ڳالهيون ڳنوارن جون … ٺٽي جي پسگردائي وارن راڄن جو راڄداري نظام

نومبر 20, 2023

 ٺٽي جي پسگرادئي وارن راڄن جي سماجي تاريخ لکندي قلم ڪاغذ تي ڀلي گهوڙي وانگر ڊوڙي رهيو آهي. اصل ٿڪجڻ جو نالو ئي ڪونه ٿو وٺي، البت ڪٿي رفتار جهڪي ٿي وڃي ٿي. ان جو سبب منهنجي اندر جا وهم ۽ وسوسا آهن. هي روءِ داد لکندي، جيڪا يقينن اڳتي هلي تاريخ جو حصو بڻجڻي آهي. ڪٿي ڪنهن سان نا انصافي ته نه ٿي رهي آهي. ڪنهن راڄ جا ڳڻ ڳڻائيندي، ٻئي راڄ جا اوڳڻ ته ڪونه ليکبا. ڪسيون پڪيون راڄن ۾ ٿينديون آهن. چوريون چڪاريون، جهيڙا، پلاند، ميڙ منٿون راڄداري ۾ ٿينديون آهن. اهي سڀ سنڌي سماج جو حصو آهن. لاڙ به انهن کان وانجهو ڪونهي. هتي منهنجو مقصد ٺٽي جي پسگردائي وارن راڄن جي راڄوڻي هلت چلت، ڪار ونهوار، روزگار، سماجي روين ۽ لڳ لاڳاپن جي اکين ڏٺي مشاهدي جو ذڪر ڪرڻ آهي. لاڙ وسيع لفظ آهي. لاڙ جي ڊيمارڪيشن ته ٿيل ڪانهي. پاڻ ڌڪو هڻي ڪراچي کان حيدرآباد ويندي ميرپور خاص جي ڪاڇيليين (ڏکڻ طرف) واري علائقي کي لاڙ سڏي سگهون ٿا. يا ڪو سٺو قابل سروي عملدار ڪراچي ۽ حيدرآباد کي لاڙ مان ڪڍي به سگهي ٿو. بهرحال سڄي سنڌ سٻاجهڙن جو ڏيهه آهي. اتر وچولو ۽ لاڙ وارا اصطلاح هاڻي بي معنا ٿي ويا آهن. هاڻ سڄي دنيا گلوبلائزيشن ۾ ويڙهجي هڪ ڳوٺ وانگر ٿي پئي آهي. سنڌ به سوڙهي ٿيندي پئي وڃي

سماجيات جي ماهرن مطابق ذات پرستي قومي ايڪي کي نقصان رسائڻ جو ڪارڻ بڻبي آهي

سوسائٽي گروهن ۾ ورهائجي ويندي آهي. گروهن ۾ مفادن جو ٽڪراءُ ٻڌي کي اِڪي ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو آهي. ذات پرستي يا قبائلي ازم جو گهڻو شڪار سنڌ جا اتريان علائقا رهيا آهن. ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، جيڪب آباد يا گهوٽڪي وارن علائقن ۾ ماڻهن جو سک ڦٽل آهي. ڪري ڪير ڀري ڪير واري ريت رسم ۾ ڪک پن سڙي ٻري رهيو آهي. سڪن سان گڏ آلا به ٻري رهيا آهن

شڪر آهي ان باهه جو سيڪ لاڙ تائين اڃان پورو ڪونه پهتو آهي. ٺٽي جي پسگردائي وارا راڄ ڪاڄن توڙي ڪانڌپن ۾ هڪ ٻئي سان ڳانڍيئڙي وانگر ڳنڍيل آهن. هتي هر مسئلو راڄوڻي فيصلي ۾ کڻي وڃڻ جو رواج آهي

