ڳالهيون ڳنوارن جون … پچار ڀلن ڍڳن، اٺُن ۽ اوٺيئڙڻ جي … مشتاق باگاڻي

                 1960ع واري ڏهاڪي ۾ مشينري ته هئي ڪانه. مونکي ياد آهي، هر هاريءَ وٽ پنهنجو ڏاندن جو جوڙو هوندو هو. ڀلا سنڌي ڍڳا هوندا هئا. ڪي ڍڳن جا شوقين ٿر کان ننڍا گابا آڻي، تاتي وهڙا ڪندا هئا. انهن جڙن وهڙن کي پاڃاريون ڪنڌ ۾ وجهي، هر ڪاهڻ سيکاريندا هئا. چيٽ پوکبا هئا. ڪڻڪ جون ناڙيون ٿينديون هيون. ميل ٻڌبا هئا. چئوڪوهيءَ تائين ڄاڻ ڪري نالي وارا ڏاند گهرائيندا هئا. ناڙي واري ڏينهن سوين ماڻهو اچي گڏ ٿيندا هئا. پوکا ايڏا هوشيار جو سڌي جاٽ هڻي وڃي ٻنو ڪندا هئا. پندرنهن سورنهن جوڙا جوٽبا هئا. جنهن هاريءَ جا ڏاند پهريون نمبر ايندا هئا ته انهن جي سڱن ۾ اجرڪون ٻڌي ۽ ڌڻيءَ کي هار پارائبا هئا. ڀت جون ديڳون رجهنديون هيون. ونگاري کارائبا هئا. اهڙو ملڪٽو ڪٿي نه ڪٿي روز متل هوندو هو. ڍڳا بار برداريءَ لاءِ به ڪتب ايندا هئا. ڪاڇي، ڪوهستان، بلڪ سڄي سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڍڳو قيمتي جانور هو. هرڦار کان علاوه ڍڳي گاڏين ۾ ڍڳا جوٽبا هئا. موهين جي دڙي واري ڍڳي گاڏيءَ جهڙي گاڏي اڄ ڏينهن تائين لاڙڪاڻو، شڪارپور ۽ ٻين اترين علائقن ۾ استعمال ۾ اچي رهي آهي. آبڪلاڻي ۾ درياهه جا ڇوهه هوندا هئا. پاڻي واهن ذريعي وهي ايندو هو ته نار ۽ هرلا چاڙهي انهن ۾ ڍڳن کي جوٽي وهائيندا هئا.

سفر اٺن ۽ گهوڙن تي ٿيندو هو. مسافريءَ لاءِ ڀلا مهري اٺُ هوندا هئا. مال بردار اٺ کي لاڏو اٺ سڏيو ويندو هو. اناج، ڦٽيون ۽ ٻي ايگريڪلچرل پروڊڪٽ اٺن تي لڏجي ٻهراڙين کان شهرن جي اناج بازارين ۾ ايندي هئي. شهرن ۾ اٺن جون کوڙيون هونديون هيون، جتي مال لاهي اوٺي اچي اٺ جهڪائيندا هئا. بکر ۽ بهاولپور جا سنڌي انهن کي جهوڪ سڏيندا هئا. اوٺار جت لڏون کڻي پنهنجا لاڏو اٺ رات جو قطاري ڪاهي هلندا هئا. انهن جا ٻيلڻ ٻڌڻ وٽان هوندا هئا. چند ٻيلڻ هتي پيش ڪجن ٿا:

پار درياهه دي، جئارين دي  پيهي،

ناڙي ڪونه ڄلسون،

ناڙي ڏاڍيان دا ڏيهي.

پار درياهه دي پيلهون پڪي ني،

تيڏي ڪاڻ رکي ٻيٺي هان،

قسم نال، اڃان ڪنهن ڪون چکئي ني.

پار درياه دي هاري هلڙي کليندي،

سونيان هنين پنجالڙيان،

موتي ٻجڙي ڇٽيندي.

پار درياهه دي، ڪرڙان دي ڏيلهي،

سگها ولين سانول،

گهمسون گڏيج ميلي.

ڪڪرو ڙي ڀٽارا، تيڏي عجب دي ٽوري،

سونيان مڙهئي سئين مهاران

ڄلسئين ڪاهه موري.

