ڳالهيون ڳنوارن جون … هڏيرو ڍنڍ ۽ جبل تي رهجي ويل کيٽ ڌڻي
آڪٽوبر 16, 2023
اداس ۽ اٻاڻڪي شام ۾ سج لٿي جو منظر ڀوائتو لڳندو آهي. پوءِ سج کي ڏوراپا ڏبا آهن. سسئي جو به ستون ويري سج هو، جنهن الهي اوير ٿي ڪئي ۽ پوءِ سامهون پيش ايندڙ حالتن کي ڄاڻي دانهون نڪري ٿي ويس.
سج الٿي سينءَ، سٽون ڏينديس سڃ ۾ (لطيف)
انتظار فراق کي جنم ڏيندو آهي. “الفراق اشد من الموت” واري ڪيفيت پيدا ٿيڻ لڳندي آهي. سسئي اڪيلي جبل ۾ هئي. مومل ته محلن ۾ هئي. ٻانهيون ۽ ڀينرون به ڀيڙيون هيون، پوءِ به ان جي انتظار جي ڪيفيت لاءِ پڙهو ڀٽائيءَ جون هي صدائون.
سج لٿو سانجهي ٿي، ٻولي ڪئي ٻانگي،
ڊوڙيس دروازن ڏي، ويڳاڻين وانگي،
پهر اچي پورا ٿيا، چڻڪيو نه چانگي،
هاڻي آءُ ڪنهن سانگي، نه ته مئي سڻندين مينڌرا.(لطيف)
ساموئي جو پڊ، ڄارين جا پوڙها وڻ، سج لهڻ واري وياڪل وير ۽ ساٿين جو انتظار. دل آسرو پلڻ تي هئي ته، اوچتو آديسي ايندي نظر آيا. ويل ٽري وڃڻ جي ڪري راتوري شڪار جو پروگرام ڪينسل ڪيو ويو. رات هلي هڏيري ڍنڍ جي اتر ۾ لنياري واري بٺيءَ جي ڪور ۾، وڏيري علي محمد ناريجي جي کيٽ تي رهڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جتان صبح جو سوير اٿي، ڪنڊين تي ويٺل بگڙن تترن ۽ ٻاٽيڀڙن جو شڪار ڪرڻو هو. شڪار جي بيحد شوق هئڻ جي باوجود، آئون اهي معصوم پکي مارڻ جي حق ۾ قطعي ناهيان هوندو. بس “ھمان ياران دوزخ، ھمان ياران بہشت” واري ڪار هوندي آهي.
بيحد خوبصورت هڏيري ڍنڍ جي ڏکڻ ۾ ٻيليچن، کماڻن ۽ ناريجن جا ڳوٺ آباد آهن. اولهه طرف خاصخيلي، جوکيا ۽ مهاڻا آباد آهن. اوڀر طرف کان ٻيليچن، بڪڪن ۽ بروهين جا کيٽ ۽ اتر طرف کان سيدن، بروهين، ناريجن، ٻيليچن، کماڻن ۽ خاصخيلين جا کيٽ آهن. کيٽن تي ٻنڌيون ٻڌل آهن. هٿراڌو ٺهيل تراءُ (تلاءُ) آهن. وس تي لوڪ لڏي پلاڻي پنهنجن کيٽن تي ٺهيل جهونين جهوپڙين کي وسائيندا ۽ کيٽ آباد ڪندا آهن. هڏيري ڍنڍ بابت ڄاڻ ڏيندو هلان ته، هي ڍنڍ ٺٽي شهر کان پنج ڪوهه پري اتر طرف واقع، ٺٺي ضلعي جي مشهور ڍنڍن مان هڪڙي ڍنڍ آهي. ڏهن ٻارنهن ڪوهن ۾ پکڙيل هن ڍنڍ ۾ برساتي پاڻي کان علاوه سم نالي جو پاڻي به داخل ٿئي ٿو. پاڻي مٺو قدري لوڻاٺيل هئڻ ڪري پيئڻ جي لائق ناهي رهندو، ڇيلري وڏي مڇي گهٽ آهي، البت مَلي مڇي ۽ ديو مڇي تمام گهڻي آهي. پاڻي ڪٿي ڪٿي 15 کان 20 فوٽ اونهو آهي، پاسن کان ٽي کان چار فوٽ پاڻي رهي ٿو. ننڍيون هڙهيون آساني سان هلي سگهن ٿيون. ڪنڌي وارن پاسن کان ٻن ماڻهن جي گنجائش واريون پورٽبل هڙهيون يا پن مان جوڙيل تريون ڪاهي شڪار ڪيو ويندو آهي. سياري ۾ هر قسم جو روهاڪي پکي اچي لهندو آهي، اونهاري ۾ لاکي ڄاڃي، پوراڙا، ڪونگون، کيڻاٺيون ۽ ٽيٽا وڏي تعداد ۾ ڏسڻ ۾ ايندا آهن. انهن کان علاوه هتي پيڻون تمام گهڻيون اينديون آهن. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته هتي ديو گهڻو آهي ۽ پاڻي به ننڍو آهي. ديو ننڍي سائيز جي مڇي آهي، پيڻ آساني سان ٽٻي شڪار ڪري سگهي ٿي. پيڻن ۾ صحب پيڻ ۽ گلابڻ پيڻ خاص جنسون آهن، جن کي ڦاسائي ملاح انهن مان تيل ڪڍندا آهن، جيڪو سنڌن جي سور ۽ ڪن ٻين مرضن لاءِ مفيد چيو وڃي ٿو.