فيصلا سڄي سنڌ ۾ ٿيندا رهيا آهن. رئيس علڻ خان لغاري دادو وارو، امير حيدر شاهه سن وارو، غلام مجتبيٰ خان جتوئي جتوئين وارو، وڏيرو گلڻ ڄام دولتپور وارو، رئيس رسول بخش انڙ قاضي احمد وارو، حاجي رحمت الله بهڻ ڌيرڻ وارو، رئيس امان الله ٻگهيو گچيري وارو، حسين خان لغاري قصبي (ڪاڇي) وارو، سرائي محمد خان جويو سنهڙي وارو ۽ ويجهي ڇڪ ۾ شاهنوار جوڻيجو مشهور فيصلا ڪندڙ ٿي گذريا آهن. انهن کان علاوه سڄي سنڌ ۾ وڏ وڏيرا ۽ سردار سڏائيندڙ کوڙ سارا سريال فيصلن ۾ مشهوري ماڻي چڪا آهن. سندن سرپئنجي ۾ ٿيندڙ فيصلن جا احوال ۽ بيان روز اخبارن ۾ پيا ڇپجن. جن کي دهرائڻ جي دامن ڪاغذ ۾ گنجائش ڪانهي

ڳالهه پئي هلي ٺٽي جي پسگردائي وارن راڄن جي. لاڙي سماج به اهڙا مهانڊا پيدا ڪيا، جن تي سچائي، عاقلائي ۽ دانائي دنگ هئي. فضل محمد خان ۽ گل محمد خان لغاري ڇريٽاڻين وارا، عبدالرحيم ڪاتيار جنهاڻ وارو، رئيس مامون خان ملڪاڻي جاتي وارو، ڄام مراد علي خان ملير وارو، قادر ڏنو شيرازي ٺٽي وارو، فقير عيسا خواجو بٺوري وارو، اعجاز علي شاهه شيرازي ٺٽي وارو، حاجي سوڍو بگهياڙ ساڪري وارو، مٺو خان ملڪاڻي غلام الله وارو، چاچو علي محمد هديه ساڪري وارو، سومار وزن ڪش ميمڻ ٺٽي وارو، حاجي احمد هيلايو ڪينجهر وارو ۽ حاجي خان جاکرو ساموئي وارو جا نالا اڄ به وڏڙن کان وسريا ڪونه آهن. وڏيرو امير بخش جاکرو ان حاجي خان جاکري جو ڏهٽو هو. اجرڪ جو پٽڪو ٻڌندو هو. نراڙ تي ڏاهپ جا گهنج. ننڍڙي اڇن ڪارن وارن واري سونهندڙ سونهاري. ڳرو آواز. سون ماڻهن جي فيصلي ۾ گرجندڙ آواز ۾ ڳالهه توري تڪي ڪرڻ وارو. مان ڏيئي ۽ وٺي ڄاڻندڙ ڪوپو ۽ ڪنڌار مڙس هو. مختصر زمينداري تنگ دستي ۾ به درياهه دلي. جاکرن جي ٽيهتر راڄي جي ڪاڄن جو سرواڻ ڪڏهن به ورچي ڪونه ويٺو. سارو ڏينهن ماڻهن جي ڪمن پويان. سڄو سماج سورن ۾ ورتل. وڏيرو ڄڻ هر ڪنهن سان سورن ۾ ڀائيوار. هاڻ نالو اچي ٿو وڏيري محرم خاصخيلي جو. ٺٽي شهر کان ڪوهه کن پنڌ تي ڏکن طرف خاصخيلين جو وڏو ڳوٺ آهي. ان ڳوٺ جو رهاڪو وڏيرو محرم سڪمي هاٺي قد لاٺيرو، ڪڏهن شڪارپوري ٽوپي ته ڪڏهن اجرڪ جي پڳ. ڳاڙهيون اکيون. فيصلي ۾ هڪل ۽ هونگار سندس ڏانءُ هوندو هو. بي لوث بي رياءُ. سچ چوڻ جي عادت نيٺ ئي ڪونه ڇڏيائين.  راڄن کي ٺاهڻ جو ڄڻ ٺيڪو کنيل هوس. منڊن جو وڏيرو محمد علي گابار، اجرڪ جو پٽڪو، چپن تي سدائين مسڪراهٽ، صبح جو سوير اٿبو. پاڙي واري زميندار ڄام عباس جي اوطاق تي ڄام صاحب سان گڏ ناشتو نيرن ڪبي. هلي پئبو راڄن ڏانهن. سونڊا ۽ علي بحر جي وچ واري پٽ وارو وڏيرو دادو چانگ، اهو ئي اجرڪ جو پٽڪو، چهري تي سنجيدگي. مسئلا ماڻهن جا. بگهاڙ موري وارو حاجي خان شاهه، سنهڙي ڊگهڙي ننڍڙي سونهندڙ ڏاڙهي، سدائين سئوٽي موري واري باقر شاهه سان گڏ. ٻنهي جي مٿن تي ماڻهن جي مسئلن ۽ سورن جو ڀريون. ور وارو ڪارو خواجو، ڳاڙهڪي ٻيلي وارو ڏاتو ولهاري، ٻروسر غلام الله وارو وڏيرو احمد ناهيو، چاڙهي وارا ڪبير جوکيو ۽ آچار جوکيو، جنگشاهي وارا حاجي علم الدين جوکيو، چيئرمين يوسف جوکيو، جنگشاهي وارو حاجي غلام محمد منڇري، ور وارو ڀائي خان چانڊيو. اهي سڀ ٺٽي جي راڄداري ۾ فيصلن جو سينگار سمجهيا ويندا هئا. موجوده دور ۾ سعيد پور واري سيد شفقت شاهه شيرازي وٽ راڄوڻي فيصلي وارا راڄ نظر ايندا. نوجوانن ۾ وڏيرو رسول بخش جاکرو ته پنهنجي بابا وڏيري امير بخش وانگر سدائين ماڻهن جي ڪمن پٺيان. سخي، هٿ جو ڇوٽ، مهمان نواز، ساموئي جي پٽ جو ڪنڌار مڙس سمجهيو ويندو آهي. وڏيري جو لفظ گسجي پيسجي اگرو ٿي ويو آهي. ڪن ٿورن کي ڇڏي هي سڀ همراهه روايتي وڏيرپ جي برعڪس مختصر ٻني ٻاري وارا، ننڍڙا زميندارڙا هئا. هونءَ به وڏيري جو لفظ لاڙ ۾ عام مستعمل آهي

