ڳالهيون ڳنوارن جون … ٻائو پورنداس ٻيلو ۽ ڀرئي شيديءَ واري موري

ڊسمبر 11, 2023

 مڪلي ۽ ساموئي جي سنگم تي، اداس جهاڙين جي آغوش ۾ قبرن جي هڪ جهڳٽي کي جاکرن جو قبرستان سڏيندا آهن. هن قبرستان ۾ ڪي ارڏا اڙٻنگ، ته ڪي مسڪين دوالي بند به ابدي ننڊ ۾ ستل آهن. ٺٽي جي مشهور سماجي شخصيت، جاکرن جي منجهئان پاڙي جي سريال وڏيري امير بخش جاکري جي قبر به هن قبرستان ۾ آهي. جاکرن بابت ٻڌائيندو هلان ته هنن جا 73 پاڙا آهن. ڪينجهر ڍنڍ جي اولهه طرف هنن جا وڏا راڄ آباد آهن. ان کان علاوه درياهه جي ٻنهي ڪنڌين سان ٻيلن ۾ هنن جا وڏا وٿاڻ آهن. مالوندي ۽ زراعت پيشه هي قبيلو ڪوهستان واري ملڪ بولا خان ۽ ملڪ صفر خان جي راڄداري ۾ شامل هو. زماني جي لاهن چاڙهن هنن کي ڪنڊ مان آڻي، ٺٽي جي پٽن تائين پهچايو. هڪ جبل جا ماڻهو، ٻيو سخت جان. جبل جي سنگلاخ پٿريلي ۽ ڪوسي زمين تان لهي جڏهن درياهه جي ٿڌي ۽ نرم زمين تي آيا ته سندن دليون به پشم جهڙيون نرم ٿي پيون. ڪن ٿورڙن کي ڇڏي ٻيا سڀ خوشحال آهن ۽ راڄداري نظام ۾ هڪ ٻئي جا ڪلهي ڪانڌي رهندا اچن. منهنجا همسفر ساٿي به هن ئي قبيلي سان تعلق رکندڙ آهن.

جاکرن جي مقام کان ئي، مڪلي جو شاهي قبرستان شروع ٿئي ٿو. منهنجي همسفر ساٿين جي دلچسپي مڪلي جي شاهي قبرستان جي فقط ان حصي سان آهي، جتي شاهمراد شاهه شيرازي، ميون سيد علي، سيد جمال، شيخ عيسا لنگوٽي، سيد قادر ڏنو شاهه شيرازي، سيد اعجاز علي شاهه شيرازي ۽ ٻين سيدن ۽ اولياءَ الله بزرگن جا مقبرا، قبرون، رانڪون، چبوترا ۽ چوکنڊيون موجود آهن. هي وسيع قبرستان آهي، جنهن ۾ ٻين کان علاوه چمن ۽ شيراز جا سهڻا گل مدفون آهن. هزارين حاجتمند اچي حاضريون ڀري، دل جا غبار هلڪا ڪندا ۽ مسرتون ماڻيندا آهن.

ز ارباب حاجت هزارن هزار،

رسد در مزارش بلبل و نهار

اسين به ڏينهن جو ڳپل حصو انهن مزارن تي زيارتون ڪندا، دعائون گهرندا، دل جا غبار هلڪا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهياسين.

رو وسانئي راند، پهه پروڙج ساٿ جا،

هوتن سين هيڪاند، هيم ٻاٽي ڏينهڙا    (لطيف)

سوڳوار ماحول جي ڪري مڪلي جي ٽڪري تي وڌيڪ ترسڻ جي توفيق نه رهي. ساموئي جي سمن ڄامن جي قبرستان کي سڀاڻي تي ڇڏي، واپس ورڻ جي ڪئيسين.

سر نسري ويو هو. اتر جي خنڪيدار ٿڌي هوا سياري جون سٽون ياد ڏياري رهي هئي. کاڻن ۾ ته اڃان کوڙ سارا ڏينهن پيا هئا پر باهه جو تو وڻي رهيو هو. سڀني جي صلاح اها بيٺي ته لاڙ جي ڪنهن ٻيلي ۾ هلي ڀاڳين وٽ رات رهي ٽانڊن جي مچ تي ڪا ڪچهري ڪجي. منهنجي خيال ۾ ڪينجهر جي ڏکڻ طرف چليا واري بٺيءَ تي لوڪا وارو ڊاڪ بنگلو رات رهڻ لاءِ موزون جڳهه هئي پر اهو به زماني جي حادثن ۽ بي توجهي جي ڪري زبون حالي جو شڪار ٿي چڪو هو. لوڪا وارو ٻيلو به هاڻ ٻيلو نه رهيو هو. ٻائو پورنداس واري ٻيلي ۾ جاکرن جا ڀاڻ، ٻجورڪي ٻيلي ۾ ماما بصر شوري جي پونئير جا وٿاڻ، ڳاڙهڪي ٻيلي ۾ ڏاتو ولهاري، خانو ٻروچ ۽ ڪنڍي شوري جا ڀاڻ وٿاڻ يا ڪٽ صدناڻي واري رئيس محمد حسن خشڪ جي لانڍي ۽ ڪونج ٻيلي واري وزير جمالي جا وٿاڻ منهنجي اکين اڳيان ڦرندا رهيا، جتي راتين جون راتيون رهي ٽانڊن جي مچ تي ڪچهريون ڪري، رات گذاري ڏينهن جو شڪار ۾ دل وندرائي واپس ورندا هئاسين. بگهاڙ موري وارو بابو شاهه، 103 موري وارو باقر شاهه، بگهاڙ موري وارو حاجي خان شاهه، پير پٺي جي ڀرپاسي وارا وڏيرو عارب پنهور ۽ مجيد پنهور، ڪٽ صدناڻي وارو رئيس محمد حسن خشڪ، پير پٺي وارو غلام قادر شيخ (پاڻ پيرپٺو درگاهه جا گادي نشين آهن)، ور وارا سيد ميرو شاهه، ڀائي خان چانڊيو ۽ سومرڪي ڍنڍ وارا الهڏنو منڇري ۽ بچايو منڇري وارا ياد ايندا رهيا. هاڻ اهي پٽ پالها ۽ وٿاڻ ويران ٿي ويا هئا. اهي ساٿي هڪٻئي پٺيان هي جهان ڇڏي هليا ويا. هاڻ الله ڏينهن ڏئيس سائين غلام قادر شيخ، مجيد پنهور ۽ سومرڪي ڍنڍ وارو بچايو منڇري حال حيات آهن. اهو پراڻو دور هاڻ خواب ٿي چڪو هو.

