انتهائي غربت، بيوسي ۽ لاچاري جي ڪري جنهن معاشري ۾ ڌيئرن جو ڄمڻ ڪو سٺو سنئوڻ نه سمجهيو ويندو هجي، اتي ڌيءَ جي ڄمڻ ساڻ ئي ماءَ جي سورن جي شروعات ٿي ويندي آهي.
لک لاکيڻن لکڻن واري نياڻيءَ لاءِ به اهو سمجهيو ويندو آهي ته، فطرت نير يا ڪامنهن جي ٻج مان ٺاهيل نيري مس سان هن جي تاريڪ مستقبل جون پوٿيون لکي ڇڏيون آهن. کاري جي نياڻي پير اگهاڙا ڪري، اگلڙا ڪپڙا پائي، سم نالين جو گدلو پاڻي پي، سرءَ جي تاپولين ۽ چٽي جي بخارن مان چڙهي، جڏهن جوان ٿئي ٿي، ته ماءَ کان سواءِ هن جو ڪوبه همدم، رازدان ۽ سهارو ڪونه هوندو آهي. پوءِ سڏڪندڙ ڌيئرن جا سور مائرن کي سانڍڻا پوندا آهن. پيئر ته اٿيو ڌڻ آهي. هو پنهنجن پٽن کي پالي جوان ڪندا آهن ته جيئن اهي سندن پيريءَ جو سهارو بڻجن. شامون اڪثر اداس ٿينديون آهن. شامڙي جو جڏهن پيءُ ۽ پٽڙا رڇ پوکڻ ويندا آهن ته پويان مائرون ۽ ڌيئرون گند سڪائڻ، سڪل گند گڏ ڪرڻ ۽ رڇن جي مرمت ڪندي گذارينديون آهن. مرجهايل چهرن تي اداسائي ڇانيل هوندي آهي. هنن جي حساسيت ختم ٿي ويل هوندي آهي. درد جو احساس مٽجي ويندو آهي. هنن کي اها سڌ به نه رهندي آهي ته ڪيڏي مهل کلڻو آهي ته ڪيڏي مهل روئڻو آهي.
بک، بدحالي، بيوسي ۽ غربت ۾ مان، مريادائون، ڀاونائون ۽ تمنائون تمام ٿي وينديون آهن. هنن جا سڀ ارمان ۽ آسون هوا ۾ اڏامندڙ ڪنهن سڪل پن وانگر اڏامي الائي ڪيڏانهن هليون وينديون آهن. بس هو هڪ ٿڌي گوشت جو ساهه ڀريو لوٿڙو هونديون آهن. جڏهن ڪو ارمان دل ۾ اڌما ڏيندو آهي ته، ڌيئر مائرن ڏانهن نماڻيون اکڙيون کڻي نهارينديون آهن ۽ مائرون منهن ڦيرائي، لڙڪ لاڙي، ٿڌا ساهه ڀري، ڳالهه مٽائي، ڪُني ماني ڪرڻ يا ڪنهن ڏهاڙي تي ڪنهن قبر يا درگاهه ٿي وٺي وڃڻ جا وچن ڏيئي، کين پرچائڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن.
