ڳالهيون ڳنوارن جون … ڪوهستان هاڻي اهو ڪوهستان ناهي رهيو

آڪٽوبر 29, 2023

 ڪوهستان جا هي اهي کيٽ ڌڻي آهن، جن پوين چئن مهينن جي ٿڪائيندڙ عرصي دوران، چانورن جا سڪا روٽلا کائي، جابلو ترائن جو پاروٿو سينواريل پاڻي پي، کنڀيون، پٽ بصر، للر ۽ مليرڙي جا کٽا کائي، پنهنجي پوک پچائي، جوارين جا سنگ لڻي آڻي کرن ۾ رکيا آهن. ڀلو کيٽ به ڏهه مڻ ان مس ڇڏيندو، جنهن جي ماليت مارڪيٽ ۾ 20 هزار کن ٿيندي. هاڻي جيڪڏهن ڪو اقتصادي ماهر ڪارل مارڪس وارو داس ڪيپيٽال اڳيان رکي، يا ايف بي آر جو ڪو جديد اڪائونٽنسي جا ڪتاب پڙهيل عملدار بار بار پرائي ٽي وي تي ويهي ايگريڪلچر انڪم ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جا مشورا ڏيندڙ، ويهي حساب ته ڪري، ڇهن ڀاتين وارو هڪ خاندان، جنهن سان ڍڳن جو جوڙو به پورهئي ۾ شامل هجي يعني ڪل اٺ جيو. ونڊيان ضربيان ڪري ليکو ڪري ٻڌائي ته هر جيو جي روز جي آمدني ڪيتري ٿي يا هنن جي ئي ٻولي ۾ Per Capita Income گهڻي وڃي بيٺي؟ ڇا اها بک وگهي ساهه جي تند کي ڇڄڻ کان بچائي سگهي ٿي؟

                 اها غربت، بک ۽ بيروزگاري آهي جو مينهن وسندي ئي سڄي سنڌ سانگ تي نڪري پوندي آهي. سانوڻ ۾ سانگ جا اهي هانءُ ڏاريندڙ سفر ڏسي، پٿر دل به ڀڄي ڀورا ٿي پوندي. ٺٺي ضلعي جي سانگين جا سانگ ڏسڻا هجن ته نئين بارڻ، اونگر کان وٺي جهرڪ، سونڊا، چليا، لال پير، هڏيري واري چاڙهي، ساموئي واري ڪي ڊي اي جي موري، رنپٽياڻي ۽ داٻيچي وارا ڦاٽڪ جهلي وڃي بيهي. اجرڪن جي پٽڪن سان پيرين اگهاڙا پوڙها، جوانڙا ۽ ٻارڙا ڪي ڍڳي گاڏين تي ته ڪي پيرو پيادي مال جي ڌڻن سان قطارن ۾ جبلن ڏانهن ويندي ڏسبا. ڪاڇي جا سانگ ڏسڻا هجن ته جوهي واري موري، ڪرڪٽ گوزا يا ڇني وارا گهٽ جهلي بيهي. ڍڳن، گڏهن يا اڀرين ڏاچڙين تي ٻارڙا ۽ وڏڙيون ويهاريو، پيرو پيادي پيرين اگهاڙا ڪاڇائي، ڪاڇي جي برسات ۾ ٿي ويل آلن پٽن ڏانهن روان دوان نظر ايندا. ٿرين جا سانگ ڏسڻ لاءِ نبي سر، عمرڪوٽ، نئون ڪوٽ يا بديڻن کان ڪس وارا پاسا نهاري ڏسي ته ڪيئن ماروي جا مائٽ پنهنجي مختصر مڏي ۽ مال سان ٿر موٽي رهيا هوندا آهن.