عام طور چيو ويندو هو ته انڊس ڊيلٽا ۾ اٺن جو تعداد گهڻو هو. جتي جت ڪميونٽي جا لوڪ اٺن جا وڳ ڌاري پيا پاليندا ۽ گذران ڪندا هئا. جبل جي پالارين ۽ جوکين وٽ به اٺين جا وڳ هوندا هئا. ان کان علاوه ٿر، ڪاڇو ۽ وچولي جا ساهتي، باغبان، ڳاها، درٻيلو پرڳڻا اٺن کان مشهور هئا. ڪلهوڙن، ٽالپر اميرن ۽ انگريزن جي دؤر ۾ سڄي سنڌ ۾ اٺ ٽرانسپورٽيشن جو اهم ذريعو هو. اٺن جو پهريون ڌاڙو جيڪو تاريخن ۾ مشهور آهي، اهو لڳو هو سمن جي دؤر ۾. شاهبيگ ارغون کي بابر بيدخل ڪيو قنڌار مان. ان کي سولي لڳي سنڌ. شال کي ڦري لٽي وريو سنڌ ڏانهن. ٻي ته گهڻي ڦرلٽ ڪيائين پر باغبان پرڳڻي ۾ نارن ۾ وهندڙ هزار اٺ ڇوڙي ڪاهي واپس ڀڳو.

جڏهن انگريز سنڌ تي قبضي ڪرڻ لاءِ گهيرو تنگ ڪرڻ لڳا، 1838ع ۾ ڪرنل پاٽنجر ڀڄ کان حيدرآباد پهتو. سيٺ نائون مل کي خط لکيائين ته 2000 اٺ ۽ 800 يا 1000 ڍڳا مهيني جي حساب سان ڀاڙي تي ڪري هٿيڪا ڪري بيهاري، جيئن وقت سر ڪم اچن.

سيٺ نائون مل پنهنجي يادگيرين جي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته، “مون اعتبار وارن ماڻهن کان اٺ ڀاڙي تي ڪيا. برهماڻي ٻروچن کان 500 اٺ خريد ڪري گهاري ۾ گڏ ڪيا.” هن جوکين جي مختلف قبيلن کان به اٺ حاصل ڪيا. ساڪري مان 500 باربردار ڍڳا مهيني جي حساب سان ڀاڙي تي هٿ ڪيا. جنگي حالتن ۾ انگريزن باربرداريءَ لاءِ اٺن ۽ ڍڳن کي اهم سمجهيو.

اليگزينڊر بيلي پنهنجي مشهور ڪتاب “ڪراچي” ۾ لکي ٿو ته انگريزن جي دؤر ۾ گهاري کان جهرڪن تائين اٺن تي مال کڻبو هو. ڪراچيءَ کان سيوهڻ اٺن تي ٻارنهن ڏينهن جو سفر هو. هڪ اٺ جو ڀاڙو ڇهه يا ست روپيا هو. گهاري کان جهرڪن تائين مال اٺن تي آندو ويندو هو. پوءِ ڪجهه مال ٻيڙين رستي روانو ڪيو ويندو هو ته ڪجهه سڪيءَ رستي شهرن ڏانهن موڪليو ويندو هو. ڪراچيءَ کان قلات ۽ قنڌار لاءِ ٻه تجارتي رستا هوندا هئا. هڪ لسٻيلي کان ٿيندو ويندو هو، ٻيو رستو سيوهڻ کان قلات ۽ قنڌار ويندو هو. انهن ٻنهي رستن سان مال اٺن ذريعي لڏي اماڻيو ويندو هو. ڪراچي کان قلات 26 ڏينهن جو پنڌ هو. قلات کان قنڌار 20 ڏينهن ٻيا لڳندا هئا. اتان کان ڪابُل 18 ڏينهن جو سفر هوندو هو. اهڙي طرح ڪراچي کان ڪابل تائين 64 ڏينهن جي ڏکي ۽ ٿڪائيندڙ مسافت هئي. ڪل ملائي ڏٺو وڃي ته سنڌ جي ايگريڪلچر ۽ ٽرانسپورٽيشن جو اهم ذريعو ڍڳا ۽ اٺ هئا. جن جو تمام گهڻو قدر ڪيو ويندو هو.

ڍڳن کي موڙ ٻڌي ڇيرون پارائبيون هيون. ڳچين ۾ ڳانڍيئڙا ۽ گهنگهرو ٻڌا ويندا هئا. اٺن تي سينگار لاءِ جهاٻا جهولڻا پارائي، مهارون مڙهائي، چندن جو لاٽيون ٺهرائي گوڏن کان مٿان گهنگهرو ٻڌندا هئا.

ڀٽ ڌڻي فرمائين ٿا:

جهوڙا جن جهلن ۾، هيري لک هزار،

لڳا واٽ وڻن جا، پنهونءَ کي پالار،

آن ڪي ويندي گڏيا، اهڙي سٽ سوار،

لنگهي ڪالهه قطار، تون آئي اڄ نهارئين.