1980ع واري ڏهاڪي ۾ هن ڍنڍ مان تمام گهڻي مڇي مرندي هئي ۽ سياري ۾ روهاڪي پکي جهلي وڪرو ڪيا ويندا هئا. مڇي جو ٺيڪو اڪثر جنگشاهي وارو حاجي غلام محمد منڇري کڻندو هو. پاڻ نيڪ نمازي ڀلوڙ مڙس ماڻهو، صالح ۽ تاجن وارا سندس پٽڙا اهو ڪم سنڀاليندا هئا. صوفن مهاڻو (ملاح) هنن جو منشي ۽ ٺٽي مڇي مارڪيٽ ۾ واڪ تي مڇي وڪرو ڪرڻ وارو خاص ماڻهو هو. هڏيري ڍنڍ کي گيم سينڪچوئري ۾ آندو ويو ۽ پکين وغيره مارڻ تي بندش لاڳو ڪئي وئي. ڀلجان نه ٿو ته 1981/82 ڌاري مسٽر ابرار مرزا نالي ڪنزرويٽر وائيلڊ لائيف مقرر ٿيو. هن صاحب هن ڍنڍ کي ترقي وٺرائڻ لاءِ ٺيڪيداري سسٽم بند ڪرايو. هڏيري جي اڀرندي پاسي تترن جو فارم ٺهرايائين، هٽ تعمير ڪرائي گيم واچر ويهاري ڇڏيائين. هن خدا ترس انسان هڪڙو ٻيو اهم ڪم ڪيو. ڍنڍ جي اولهندي ڪنڌي تي مهاڻڻ جو وڏو ڳوٺ هو ۽ اڄ به موجود آهي. اتي مهاڻن جا ٻه وڏا پاڙا ڳاڱاڻي ۽ ٽلواڻي آباد آهن. ان ڳوٺ مان غريب مهاڻن جا نوجوان گيم واچر طور کاتي ۾ ڀرتي ڪري نوڪري سان لڳايائين ۽ ڍنڍ جي حفاظت لاءِ انهن کي معمور ڪيائين. مهاڻن مسڪينن جا ٻار سرڪاري نوڪري ۾؟ اهو تصور به ڪونه هو. انهن اهڙي مڙسي ڪئي جو پکي مرڻ بند ٿيا ۽ هڏيرو ڍنڍ روهاڪي پکين لاءِ جنت بڻجي وئي. سيٽلائٽ اميجز تي اهي تصويرون ڏسي ورلڊ وائيلڊ لائيف جي ڊيوڪ آف ايڊمبرا حڪومت پاڪستان جي تعريف ڪئي. غريب مهاڻا بيروزگار ٿي ويا. پٽ پاراتا ۽ ويڻ، پر هنن تي ڪوبه اثر ڪونه پيو. شڪاري شڪار لاءِ روئندا رهيا. تترن ۽ پکين لاءِ داڻو پاڻي ۽ ساريون وغيره گهرائي هاريون ويون. روهاڪي پکين ۾ اڇا هنجهه، للا هنجهه ۽ کارائي هنجهه به اچڻ لڳا. ڪونجن جا ولر به لهي پاڻو ڪرڻ لڳا. ان کان علاوه جبلن جا تتر به سانگ ڪري اچي هن فارم ڀيڙا ٿيا. پوءِ ته رات جو روهاڪي پکين جي ڪچ ڪچ ۽ ڪين ڪين ۽ صبح جي پهر ۽ شام جو تترن جون تنوارون ٻڌبيون هيون. ڍنڍ ۾ ساهه پئجي ويندو هو ۽ جابلو بٺيون چهڪي پونديون هيون.
