ڳالهيون ڳنوارن جون … ٿر ۾ ڏڪار- ڳڻتيءَ جوڳي صورتحال … مشتاق باگاڻي

                 منهنجو ٿري دوست دولت علي ڪوٽڙِيو جڏهن به ٿر کان جنگشاهي رهڻ لاءِ ايندو آهي ته مونکي ضرور پاڻ سان گڏ وٺي هلندو آهي. اسين سڪار جي ڏينهن ۾ هتي اچي هفتن جا هفتا رهي، وهنديءَ جي خنڪيدار وائن جو مزو ماڻيندا آهيون.

                 ٿر جي هڪ ڳوٺ علو ڪوٽڙئي جا هي همراهه جنگشاهيءَ ۾ اڌ صديءَ اڳ قائم ڪيل ڊاڪٽر دين محمد راٺوڙ جي ڪلينڪ اڃان تائين هلائيندا اچن. اسپتال گهڻي ٿي هلي. اڄ به سراسري طور اٽڪل 200 کن مريض روزانو هتي دوا وٺڻ ايندا آهن ۽ گهڻو ڪري شفاياب ٿي موٽندا آهن. ڊاڪٽري پيشي سان وابستگيءَ جي ڪري، هن تر ۾ هنن جي گهڻي سڃاڻندي آهي. هتي جا راڄ جوکيا، پليجا، مهاڻا، برفت ۽ خاصخيلي ناچڱائي ۾ هنن کان علاج ڪرائڻ ايندا آهن. هن تر ۾ گهڻا جبل جا کيٽ جوکين جا آهن. وس ۾ سڄو جبل سائو ٿي ويندو آهي. پوءِ شڪار جي بهاني دعوتن جا دؤر هلندا آهن. پراڻي پوڄ مري کپي وئي. هاڻ نئون نسل ايترو ته ڪونه ٿو ڀيڙو ٿئي پر پوءِ به مائٽاڻي سنگت جو لحاظ رکندو اچي. سو اسين به مهيني ماسي هتي اچي يارن سان ملي پراڻا ماڳ نهاري ڪچهريون ڪري دل جو غبار هلڪو ڪندا آهيون.

هن ڀيري جيئن ئي حيدرآباد پهچي هن دوست سان مليس ته، معمول جي برعڪس هن جي چهري تي اداسائي ۽ بيچينيءَ جا آثار نمايان نظر آيا. سفر دوران ڳالهيون ڪندي ٿر بابت جيڪي به هن ٻڌايو، اهو هت قلم بند ڪري پڙهندڙن آڏو پيش ٿو ڪريان.

“ٿر ۾ ڏڪار آهي. تمام ٿورن علائقن ۾، جن ۾ مٺي، اسلام ڪوٽ ۽ ننگرپارڪر جا ڪجهه علائقا شامل آهن، ڪجهه برسات پئي آهي. باقي سڄو ٿر ڏڪار جي لپيٽ ۾ آهي. تيز طوفاني هوائن جا جھڪڙ آهن. واري پئي اڏامي. مال ٿوٿن ۾ آهي. ٿورو گهڻو جيڪو ڪک هو، ان جي مٿان به واري وري وئي آهي. مال جي کائڻ لاءِ ڪجهه ڪونهي. مال اڀرو ٿي بکين مري رهيو آهي. مالوند ماڻهن وٽ جيڪا ٻاجهر جي ڪڙٻ، گوار ۽ ڪورڙ جي ڪٽ رکيل هئي، اها به ختم ٿي وئي.”

“جن علائقن ۾ ٿوري برسات پئي هئي، ٿرين ناڙي ڪري ان ۾ جيڪا آبادي وڌي هئي، اهي سلا به واريءَ جي تيز جھڪڙن ۾ لٽجي ويا. هاڻ جي هفتي ڏيڍ ۾ برسات پئي ته انهن جو چار آنا بچاءُ ٿيندو، نه ته اهي به سڪي سڙي ويندا ۽ سمورو ڇٽيل ٻج برباد ٿي ويندو.”

“ٿر ۾ تل ترايون سڪي بڻاٺ ٿي ويون آهن. پاڻيءَ جي ڪٿي چپ به ڪانهي. جر هيٺ ٿي ويا آهن. هٿ تي کوهن مان پاڻي ڀري مال کي پياريو ٿو وڃي”.

هن ٻڌايو ته، “ٿر مان ايندي رستن تي ڳئون، ٻڪريون ۽ رڍون ڪافي تعداد ۾ مئل نظر آيون. سڪل وڻن جون ٽاريون، ٻوهه ۽ سڻ واريءَ جي ڪري لٽجي ويندا آهن. مال بک کان انهن کي کائيندو آهي. واريءَ وارا ٻُوهه ۽ سِڻ کائڻ جي ڪري مال ۾ موڙهه جي بيماري ٿيندي آهي. دور دراز علائقن ۾ جانورن جون اسپتالون موجود ڪونهن. عمرڪوٽ، مٺي ۽ اسلام ڪوٽ ڏانهن بيمار ڍور ڪاهي پهچڻ ڏاڍو ڏکيو ۽ مهانگو آهي. خانگي ڊاڪٽرن کي اهڙن علائقن تائين کڻي اچڻ به مهانگو ٿو پوي. ماڻهو پنهنجي پيٽ جي ڪن يا جانورن جو علاج ڪرائين. بيوس ٿي مال جو مرڻ سهائين ٿا. اهڙي خوفناڪ صورتحال ٿرين لاءِ موت جو مثال آهي.”