مونکي اها خبر ڪانهي ته مونکي اهي ڳالهيون لکڻ گهرجن يا نه پر آئون گذريل 50 سالن کان انهن ئي لوڪن تي لکندو رهيو آهيان. مونکي پنهنجا موضوع ۽ پنهنجو اسلوب آهي. ٻهراڙي واري سماج جو فرد هئڻ ڪري ٻهراڙين سان محبت فطري ڳالهه آهي. اڪيڊمڪ تعليم ۾ به مون رورل سوسائٽي متعلق سبجيڪٽ کنيا. بادشاهن ۽ حڪمرانن جا تعريفي روزنامچا ۽ شعر لکڻ وارو دور هاڻي ناهي رهيو. هي انفارميشن ٽيڪنالاجي جو دور آهي. دنيا جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڪنهن غريب سان ڪجهه ٿي پوي ته، هڪ سيڪنڊ ۾ اها خبر سڄي دنيا کي پئجي وڃي ٿي. هاڻ حاڪم اهم ناهن رهيا. محڪوم اهم آهن. سرمائيداري ۽ جاگيرداري جي ويڙهه ۾ وقتي سرمائيداري جو پڙ ڀاري ضرور نظر اچي ٿو، پر اهي ٻئي سان وڙهي وڙهي ساڻا ٿي ڪرڻا آهن. ٻوڙا به لتاڙجي دنگ ٿيا. هاڻ ڌراڙ وٽ به ڳالهه پهچڻ لاءِ کيسي ۾ دٻلي (موبائيل فون) موجود آهي. پوءِ اسين ان ڌراڙ، ڳنوار، ريڍار، ٻڪرار، اوٺار، ميهار، سانگي سنگهار، ماري شڪاري تي ڇونه لکون. اهي ئي سماج جا اهم فرد/ڪردار آهن. انهن جي سماجي ۽ معاشي حالتن جي تصوير ڪشي ئي سوسائٽي جي سچي سماجي تصوير آهي، جنهن جا ليڪا ايبسٽريڪٽ (تجريدي) آرٽ وانگر اڻونگڙا ضرور آهن پر سماج جي تصوير چٽي ڪري ٿا بيهارين.

ساموئي جي اتر وارا هي پهاڙي کيٽ، لنياري واري هي بٺي، جنهن جي اولهه طرف ٺلهه نما ٻه جاڙيون بٺيون، جن کي چڱل جا ٿڙا جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. اهو چڱل نالي وارو شخص ڪير هو؟ مهاڻو، جوکيو، جانوري، ٻيليچو، کماڻ، هيجب، جاکرو، خاصخيلي يا گجڻ. ڪنهن کي به خبر ڪانهي. اهي جابلو بٺيون، انهن مان وهي ايندڙ نئيون، ڍورا ڍوريون، مڪان، وس تي آباد ٿيندڙ کيٽ، انهن تي ٻڌل ٻنڌيون، انهن ئي کيٽ ڌڻين جي وڏڙن جا انهن تي رکيل تاريخي نالا. هاڻ جاگرافي جو اهم ۽ اڻ ٽُٽ حصو بڻيل. افسوس اسان جا عالم، ويندي جاگرافي جي شاگردن تائين انهن کان بيخبر آهن. ڇا اسان جي ادارن سنڌالاجي، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي وارن تي اهو فرض نه ٿو ٿئي ته اهي ڪچي، ڪوهستان، ڪاڇي، ٿر، انڊس ڊيلٽا تي پکڙيل لکين اهڙا لفظ لکيت ۾ آڻي محفوظ ڪري ڇڏين. ٻوليون ائين ته شاهوڪار ٿينديون آهن. اسين پنهنجي پر ۾ اهڙا لفظ لکڻين ۾ آڻيندا رهيا آهيون پر ڇا هيڏي وشال ڍنڍ ۾ پيهوڙي جي تنوار طلاطم مچائي سگهي ٿي؟ هن ئي پٽ جي نسبت سان اهڙو هڪ شعر هتي قلم بند ڪرڻ جي اجازت ٿو گهران.

چڱل جا ٿڙا،

ناهن بي وڙا،

هل ته يار جبل هلون.

هو جي راهي روهه جا،

گيهه جا گهڙا،

هل ته يار جبل هلون

هيجب، جوکيا، جانوري،

جانب جيءَ جڙا،

هل ته يار جبل هلون.