ٺٽي جي پسگردائي وارن راڄن ۾ اڪثريت غريب مهاڻن جي آهي. انهن جي ڪار ڪرت مڇي سان آهي. غريب مسڪين، بي سر و سامان آهن پر سياست ڪاري ۾ انهن جو ووٽ بينڪ گهڻو آهي. هتي ايگريڪلچر روزگار جو اهم ذريعو آهي. ٻئي درجي تي مالوندي (Live Stock) آهي. جاکرا، شورا، ٻروچ، پنهور ۽ سومرا هتي جا وڏا ڀاڳيا آهن

وٿاڻ ٻاهر ڳوٺن ۾ به اٿن پر گهڻو ڪري ٻيلن ۾ انهن جا وڏا ڀاڻ آهن. وڏن گهگهن سان ڳاڙهين مليري ڳئون جا ولر وٽن ڏسبا. جاکرن وٽ مينهون به آهن. ڀليون ڳئون ٻروچن جون ليکبيون آهن پر جڏهن ميڙن ملاکڙن يا ڪنهن ڪچهري مارڪي ۾ ڀلوڙ ڀاڳيا وڏڙا ويهي تور تڪ ڪندا هئا ته فيصلو ٿي ڪونه سگهندو هو ته، ڪهڙي ذات وارن کي مال ۾ پهريون نمبر ڏجي. سڀني ڀاڳين کي هڪ جيتريون مارڪون ملنديون هيون. جتن ۽ پالارين وٽ اٺيون، جوکين، پالارين، خاصخيلين، ۽ ٻرڙن وٽ ٻڪريون ۽ رڍون گهيون هونديون هيون. هونءَ به ڳائي مال جا ڍور جا چار وهٽ هر در تي ڏسبا هئا. برفت هجن توڙي بروهي بڪڪ يا ڀنڀرا، پليجا، چانگ، چليا، گابار، ٻيليچا، کماڻ، هالا ۽ حجام، مال مڙني ڌرين وٽ هوندو هو. پوءِ ڪنهن وٽ گهٽ ته ڪنهن وٽ وڌ. چوهاڻ ڪاٺ جو ڌنڌو ڪندا هئا. ڪاٺ ڪپي ان مان ڪوئلو ٺاهي به وڪڻندا هئا. ٺٽي جي راڄداري سسٽم ۾ اوچ نيچ جو ايڏو فرق ڪونه نظر ايندو. اڄ بس ايترو. شهري طبقي تي پوءِ ڳالهائينداسين

Leave A Comment