“ٿيندو ائين آهي ته سياري ختم ٿيڻ کان پوءِ مارچ اپريل مهينن ۾ ڪڻڪن جي لابارن لاءِ ٿري پنهنجو مال ڪاهي سنڌ جي سانگهڙ، ميرپورخاص، کپرو، بدين ۽ ٻين پنهنجي پنهنجي سيهي وارن علائقن ۾ ويندا آهن. لابارا لاهي جون ۾ واپس ٿر موٽندا آهن. جون جولاءِ ٿر ۾ برسات جا مهينا آهن. برسات پوندي آهي، سوڙهه ڪڍي، ٻنيون صاف ڪري آبادي وجهندا آهن. هن سال ٿري برسات جي آسري تي واپس ٿر وري ته آيا پر برسات پئي ڪانه. مال بک مرڻ لڳو ۽ هي ويچارا بيوس ۽ لاچار ٿي پيا. ٿر ۾ بهُه 1500 روپين کان 2000 روپيا مڻ پلئي پوي ٿو. ٻڪرين جو چارو 3000 روپيا مڻ ملي ٿو. ڪڻڪ جو ڏارو 5000 روپيا مڻ جي حساب سان وڪامي ٿو. ٿر جي صورتحال اها آهي جو غريب ۾ غريب ٿريءَ وٽ به پنهنجون اٺ ڏهه ٻڪريون ۽ ٻه يا ٽي ڳئون گذر سفر لاءِ هونديون آهن. جيڪڏهن ڪو گهر ڪجهه سکيو آهي ته ان وٽ به ڏهن کان پندرنهن تائين ڍڳيون ۽ ويهه پنجويهه ٻڪريون ضرور هونديون. ڏڪار ۾ مال هٿن تي هوندو آهي. مهانگو چارو خريد ڪري مال کي کارائڻ ناممڪن ٿيو پوي. مال ڳري اڀرو ٿي مري ٿو وڃي. ٻي تشويشناڪ صورتحال پاڻيءَ جي آهي. هڪ بجلي ڪانهي. ٻيو جتي سولر آهن، اهي به جهڙالي موسم جي ڪري ڪم ڪونه ٿا ڪن. ماڻهن سولر جي آسري تي ڀوڻ، اوڙاڪ، ورت، ڪوس ۽ ٻيا سيٽ کڻي ڦٽا ڪيا، جيڪي سڀ جا سڀ سڙي ويا. پاڻي مال جي لاءِ ته ٺهيو پر پيئڻ جي لاءِ به ڪونهي.”

“تيل جي مهانگي ٿيڻ ڪري، ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا وڌيا. دور دراز ڳوٺن ۽ شهرن تائين سامان جي رسد ۾ خرچ گهڻو وڌي ويو. کاڌي پيتي جون شيون مهانگيون ٿيون. رڳو ڪڻڪ جو اٽو 6000 روپيا مڻ تائين وڃي پهتو. ماڻهن جي قوت خريد ٻڙيءَ تي وڃي پهتي آهي. ماڻهو مال ته ٺهيو پر پنهنجا ٻچا وڪڻڻ جي لاءِ تيار آهن پر خريدار ڪونهي. اهڙي ڀوائتي صورتحال ڏسي ماڻهوءَ جا لڱ ڪانڊارجي ٿا وڃن.”

“ٿر ۾ اهڙيون آپدائون اينديون رهنديون آهن. هر ٽئين چوٿين سال ڏڪار ايندو آهي. ٿري مڙس ماڻهو آهن. ڏڪارن سڪارن جا هيراڪ آهن. اڳي ڪس رس ڪري پنهنجو پاڻ پيا پورت ڪندا هئا. وڻج واپار وارا واڻيا به کڻتون کڻائي پيا ماڻهن جي پورت ڪندا هئا. سڪار ۾ اهو سڀ ڪجهه اڳاڙي وٺندا هئا پر نفعو جائر رکندا هئا. هاڻي ڪڌپ ڪاهي پئي آهي. ٿر ۾ اين جي اوز جون اکيون. وياج تي قرض ڏيڻ واريون ڪمپنيون. زور آورن جي ڪوئلي ۽ پٿر ۾ جوهه. ماڻهن ۾ قرض کڻي وري واپس ڪرڻ جي طاقت ڪانهي. ڪوڙ ڪپت وڌي وئي. گهڻا ٿري بئراجي علائقن ۾ اچي ڪمند جي واڍي، ڪڻڪ ۽ سارين جي لاباري ۽ چڻن جي لوڙهه لاءِ زميندارن کان اڳواٽ اڌار کڻي ويندا هئا. فصل تيار ٿيڻ تي مزدوري ڪري اڌار به لاهيندا هئا ته گهڻو ڪجهه بچائي داڻو ڪڻو کڻي واپس ٿر موٽندا هئا. هاڻ حالت اها آهي جو، چند ايماندار پورهيتن کي ڇڏي، گهڻا زميندارن جا پئسا کايو وڃن. اهڙن دوکيبازن جي ڪري اڌار وارو اهو در به بند ٿيندو پيو وڃي. ٿري هاڻي ويڳاڻپ جو شڪار آهن.”