ڳالهيون ڳنوارن جون … ڪَچي جي بايو ڊائيورسٽي ۽ تلخ يادن جا غبار
آگسٽ 27, 2023
اسين خيري ديري ٻيلي ۾ بيٺا آهيون. هي ٻيلو دادو ضلعي کي موري سان ڳنڍيندڙ درياهه واري پل جي ڏکڻ طرف آهي. هن ٻيلي جي اتر طرف کان عين وارو ٻيلو، ڪيٽي جيسر ۽ ڪيٽي لغاري بجراڻي آهن. هيٺ ڏکڻ طرف سيٺ نائون مل جي ڪيٽي ۽ ڪنداهه ٻيلو آهي. سيٺ نائون مل هوتچند سنڌ جو تڪراري ڪردار، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته ان جي ڪري ئي سنڌ کي هي ڏينهن ڏسڻا پيا. ڪي سڄاڻ ڌريون ته سيٺ نائون مل جي پتا هوتچند سان بيواجبيون ڪندڙ ان دور جي ٽالپر حڪمرانن کي ان واردات جو ذميوار سمجهن ٿيون. بهرحال جيڪو ڪجهه ٿيو، سنڌ ان جا ڪيتا پئي لوڙي. هتي اسان جو مقصود ڪَچي جي هن علائقي جي زندگيءَ جي مختلف رنگن ۽ گوناگونيت جو نظارو پسائڻ آهي، نه ڪي دردن جون ڳالهيون پچاري، پراڻا ڦٽ اکيلڻ. هن علائقي مان سنڌو درياهه وهي ٿو، جنهن جي ٻنهي ڪنڌين تي ڀاڳين جا ڀاڻ آهن. جيسرن، جوين، نونڌن، جتوئين، ماڇين، کوسن، لغارين، ٻگهين، ڏاهرين، سيٺارن ۽ سيدن جي مال جا ڌڻ ان ئي درياهه جي ڪيٽين تي تڳندا ۽ تڙن تي تڙڳندا آهن. هن علائقي جا پتڻ لليا، خيرو ديرو، صفن وارو پتڻ ۽ سيوهڻ وارو پتڻ هاڻ برباد ٿي چڪا آهن. ٻيڙيائتا ٻيڙين سميت زمين ڳهي وئي. البته لليا پتڻ تي چند ٻيڙيون ڏسبيون ۽ ڪٿي مڇيءَ جي شڪار وارن جي ڪا هڙهي نظر ايندي. ٻيلا گهڻو ڪري وڍجي ويا آهن، ڪٿي ڪنهن ڪوڇي ۽ بگري کي ڏسي ڪجهه جهنگ جو گمان ٿئي ٿو. شهري دنيا کان ٻاهر هي به سنڌ آهي. هتي به ماڻهو رهن ٿا. جانور آهن. پکي آهن. فطرت جا ساز و سامان آهن. هر قسم جي زندگيءَ جا رنگ آهن.
هتي اسين فطرت جا سمورا رنگ ۽ مظاهر اکئين ڏسي رهيا آهيون. سر جي چٽي جي گرمي، گهٽ ۽ ٻٽ پنهنجي جوڀن تي آهي. لين ۾ گلابي ڪونگوٽارا ڪنهن حسين ترين دوشيزه جي ڳلن وانگر نرالي سونهن سان نروار آهن. انهن تي گولاڙن جون وليون ۽ انهن جا ننڍڙا سفيد گل، ان دوشيزه کي پاتل جهومڪن وانگر جهولي رهيا آهن. ڪانهن پنهنجو چٽو پورو ڪري هاڻ نسريل آهي. جهنگ ۾ ڀوريون بيرڪون وڇايون پيون آهن. ڀتر پنهنجا پِيلا گل ٽيڙي ڌرتيءَ جي ڦلواڙي کي رنگين بڻائي ڇڏيو آهي. چوطرف لنب جي سرهاڻ، سڄو جهنگ معطر ڪري ڇڏيو آهي. ٻٻرن جا پِيلا گل ڪنهن شهزاديءَ جي نڪ جي ڦلڙيءَ وانگر چمڪي رهيا آهن. جيڪي گل ڇڻي زمين تي ڪريا آهن، انهن جي پيلي چادر تي نوريئڙا راند ڪڏي رهيا آهن. سامهون ٻٻر جي وڻ تي ڪانگن ال اٿاري آڻي ويهاريا آهن. الميو اهو آهي ته الن ۾ ٻن مان هڪ ڪانگڙو آهي ۽ ٻيو ڪوئل جو ٻچو. نر مادي ٻئي ڪانگ، چهنب ۾ ڪا شئي آڻي، انهن الن جي چنهنبن ۾ وجهي، انهن کي ڀوڄن ڪرائي رهيا آهن. فطرت جي مشيت ۽ بي پرواهي جو اعلى مثال. ٿيندو هينئن آهي جو ڪانگِ جڏهن آکيرو جوڙي آنا لاهيندي آهي ته ڪوئليون اينديون آهن ۽ ڪانگ سان ويڙهه ڏينديون آهن. ڪانگ انهن کي ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. نر ڪوئل انهن سان ويڙهه جاري رکندو آهي ۽ مادي ڪوئل ڪانگ جو آنو ڀڃي، پنهنجو آنو لاهي اڏامي هلي ويندي آهي. جهيڙو جهريو. ڪانگ وري اڏامي اچي آري تي ويٺي. آنا ڦٽا، ڪانگ ڪوئل جي ڪاري ٻچي کي پنهنجو ٻچو سمجهي کارائيندي پياريندي رهندي، جيسيتائين وڃي اڏراڪ ٿئي. هاڻي ڪانگ غريب کي اها به خبر نه ٿي پوي ته هو ڪوئل جا ٻچا پنهنجا ٻچا سمجهي پالي رهيو آهي. ڪانگ جنهن جا پر ڀٽائيءَ سون سان ٿي مڙهايا، ان ڪانگڙي لاءِ جيڏين سرتين کي ڏوراپا ٿي مليا.
