خبریں آپ کے لئے!

چاہتے ہیں جدید معلومات؟

ہمارا مقصد آپ کو تازہ ترین خبریں اور معلومات فراہم کرنا ہے۔ یہاں آپ کو اہم موضوعات پر جامع تجزیات اور بصیرت ملیں گے۔ آئے، اور اپنی معلومات کو بڑھائیں، ہم ہمیشہ آپ کی خدمت میں ہیں۔

مضامین کی فہرست

ہمارا مقصد آپ کو diverse موضوعات پر قیمتی معلومات فراہم کرنا ہے۔ یہاں آپ مختلف اہم موضوعات پر لکھے گئے مضامین کو تلاش کر سکتے ہیں، جو کہ آپ کی معلومات میں اضافہ کریں گے۔

اہم موضوعات

یہاں آپ کو اہم خبروں اور تجزیوں کا مجموعہ ملے گا، جو آپ کی روزمرہ کی زندگی اور معلوماتی ضروریات کے لئے مفید ہوگا۔ ہماری تمام تحریریں سادہ اور آسان زبان میں پیش کی گئی ہیں۔

ہماری تازہ ترین معلومات کے لئے سبسکرائب کریں

ہماری ویب سائٹ پر آپ کو تازہ ترین خبریں اور دلچسپ مضامین ملیں گے۔ ہمیں یقین ہے کہ آپ کو ہماری معلومات فائدہ مند لگیں گی۔ اس لئے، براہ کرم سبسکرائب کریں تاکہ آپ ہماری تازہ ترین اپ ڈیٹس سے باخبر رہ سکیں۔

ہمارے قارئین

عمومی سوالات

آپ کے عمومی سوالات کے جوابات یہاں موجود ہیں۔
کیا میں ویب سائٹ پر مواد شائع کرسکتا ہوں؟

ہماری ویب سائٹ پر موجود معلومات آپ کے علم میں اضافہ کرنے کے لئے اہم ہیں۔ ہم ہر سوال کا جواب دینے کی کوشش کر رہے ہیں۔ اگر آپ کو مزید مدد کی ضرورت ہو تو بلا جھجھک ہم سے رابطہ کریں۔

سوالات کے جواب آپ کی رہنمائی کے لئے مختص ہیں۔ ہماری کوشش ہے کہ آپ کو جلدی اور صحیح جواب فراہم کریں تاکہ آپ کے خدشات دور ہو سکیں۔

ہمارا ہدف اپنے قارئین کو معلومات فراہم کرنا اور ان کی تشفی کرنا ہے۔ اگر کوئی سوال یا تجویز ہو تو آپ ہمیں بتا سکتے ہیں۔

ہمیں امید ہے کہ آپ کو یہاں دستیاب معلومات مفید لگیں گی۔ آپ کی رائے اہم ہے اور ہم اسے خوش دلی سے قبول کریں گے۔

اگر آپ کو مزید وضاحت یا معلومات چاہیے تو ہمارے مضامین کو دیکھیں۔ ہم مفید اور واضح معلومات فراہم کرنے کا عزم رکھتے ہیں۔

آپ کی خبریں کہاں سے لیکر آتی ہیں؟

ہماری ویب سائٹ پر آپ کے سوالات کے جوابات دینے کے لئے ایک پریس سیکشن بھی ہے جہاں آپ اپنے سوالات پیش کرسکتے ہیں۔

اگر آپ کو مزید سوالات ہیں تو آپ ہمارے روابط سے ہم سے رابطہ کرسکتے ہیں۔ ہم آپ کی خدمت میں ہازر ہیں۔

ہماری معلومات ہمیشہ موجود رہیں گی۔ برائے مہربانی بار بار وزٹ کریں اور نئے سوالات بھیجیں!

ہم آپ کے سوالات کا خیر مقدم کرتے ہیں۔ آپ کی تشویشات اور مشورے ہماری رہنمائی کریں گے۔

مزید معلومات اور سوالات کے لئے ہمیشہ ہماری مدد لائین تک رسائی حاصل کریں۔ ہم آپ کی مدد کے لئے حاضر ہیں۔