هو سانڀائي مهل سوير مردن کان به اڳ اٿنديون آهن. سياري جي باهه ۾ ٽانڊو ٻاري ڪاري چانهن تيار ڪنديون، جيئن مڙسالا اها پي رڇ سارڻ وڃن. ڍنڍن جي ڳڙي جهڙي بيٺل ٿڌي پاڻيءَ ۾ ترين ۽ تنبين تي تڙڳندي رڇ ساريندا، مڇي ڪڍندا رانهن ۾ پوئيندا ويندا آهن. سمورا رڇ ساري ڳنڱاٽجي جڏهن ٻاهر نڪرندا آهن ته اتر جي ساڙيندڙ هوا ۾ ڏڪندڙ لڱن سان پوئتي موٽندا آهن. ڪي وري ٽانڊو ٻاري هٿ سيڪي اٿندا آهن. پسيل ڪپڙن سان پکڙن ۾ پهچي، شڪار کي مارڪيٽ پهچائڻ جو سعيو ڪندا آهن. بکئي پيٽ گهران نڪري، ڪيئن به ڪري شهر پهچڻو هوندو آهي. مڇي نيلام تي چڙهي. سيٺ قرض ڪٽيو. جي ڪجهه بچيو ته هنن جي هٿن ۾ ايندو، نه ته نئين سئين اڌار. اٽي جو سير وٺي پکڙن پڄندا آهن. هر ڳوٺ جي ٻاهران ڪانه ڪا هوٽل هوندي آهي، جتي اڌار تي چانهن جو کنڌو به هلندو آهي. چانهن به پئي هلندي ته تاس راند به ڪڏبي. اها آهي انڊس ڊيلٽا يا کاري جي ڪنهن غريب بيوس لاچار مهاڻي جي خاندان جي گذرندڙ زندگيءَ جي هڪ جهلڪ.
ڪيڏي نه معصوم پاڪ ۽ نازڪ فطرت جي ڌياڻي آهي ماءُ جي شخصيت. پنهنجي مڙس تي نظر پوندي ئي ڳنڀير ٿي ويندي آهي. جوان پٽڙي ڏي نهاري هن جي سڪل چپن تي مرڪ اچي ويندي آهي ۽ وهي چڙهيل، ڦولاريل جوانيءَ واري ڌيءَ کي ڏسي اداس ۽ ملول ٿي ويندي آهي. هن جي غير يقيني ۽ مايوس مستقبل تي سوچي اندر ئي اندر ۾ ڏڪي ويندي آهي. غربت ۾ سڀ عيب اگهاڙا ٿي پوندا آهن. کاري جي ماءُ، خاص طور تي مي مهاڻي دردن جو پيڪر هوندي آهي.
لاڙي عورت مڙس سان گڏ ڪم ڪندي آهي. ننڍن سامونڊي ڍورين، ڇرن ۽ سم نالين تي هوءَ مڙس سان گڏجي رڇ پوکيندي ۽ سانڀائي مهل ساريندي ڏسبي آهي. واپسي ۾ لين، ٽارن يا تمر جي وڻن جون سڪل ڪاٺيون يا ڇينڀا ميڙڻ ڪانه وساريندي آهي، ڇاڪاڻ ته هن کي گهر اچي ڪُني مانيءَ جي به ڪرڻي آهي. مختصر خاندان ٻه پٽڙا، چار ڌيئر، ٻه زال مڙس هجن ته به ويلي تي اٽي جو سير ته گهرجي. اڄ ڪلهه کارائي چانورن جو اٽو ڏيڍ سئو روپين ۾ هڪ ڪلو ٿو وڪامي. رُکي ماني نڙيءَ مان ڪانه ڳيسبي. لوجهرين جي ترڻ لاءِ به ڊالڊي جي ضرورت پوندي آهي. اهو هاڻ پنجاهه روپين ۾ دُڪي جيترو مس ٿو ملي. ماني کائي لاٿي، ته مٿي جي سور جي ٽڪي ۽ ان سان گڏ چانهن جي ٻاڙ، مٿي کي ڀنواٽيون پئي ڏياريندي. مٿان وري پان سوپاري يا اڄ ڪلهه گٽڪي جو مرض.
1970ع واري ڏهاڪي ۾ ٺٽي گهڻو وڃڻ ٿيندو هو. مارڪيٽ ۾ وڏڙيون مڇيءَ جون کاريون ڀري وڪڻڻ لاءِ اچي ويهنديون هيون. انهن کي ڏسي لطيف سرڪار جون هي سِٽون ياد اچي وينديون هيون:
ڪاريون، ڪوجهيون، ڪُوَڙيون، مور نه موچاريون،
وٺي ويٺيون واٽ تي، ککيءَ جون کاريون،
اني جون آريون، سمي ري ڪير سهي!
