ميندي لائينديون هيون، اهڙي طرح هر گهر ۾ عيد ملهائي ويندي هئي.