هن ڍنڍ تي ٻارنهن تڙ آهن ۽ وچ تي حسڻ شيخ واري بٺي مشهور آهي. مائي ڳاڙهي وارو تڙ، وڏو سر تڙ، ٻيڏاڻي ڍوري وارو تڙ، بسڻ نڪ وارو تڙ، ڀانڊاري تڙ، کاري تڙ، لنڊي وارو تڙ، ماڙي تڙ، ڌنئورو تڙ، کماڻن وارو تڙ، جانورين وارو تڙ ۽ چڱل جي ٿڙن وارو تڙ چيا وڃن ٿا. هيلوڪي سانوڻ جي وسڪاري تي پٽ وهي هليا هئا. ڪٿي ته ٻنڌيون به جهري ويون هيون. تراءُ ڀرجي ڪنين تار تي بيٺا هئا. ڪن ۾ ڇهن مهينن جو ته ڪن ۾ ٻارنهن مهينن جو پاڻي موجود هو. پوکيل فصل ۾ترن جا لابارا هئا. گواريون ان تي وريون هيون. جوارين جا بگا ۽ ڀورا سنگ جهرڪي رهيا هئا. آرڻ اڪري چڪو هو البت توريون ۽ ڪدو ولين ۾ موجود هئا. مال جي موٽ ٿي چڪي هئي، ڇاڪاڻ ته هيٺ سارين ۾ لابارا پئجي چڪا هئا. هاڻ ڪي وڏڙا ۽ وڏڙيون پنهنجون پوکون پچڻ جي انتظار ۾ مٿي جبلن تي رهجي ويون هيون. لاڏ ۽ سانگ جا اهي ڏينهن جهٽ گذري ويندا آهن. خوشيون، ٽهڪ ۽ مرڪون، آزاد فضا، تازي هوا، ماڻا راماڻا، جيڏين سان گڏجي ڏٿ ميڙڻ، صبح مان ڇيلڙا ڇوڙڻ ۽ شام جو ڦرڙا ڌارائڻ، ٽهڪن سان ٽلڻ، پکين هٿان پيار جا پارانڀا موڪلڻ، سلام ۽ سنيها، کانڀاڻيون ۽ پيها، پٽن تي راتين جو ريجهه ريهاڻيون، قصا ڪهاڻيون، ڏوراپن وارا ڏورا ۽ مورا، سرندن ۽ دنبورين جون درديليون دانهون ۽ عشاقن جون آهون، مٿي جبلن تي رهجي وينديون آهن. گگدام غريب نياڻيون نماڻيون، کيٽن کي الوداع ڪري واپس سنڌ ورنديون آهن. پنهنجن ابن ڏاڏن جي پڊن کان وڇڙڻ واريون اهي غمناڪ گهڙيون ڏسي، هينئون ڦاٽڻ لڳندو آهي. لڙڪ بيهي نه سگهندا آهن. نه چاهيندي به واپس ورڻو پوندو آهي. سمورا ارمان، الاپ ۽ ورلاپ دلين ۾ دٻجي ويندا آهن. اندر جون آهون اندر ۾ ئي رهجي وينديون آهن. لوڇ پوڇ جي اها ڪيفيت ڪجهه ڏينهن تائين ڪاڙهيندي رهندي آهي ۽ پوءِ هوريان هوريان هينئين جا غبار هلڪا ٿيڻ لڳندا آهن، ان آسري تي ته ڏينهن گذرندي ويريم ڪانه لڳندي. وري سانوڻ ايندو. وس ٿيندي، کيٽ آباد ٿيندا. ٽهڪ، خوشيون ۽ مرڪون موٽي جبلن تي اينديون، رسامي جون راتيون نيٺ ته وهامنديون. چڱل جي ٿڙن جي اڀرندي پاسي هي لنياري واري بُٺي آهي. هي وڏيري علي محمد ناريجي جو کيٽ آهي. هتي اسين ڪيئي ڀيرا حلواڻ ڇيلن ۽ ٻاٽيڀڙن جون ٻوڙون کائي، ڪچهريون ڪري، مرحوم وڏيري علي محمد ناريجي جا وڏا ڳرا ٽهڪ ٻڌندا رهيا آهيون. انهن ڪچهرين ۾ ٺٽي جا راڄائتا سريال ۽ دلبر دوست راتيون وهائي سج اڀاريندا هئا. اڄ کيٽ سلامت آهن. اها هڏيرو ڍنڍ، اٻاڻڪيون بٺيون، ڍوريون ڍورا، ڪروٺڙي وارو ارڏو جبل، سڀ جا سڀ موجود آهن پر درماندي دل کي پرچائڻ وارا اهي دل وارا دوست هاڻ گهڻو ڏور هليا ويا. جيئري ساهه وارو، ماس روڙيل، هي سکڻو ڪرنگهو، وري موٽي آيو آهي انهن پٽن تي، شايد آخري موڪلاڻي لاءِ.