ڪراچي فشريز ۽ مياڻي مارڪيٽ ۾ به وڏڙيون مڇي وڪڻندي ڏسبيون هيون. اهو لقاءُ چوهڙ ۾ به ڏسبو هو. گدو بندر جي ته ڳالهه ئي اور هئي. مائرون پلن جون کاريون ڀري بندر تي اچي ويهنديون هيون. گفتگو ٿيندي هئي، “ابا، مهانگائي جي باهه ٻري وئي آهي. اَن جو مڻ تيرنهن روپيا ٿي ويو آهي. کنڊ هڪ رپئي مان وڌي سوا روپيو سير ٿي وئي آهي. اسين به هاري (هڪ آنيارو ۽ هڪ کيرو پلو) پنجن روپين کان گهٽ ڪونه ڏينديونسين.” لاڙ جي لڳ ڀڳ سمورن شهرن ۾ ڪي وڏڙيون پوتيون وڇايو، ان جي مٿان بِهه، گند، پٻڻ، لوڙهه ۽ ٻوري وغيره رکيو ويٺيون وڪڻنديون هيون. ويجهي ڇڪ يعني 1990ع واري ڏهاڪي جي کاري جي مشهور ڍنڍن سانڀيڙ، ڪانگن کاڌي وغيره تي پکين جي شڪار تي وڃبو هو ته ڪنڌيءَ سان پکڙن ۾ عورتون تنئوريون ٺاهيندي ڏسبيون هيون. تمر جي وڻن جو پن پراٽو (Fodder) مال لاءِ ميڙيندي به اسان وڏڙين کي ڏٺو. ڳالهه کٽائڻي ته لاڙ جون عورتون مردن سان گڏ پورهيو ڪنديون آهن.
اسان اڳي ڳالهه ڪئي هئي ته جيڪي مرد، خلاصي طور ڪم ڪرڻ لاءِ ڪراچي فشريز، ابراهيم حيدري، ريڙهي مياڻ يا ٻين بندرن تي ويندا آهن، انهن جا ٻيڙا 15 کان 20 ڏينهن يا گهٽ وڌ عرصو کلئي سمنڊ ۾ گذاريندا آهن. واپسيءَ تي شڪار جي حساب ڪتاب مان جيڪا به پتي ملي، ڳنڍ ۾ ٻڌي ڳوٺ موٽندا آهن. اهي به هفتو ڏيڍ ڳوٺ ۾ رهڻ دوران واندا هوندا آهن. ڪي ڪمائو پٽ اهو عرصو ڪاٺيون ڪپي وڪڻندا آهن يا ڪوئلو ٺاهي فروخت ڪندا آهن. هوند ۽ سرنديءَ وارن جون عورتون شادي مرادي وهانءُ ڪاڄن تي سنبرڻ لاءِ ورن سان انگل آرا به ڪنديون آهن. انهن لاءِ ڪپڙو لٽو، تيل سرمو، مساڳ، اڳٺ پٽاڙون، روا رومال خريد ڪري ايندا آهن. عورتون ڀرت ڀرڻ جون به ڀڙ هونديون آهن. روَن تي ربينون، رومالن تي ڦل، چولن تي مُڪي جو ڀرت ۽ هرمچا وغيره ٺاهبا آهن. وار سينگاربا، مٿو ڳنڌبو يا ٻه چوٽيون ٺاهبيون. ڪي جوان ڇوڪريون وارن جي چڳ کي چهري جي هڪ پاسي لاڙي ڇڏينديون آهن. شادين ۾ سهرا، ڳيچ ڳائبا آهن. پٽ ڄمڻ تي خوشي ڪبي. ڌيءَ ڄمڻ تي خاموشي اختيار ڪبي. زندگيءَ جي گاڏي کي گهلي عمر پوري ڪبي ۽ ويندڙن لاءِ لڙڪ لاڙبا. لحد ۾ لهڻ کان پوءِ پيارن لاءِ پار ڪڍي روئبو.
اها آهي کاري جي مٺڙي ماءُ جي ڪهاڻي.