ڳالهيون ڳنوارن جون … منهنجي ڳوٺ جا ڀوڳائي ۽ ڪَچي جون مچ ڪچهريون … مشتاق باگاڻِ

                 منهنجي ڳوٺ جو حاجي خانڻ اسان جي سڄي تر ۾ مزاح جو بادشاهه ڀوڳائي چرچائي مشهور هو. نه ڪنهن جي عيب جوئي ڪبي، نه گٿو لفظ زبان مان ڪڍبو. ڪچهريءَ ۾ چرچو اهڙو ڪبو جو محفل زعفران زار ٿي وڃي. اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته يارن جي ڪچهري مچي ۽ چرچا نه ٿين. ڀائو اهي چرچا ئي ته سدوري سنڌ کي اڄ تائين جيئاريندا آيا آهن. درياهه جي ڪچي جا ماڻهو مان، مريادا ۽ ماڻهپي وارا، غربت کي ليکي ۾ به ڪونه آڻين. ڏاتار جيڪي ڏنو، ان تي خوش رهبو. زندگيءَ جي چرخي جو آڌار درياهه بادشاهه جي آر تي هوندو هو. آبڪلاڻي جا تتا ڪاڙها هجن يا سياري جي پوهه جا پارا. ڪچهريون ڪبيون، شڪار به ضرور ڪبا. توبچي دوناليون بندوقون کڻي لوڌا ڪتن جي لوڌ ساڻ ڪري، ٻيڙائتن سان ٻيلهون ٻڌي شڪار جي سنبت ڪندا هئا. مقرر ڏينهن تي تعلقي موري جي خيريديري واري پتڻ تان ناتاريون ڪڍي، ساڪا پٽي ٻيڙين کي لهوارو ڪبو هو. ٻيڙين کي ڄڻ اڳئي خبر هوندي هئي ته پهريون پاڻو ٿيندو، سيٺ نائونمل جي ڪيٽيءَ تي.

آئون هي ڳالهه 1963/64ع جي پيو ڪريان. نائين درجي جا امتحان ويجها هئا. بابا ۽ امان جي مرضي ته اسان جو موڀي پٽ پڙهي امتحان ۾ پاس ٿي اچي پر بندي جي من ۾ هڪڙي ٻي جا ڪري الله پاڪ. نئين وهي چڙهندڙ نڀاڳا نر. شڪار جو ٻڌي ڪٿي ٿا بيهن. بابا ۽ امان کان چوري، بابا جي دونالي بندوق کڻي آئون به لڪي وڃي لوڌ سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ چڙهندو هوس. شڪار جي ڳالهه تي پوءِ ٿا اچون. پهريائين ان دور واري درياهه ۽ ان جي ڪچي جي هڪ جهلڪ اوهان کي به ڏيکاريندو هلان. اها آبڪلاڻي جي موسم هئي. درياهه ۾ چاڙهه هو. ننڍا وڏا واهڙ وهي آيا هئا. ڍوريون ڍٻيون ڪنان تار ٿي ڪچي وارن پٽن تي پاڻي پکيڙينديون پئي ويون. ڪٿي پائڪ ڪري درياهه ڀيرون پئي ڏنيون ته ڪٿي عميق جا اوڀارا هئا. ڪٿي پٽيون ته ڪٿي لسهڙا ۽ لس هئي. لڙو پاڻي لهريون ٺاهيندو درهڙ ڌئونس ڪندو، لڙهندڙ ٻانڊين کي چڪڻ جون چپيٽون چکائيندو، اوڀارن ۾ ٻانڊي ٻوڙِيندو، پاتار جو پانڌي هو. اجهور، پائڪ، ٻائڙ ٻوڙ، آر ۽ آڌار، ڪارو ڪارونڀار ڪري، ڪوهريون ۽ ڪوريون پئي ڀريائين. ڇاڙهون ۽ ڇڇ ٺاهيندو، وڏا وڏا ڪاٺ ۽ کنجهو کنيو لوڙهيندو پئي ويو.

سيڻاهيا سيڻهن تي اورار ۽ پرار پئي آيا ويا. ڪنهن تڙ تي ڪاريون، ڪنڍيون ۽ گجريون مينهون پاڻيءَ ۾ تڙڳي ڦونگارا هڻي رهيون هيون. ڪونگوٽارا، سر، ڪانهن جهومي لوڌن کي ڄڻ سلامي پيش ڪري رهيا هئا. درياهه جي ڪنڌي سان بگريون، ڪوڇا، گودرون گهاٽا جهنگ پسي دل کي قرار ٿي آيو. ڪنهن ٻيٽاري تي جهٻيرن جون ڪئونتلون قطارن ۾ بيٺي نظر ٿي آيون. انهن مسڪين جهٻيرن جي ڪهڙي ڳالهه ڪيان. ٻيٽارين تي لين جي مور ڦٽندي هئي. سنهي لاڪڙ کي ڪپي سڪائي، وري پاڻي ۾ پسائي، ان مان کارا جوڙيندا، ٽوڪرا ڏلها ٺاهي شهرن ۾ وڪڻي پنهنجي پيٽ قوت جي ڪندا هئا. جهنگ تي ننگ. ويساهه وسوڻل سنڌي ماڻهن ليکي اهو درياهه ائين ئي پيو وهندو. زندگي جو چرخو ائين ئي پيو ڦرندو. ڏُهلا ڏينهن نه ايندا. ڌراڙن جون هونگارون هونديون، مال جون تنوارون هونديون، چڙن جون چونگارون هونديون، ڪٺ جون لارون هونديون، سريلا ساز پيا وڄندا.