اوچتو دل سٽ کاڌي مرحوم وڏيرو علي دوست ياد آيو. ڪلري واهه جي اڀرندان سندن وڏو ڳوٺ اڄ به موجود آهي پر يار جي بيٺڪ ڀرئي شيديءَ واري موريءَ تي ٺهرايل سندس دوڪان ۽ انهن جي مٿان ماڙي تي هئي، جتي يارن دوستن مهمانن سان مارڪا ٿيندا هئا.

اهو ڀريو شيدي ڪير هو؟ جنهن جي نالي پويان هي موري سڏجڻ ۾ آئي. سندس وڏن کي آفريڪا جي جهنگن ۾ پنجوڙن ۾ ڦاسائي، سامونڊي ٻيڙن تي آڻي مسقط ۾ نيلام ڪيو ويو هوندو. اتان وري ٻيڙن تي آڻي ڪراچي بندر تي ٻيهر نيلامي ۾ ڪنهن ٽالپر حڪمران خريد ڪري، آڻي هتي رهايو هوندو. اهي وڏڙا پنهنجا ڏينهن پورا ڪندا هلندا ويا. هي ڀريو شيدي هتي ڄائو نپنو. اهو به نيٺ هلي وڃي ساڻن ڀيڙو ٿيو پر هي موري ان جي نالي سان منسوب ٿي، ماڻهن جي دلين ۽ سرڪاري ڪاغذن ۾ محفوظ رهجي وئي.

ڀرئي شيديءَ واري موريءَ کان هڪ واهه نڪري ڳپل پنڌ اوڀر طرف هلي ڏکڻ ڏي موڙ ٿو کائي. کاٽي نه ٿيڻ ڪري وڻن جون ٽاريون ۽ ٻوڙا ڪري پاڻي کي ڄڻ ڇهايون ڏيئي ڇڏيندا آهن پر پوءِ به قابل ٻيڙائتا آبڪلاڻي ۾ انهن جهاڳرن مان ٻيڙي هلائي وڃي اندر چونڪڙين ۾ رهندڙ ڳوٺاڻن ۽ وٿاڻن تي رهيل ڀاڳين کي گهر ڀيڙو ڪندا آهن. اسان آبڪلاڻي ۾ ڪيئي ڀيرا ٻيڙيءَ تي چڙهي اهو مشاهدو ماڻيو آهي. جتي قطارن ۾ ٻٻرن جا خوبصورت وڻ بيٺل نظر ايندا هئا، اتي ٻيلو وڍي ماڻهن آباديون وڌيون هيون. هاڻ فقط ڍينگراٺو وڃي بچيو هو. ڪٿي ڪي بگريون سلامت هيون ته اتي به ٻٻر گهٽ، ديوي گهڻي هئي. ديوي جو وڻ تڪڙي واڌ ڪندو آهي ۽ ٻارڻ لاءِ ڪارائتو آهي. هن وڻ مان ڪوئلو به ٺاهيو ويندو آهي، فائدا به آهن پر هن وڻ جي پلڙي جو ٻج کائڻ سان، اهو ٻج جلد هضم نه ٿي سگهندو آهي ۽ ڍور جي اوجهه ۾ موري انگور ڪڍندو آهي. جانور بيمار ٿي پوندو آهي. ٻيلي جون زمينون ڀليون آهن. ڪيلو ۽ ڪماند گهڻو ڪاهيل آهي. برسينگ، سبزي ۽ ڪڻڪ به ڪاهيل نظر ايندي.

لاڙ جي ٻيلن ۾ جهرڪن کان وٺي ڇاڻ تائين درياهه جي ڪنڌيءَ وارن ڪچن کي نهاريندا هلون ته اسان کي جهرڪا، جاکرا، سومرا، شورا، سيد، چليا، خشڪ، ولهاري، ڪاتيار، جت، مهاڻا، پاراڌي، پنهور، ماڇي، جمالي، ٻروچ، خاصخيلي، بڪيرا وغيره راڄن وارن ماڻهن جا ڳوٺ ڀاڻ وٿاڻ نظر ايندا. جاکرا، شورا ۽ بڪڪ جابلو لوڪ آهن. اهي سڀ جبل کان هتي اچي آباد ٿيا آهن. برفت، پالاري، نومڙيا وغيره جبل ڇڏي ڪونه سگهيا. سنڌ کي سخين جو ڏيهه سڏيندا آهن. جبل جا لوڪ سخي ۽ مهمان نواز آهن. اصل جيري خاطر ٻڪري ڪهڻ وارا. هتي ٻيلي ۾ به انهن لوڪن اهو وڙ وساريو ڪونهي. اسين رات ٻائو پورنداس ٻيلي ۾ حاجي صديق شوري جا مهمان ٿي رهنداسين ۽ ٻيلي ڌڻين جا چار ٻول ٻڌنداسين.

Leave A Comment