ڳالهيون ڳنوارن جون … هنگلاج ياترا ۽ موري جا اربيلا استاد ….مشتاق باگاڻي

                 ڳپل عرصو ٿيندو، اسان جي اربيلي دوست اسد سولنگي پنهنجي اسڪول جي ماسترن کي سنباريو ته هلي هنگلاج ڏسي اچون. اها ڳالهه جڏهن مون تائين پهتي، ته مون اسد صاحب کي چيو ته، “آئون ۽ منهنجو دوست رکيل مورائي، ٻئي سڃا ڀائي، اسان ٻنهي کي هڪ ٽڪيٽ تي ساڻ وٺي هلو”. اسد سولنگي جواب ڏنو ته، “تون سکيو سکر ماڻهو آهين، تنهنجي ڦل ٽڪيٽ ٿيندي، البت رکيل مورائي منهنجو مائٽ ۽ تنهنجو دوست آهي، ان جي اڌ ٽڪيٽ تون ڀر اڌ آئون ٿو ڀريان“. ڳالهه پڪي ٿي.

                 تن ڏينهن ۾ منهنجي شاعريءَ جو ڪتاب “ڪاري رات اتر ۾ ڪانڀو” ڇپيو هو. رکيل مورائي ان جي مهورتي تقريب ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڪرائڻ جو پروگرام رٿيو هو. شهري حالات ڪجهه دگرگون هئا، ان ڪري هو انتظار ۾ هو ته حالتون بهتر ٿين ته ان ڪم کي کڻون. مون رکيل مورائي سان هنگلاج هلڻ جي ڳالهه پچاري ۽ سندس ڀاڙي ڀتي جي انتظام بابت آگاهه ڪيم ته، “دهل وڄي ۽ دوسو بيهي” جي مصداق هن نه فقط هلڻ جي هائوڪار ڪئي، بلڪه ڪتاب جي مهورت به ورلڊ هيريٽيج هنگلاج جي مقام تي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ تڪڙ ۾ بينر به ٺهرائي ورتائين.

هنگلاج جو ذڪر ننڍي هوندي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سر رام ڪلي ۾ پڙهيو هئوسين. تڏهن کان هن مڪان کي ڏسڻ جي آس هئي. اڳي جوڳي ۽ سامي فقير ڳوٺن ۾ ايندا هئا. ڍارا هڻي ماڻهن کي دل جو حال ٻڌائيندا هئا. مائرون پنهنجن ٻچڙن جون تريون انهن جي آڏو جهلي ٻچڙن جي قسمت جو حال پڇنديون هيون. جوڳي هر حال ۾ انهن جي ڀاڳ ۽ ڀلي قسمت جو ٻڌائي، انهن کان دان حاصل ڪندا هئا. “ڍر ڍارا پئون ٻارهن، مائي تنهنجو ٻچڙو ڇٽيهه لکڻن وارو آهي”. اهڙا سهڻا لفظ جوڳين جي واتان ٻڌي مائرون انهن کي دل گهريو دان ڏينديون هيون. انهن جوڳين سامين جي واتان ماتا ديوي ناني ۽ هنگلاج جو ٻڌي تجسس ٿيندو هو. ان اڻانگي سفر جون ڳالهيون ٻڌي ماڻهو عجب ۾ پئجي ويندو هو، ته ايڏو ڏکيو ۽ ڪٺن ڪشالي وارو سفر اهي مسڪين جوڳي ڪيئن ڪندا هوندا. اڳتي هلي هنگلاج ياترا تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو هڪڙو مضمون به پڙهيم. هن مڪان ڏسڻ جي سڪ ويتر سبيل ٿي وئي. خير اها ڳالهه اتي رهي.

گهڻو پوءِ ٺٽي واري سيد اعجاز علي شاهه شيرازي سان گڏجي حاجي سوڍو بگهياڙ جي دعوت تي وڃڻ جو موقعو مليو. حاجي سوڍو سنڌ جو سگهڙ، ڪچهرين جو مور ۽ ڏاهو شخص هو. هن لوڪ ادب گڏ ڪرڻ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي وڏي مدد ڪئي هئي. هن ساڪري پار سگهڙن جون ڪچهريون ڪوٺائي پنهنجي هڙان خرچ ڪري ڊاڪٽر بلوچ جي مدد ڪئي. ان وقت جو ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو محمد اسماعيل نون به هنن سان ٻانهن ٻيلي هوندو هو. حاجي سوڍي بگهياڙ لسٻيلي تائين انهن ڪچهرين جو انتظام ڪيو. انهن ڪچهرين جي نتيجي ۾ ڊاڪٽر بلوچ لوڪ ادب سان گڏ “ٻيلائين جا ٻول” ڪتاب سنڌي ادب کي ڏنو.