ٻيلن ۾ ٻهڪارون، ڦاڙهن جون زيلون ۽ مرن جون هڏڪارون. لومڙين ۽ گدڙن جون اونايون هونديون. شڪاري شڪار تي ايندا. ڪچهريون مچنديون ۽ ريجهه رهاڻيون ٿينديون. جهنگ جرڪي پوندا. ٻيلا ٻهڪي اٿندا. مهاڙيون ٺاهي ڪيٽيون تڙبيون. بندوقچي پارڻن تي ويهي ساهه سڪائي ڦاڙهن جي اچڻ جو انتظار ڪندا. لوڌا لاڏ مان ڪتن مان ڪنڍيون ڪڍي جهنگ ۾ ڇڏيندا. هاڪا هوڪاريندا ۽ تاڙا تنواريندا. جهنگ ۾ ساهه پئجي ويندو. واٺا ويس ڪري پنجوڙن جا پاسا جهليندا. تڙ شروع ٿيندي. مروان موت ملوڪان شڪار. بندوقن جا ٽاڄا. ڪنهن ڦاڙهو ماريو ته ڪنهن مرون جهليو. ڪنهن وٿاڻ جو پاسو وٺي يا ڪو اڇاٽو جانچي، تڏا تونريون وڇائي، چاڙهي پچاڙي مان واندا ٿي، ڪانڀون ڪڍي ڪندا ڪچهريون. سياري جي نيهان. باهه جو مچ پيو ٻرندو.

اسان واري شڪار تي ڪم جي ورهاست هن طرح هوندي هئي. بندوقچن جا سرواڻ غلام مصطفيٰ ۽ ماستر غلام شبير لغاري هوندا هئا. پنجوڙن ۽ واٺن جي اڳواڻي خانو ٻلال قرب علي وارن وٽ هوندي هئي. لوڌن ۽ تاڙن جا سرواڻ هئا ذوالفقار، نظر فقير ۽ محمد ماڇي. ڀوڳن ۽ چرچن ۾ حاجي اسماعيل زرداري، محمد بخش ڏاتاڻي ۽ خانڻ ڏاتاڻي (ٻئي ڀائر) جوڙ ۾ هئا. کلڻ ۽ ٽهڪن ڏيڻ لاءِ شڪار تي آيل شڪارين کان علاوه ڀرپاسي جي ڪيٽين ۽ ٻيلن ۾ رهندڙ ڀاڻن ۽ وٿاڻن وارا ڀاڳيا، ڌراڙ ۽ ڪمي ڪاسبي. شڪار جون خبرون تيز طوفاني هوا يا باهه وانگر پکڙجي وينديون هيون. انهن ڀاڻن وٿاڻن تان رات جو دِلا ۽ کير جون چوريون ڀرجي اينديون هيون. ڏينهن جو به ڀاڳيا ۽ ڌراڙ لسي، مکڻ ۽ ماکي کڻي اچي شڪار ۾ شريڪ ٿيندا هئا.

وڏو ملڪٽو رات جو مچندو هو. ٽانڊن جي مچ تي ڪچهري ۾ جڏهن کل ڀوڳ ۽ چرچا شروع ٿيندا هئا ته انهن جو انداز هن طرح هوندو هو. حجرو ٺاهبو هو. محمد بخش ڏاتاڻي کي جبو پارائي تسبيح هٿ ۾ ڏيئي ملان ڪري ويهاريندا هئا. حاجي خانڻ سندس ڀاءُ زالاڻا ڪپڙا پائي عورت بڻجي ايندي هئي، اولاد ٿيڻ لاءِ تعويذ لکائڻ. پوءِ مائي ۽ ملان جي گفتگو ٻڌي ڪپڙا وات ۾، کل جا ڪوڪريا، ٽهڪن تي ٽهڪ هوندا هئا لوڌن جا. ٻئي چرچي ۾ وري محمد ماڇي ڀلا ڪپڙا پائي گهوٽ ٿيندو هو ۽ ان جو پٽ ڳاڙهو زالاڻو ويس پهري ڪنوار ٿيندي هئي. لائون لهي گهوٽ ڪنوار جا هڪٻئي سان ماڻا راماڻا ٿيندا هئا. ديڳون چڙهنديون هيون. ڀت رجهندو هو. اوچتو ڪنهن معمولي ڳالهه تان ڀت تي جهيڙو ٿي پوندو هو. ڪوڙ بچيءَ جو لٺين جو ڦهڪو پيو پوندو هو. ڪير کلي، ڪير کل کي روڪي. اهڙي طرح هر شڪار تي نوان ڀوڳ، نوان چرچا ٺاهي ايندا هئا. درياهه سڪي ويو. ٻيلا وڍجي ويا. جهنگ ختم ٿي ويا. اهي شڪاري دوست هڪٻئي پٺيان هلندا ويا. انهي دور جي آخري نشاني حاجي خانڻ ڏاتاڻي به هن ئي مهيني هي جهان ڇڏي ان پار هليو ويو جتان اڄ ڏينهن تائين ڪوبه واپس ناهي وريو.

نه ڪٿا نه ڪوڪار، نه سي سڏ شڪاريين،

پٽيو ڪڍي پار، جهنگل آهيڙين کي. (لطيف)