سڄي سنڌ کي لڏپلاڻ ۾ ڏسي، ڪنهن سماجيات ۽ اقتصاديات جي ماهر جا به مٿي تي هٿ اچي ويندا. ٿورو غور ڪريو. اهي لوڪ پنهنجن پراڻن پڊن تي پهچي ته ويندا پر کائيندا ڇا؟ ٻارڻ لاءِ ڪاٺيون اڻ لڀ. ٺوڙهين بٺين تي رڳو ٿوهر وڃي بچيا آهن. انهن جا سڪا ڍانڍا ڳوليندي ۽ ميڙيندي ٻارڙين جون ڄنگهون ٻانهون ٿڪجي پونديون آهن. ٿر وڃو، ڦوڳ ته توهان کي ڪٿي به نظر ڪونه ايندو. روهيڙو يا لوهيڙو ڳوليو ڪونه لڀندو. ڄاريون، کبڙيون، ٻائوريون ۽ هاڻي ديوي البت لڀي پوندي. ڪاڇي ۾ ته بک کان ماڻهن کبڙن ۽ ڄارين جون پاڙون پٽي وڪڻي ڇڏيون.

مونکي ياد آهي، ڪاڇي ۾ چاڪرڪوٽ ۽ بريءَ جي منهنجن اباڻن کيٽن تي اهڙيون ته ڄاريون هونديون هيون جو، انهن جي اوٽ ڏيئي ويهڻ سان مينهن جي ڦڙي به اندر ڪانه ايندي هئي. توڙي جو اسان جو قبيلو ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور ۾ عسڪري قوت جو حصو رهيو پر سوچيان ٿو ته ان کان اڳي ڪهڙي سماجي صورتحال هوندي. اسان جي وڏڙن وٽ رڍن ٻڪرين جا ڌڻ ۽ ڳائي مال جا وهٽ ضرور هوندا. اسان جون وڏڙيون به ڏٿ ميڙڻ وينديون هونديون. پيرن جي مند ۾ ٽٻڻيون کڻي ٽولا ٺاهي پيرون پٽڻ وينديون هونديون. قسمت جو ڪهڙو روئڻو روئجي. جڏهن دنيا ۾ بيڪن هائوس ۽ گرامر اسڪول تعمير ٿي رهيا هئا ته اسان جون وڏڙيون، پنهنجن ٻارڙن کي واڻ وٽڻ سيکاري رهيون هونديون. سوچ جو سلسلو وٺ جو ئي نه ٿو ٿئي. هي لنياري، ڪروٺڙو، جهمپير نئين، ساڏورو، مارو جبل، نيهي مڪان، اڪرو مڪان، مرئو جبل، ڄٻڙ بٺي، انگئي وارو جبل، منگر مڪان، موريو، سنهڙو مڪان، کاڻوڪس ۽ ڪونڪر، سڪڻ، جرندو، جندوٺي، لٽ ٿڌو وغيره وغيره ڇا ته ڪوهستان جي جاگرافيائي نقش نگاري جا نيڻين ٺار نقش آهن.

ڪوهستان هاڻي اهو ڪوهستان ناهي رهيو. پاڪستان ڪافي ترقي ڪري چڪو آهي. جبل ۾ ڪٿان ڪوئلو پيو نڪري، ته ڪٿان چن جي پٿر Lime Stone مان سيڙهي ۽ سيمينٽ ٺاهيو پيو وڃي. ڪٿي گئس جا ذخيرا هٿ پيا اچن. ڪٿي ٽيوب ويلن مان تيل جا نار پيا وهن. نئين بارڻ کان وٺي رنپٽياڻي جي پٽن تائين هوا جي طاقت Wind Power تي بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي. هاڻ اهي بٺيون ۽ مڪان فقط ڪاردارن ۽ ڪوٽارن جي ڪاغذن ۾ ئي لکيل رهجي ويندا. کيٽ، کرا، ٻنڌيون، تراءُ، وڏڙن کي ڪڏهن خواب ۾ آيا ته ايندا ۽ نئين نسل کان نيٺ وسري ويندا.

Leave A Comment