حاجي سوڍو بگهياڙ جي فرزندن شفيع ۽ غني دعوت جو سٺو انتظام ڪيو هو. سوين ماڻهو گڏ ڪيا هئا. تنبو طولان لڳائي ڪرسيون وجهارائي، شاندار اسٽيج تيار ڪيو هو. چڱو خاشو جلسو ٿي ويو. ڪامريڊن جوش ۽ جولان واريون تقريرون ڪيون ۽ جلسو پورو ٿيو. نويڪلائي ۾ وڃي ويٺاسين. طعام جو دور هليو. رسمي کاڌا سجائي رکيا ويا. جن ۾ ڇيلي جي ٻوڙ، کوڙ قسمن جي کاري ۽ مٺي جي مڇي، پلا، دال، سائي ڀاڄي، حلوي جا ٿالهه، مکڻ، لسي ۽ ڌونئرو وغيره شامل هئا. هي تفصيل آئون ان ڪري ڏيئي رهيو آهيان ته عام پڙهندڙ کي اها ڄاڻ هجي ته لاڙِيجا ۽ ٿريچا ڪيڏا مهمان نواز آهن. سنڌ جي ڪک اڃان ڪانگهاري ڪانه ٿي آهي. اترين علائقن ۾ جيڪا باهه ٻريل آهي، ان جا ڪي ٻيا به ڪارڻ آهن. نه ته هرو ڀرو اتر جو ماڻهو ايڏو سنگدل ڪونهي. گرمي پد وڌيڪ هئڻ ڪري اتر جو ماڻهو فطري طور تيز و تند ضرور آهي. بدامني جي ڪري ڪچهرين جو ادارو ڪمزور ٿيندو پيو وڃي. لاڙ ٿڌو آهي. ماڻهن جو مزاج به ٿڌو آهي. ڪچهريون اتي به گهٽ ٿينديون ٿيون وڃن پر ان جو ڪارڻ گهڻي غربت، بک ۽ بيروزگاري آهي. ان جي ڪري ان پاسي جو ماڻهو پنهنجي بت مان به بيزار آهي.

ڳالهه پئي ڪئيسين لاڙ جي ڪچهريءَ جي. ماني کائي لاٿيسين. مون حاجي سوڍي بگهياڙ کان ڊاڪٽر بلوچ جي هنگلاج واري مضمون جي حوالي سان ڳالهه پچاري. حاجي صاحب ٿڌو ساهه ڀري ٻڌايو ته، ان سفر ۾ حضرت پير سائين پاڳارو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد اسماعيل نون، سيد سردار علي شاهه ۽ ٻيا دوست همسفر هئا. سواريءَ لاءِ جيپون هيون. هنڱور تائين ته پهچي وياسين. نئين وهي رهي هئي. سفر تمام اڻانگو هو. حضرت پير سائين جن واپس موٽي آيا. ٻيا دوست هنگلاج پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين. ڳالهه ڊگهي هئي. ڪچهري جو موڙ سياست بجاءِ ان دور جي مهمان نوازي، ساڃاهه وند سگهڙن جي ڪچهرين ۽ لوڪ ادب گڏ ڪرڻ جي سلسلي ۾ هنن جي جفاڪشين جو تذڪرو ٿيندو رهيو.

سو هن ڀيري موري جا کاهوڙي ماستر هليا هئا هنگلاج، هندن جي پوتر آستان جي ياترا تي. هنگلاج تي ان ڏينهن گجراتي هندن جو ميلو هو. حيران ڪندڙ ڳالهه اها هئي ته هتي به عام درگاهن واريون رسمون ادا ڪيون پئي ويون. دهل دماما وڄائي، ڀڄن ڳائيندي پڙ يا چنريون کڻي وڃي نانيءَ تي چاڙهڻ، ميندي جي رسم ادا ڪرڻ ۽ خاص طور ڏانڊي (ڏئونڪي) راند رهڻ دلچسپي جون باعث هيون. اسان جا دوست ٻه راتيون رهي گهمي ڦري واپس وريا. واپسيءَ ۾ چندرڪوپ جو مشاهدو ڪري موري جا مسڪين ماستر جڏهن پنهنجي شهر ۾ آيا ته سندن ايڏو آڌرڀاءُ ڪيو ويو، جيئن حاجين جو حج ڪري موٽي اچڻ تي ڪيو ويندو آهي.