ڪنهن اڏايون ڪان، مَنههَ مٿان منهنجي،
ڳنهي آيو ڳالهڙي، سپيرين سنديان،
جيڏيون جاڙ ڪيان، سوئم هوند سنيهڙو. (لطيف)
اسين ٻهراڙي جا سادڙا ماڻهو، فطرت جون اهي رمزون ڇا ڄاڻون! مون ان منظر تي هڪ شعر جوڙيو هو، اوهين به پڙهو:
ڪوئل قهري ڪار،
ڪانگ رنو پئي نار تي.
هي جا آئي مون ڳري، کلي ڪيم کيڪار،
ڪانگ رنو پئي نار تي.
ڀڳا منهنجا آنڙا، ڏڪيا وڻن ڏار، ڪانگ رنو پئي نار تي.
ڪل پيڙم ڪانه ڪا، پاليم ڪيئن پرمار،
ڪانگ رنو پئي نار تي.
اها ڳالهه اتي رهي، ٿورو ماضيءَ ڏانهن ٿا موٽ کائون. ڀلجان نه ٿو ته اهو 68-1967ع جو زمانو هو. حيدرآباد ۾ پرفيڪٽ پريس تي گهڻو اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. پرفيڪٽ پريس جو ڌڻي سائين ظفر حسن شاهه هو. سنڌ يونيورسٽي ۾ جاگرافي جو استاد هو. ڏاهو، دورانديش، محب وطن، مڻيا وارو مڙس هو. امتحانن جي ڏينهن ۾ منهنجو سيٽ نمبر سدائين سائينءَ جي اڳيان. پيپر ۾ اسان جو ڪنڌ هيٺ. جيڪا داڙ ڦاڙ ايندي هئي، لکي پيپر سائينءَ جي حوالي ڪبو هو. سائين به اهڙو سڃاڻي ويو هو، جو ڏسڻ ساڻ نالو وٺي، ٻاجهه ڀرين نظرن سان نهاريندو هو. سائينءَ جي پريس جو ڪم اسلم لغاريءَ جي نالي سڏجندڙ هڪ نوجوان، بت ۾ ڀريل، رنگ پڪيرڙو ۽ نماڻين اکڙين وارو سنڀاليندو هو. اسين ٻئي لغاري هڪ ٻئي تان قربان پيا ٿيندا هئاسين. سو ان کي همراز سمجهي، مون ڪوئل واري لکيل اها وائي، اسلم کي ٻڌائي ۽ چئي ڏنو ته ڪوئل “استحصالي” پکي آهي. ان دور ۾ رشين لٽريچر گهڻو پڙهيو ويندو ۽ ‘استحصالي’ وارو لفظ عام ٻڌڻ ۾ ايندو هو. مون به اهو لفظ کڻي اسلم جي اڳيان اڇليو. پوءِ ته اسلم کي ڄڻ هودڙي هٿ ۾ اچي وئي. جتي دوستن سان ويهي، اتي منهنجي دانهن ڏئي. چئي: “ادا، هي ڪوئل غريب کي استحصالي پکي ٿو سڏي”. آئون غريب چپ. 1975ع ۾ سنڌي پريسون سيل ٿي ويون. اسلم ويچارو ڪي ڏينهن دربدر رهيو پر پوءِ قاضي اسلم جي کيپ ۾ کڄي ويو. ڀاڳ ڀلو هوس. ڪم وارو ماڻهو هو. ارهه سان ٻيڙي ڌڪي وڃي پار پهتو. هاڻ ته الائي ڪٿي آهي!
ايراني شاعرن هڪڙي بلبل تي هزار داستان تخليق ڪيا. اسان پنهنجن سوَن پکين، هزارين وڻڻ، ٻوٽن گلن تي هڪڙو داستان به لکندي ڊڄون ٿا ته ڪير الائي ڇا سمجهي! ڪانگ جو ذڪر مولانا روميءَ به پنهنجين حڪايتن ۾ آندو آهي، پر ڀٽائيءَ ڪانگ کي جنهن انداز ۾ پيش ڪيو، ان هن ڪارڙي ڪوجهڙي پکيءَ کي بلند مقام تي پهچائي ڇڏيو. فارسين ڪبوتر کي نياپو نيندڙ ڪري پيش ڪيو. ڀٽائيءَ اهو ڪم ڪوجهڙي ڪانگڙي جي حوالي ڪري، ڪمال ڪري ڇڏيو.
آءُ ڪانگا وڻ ويهه، سڌيون ڏي ساڻيهه جون،
چڱا ڀلا سپرين، ڪه سک وسي ساڻيهه،
پرين لئه پرڏيهه، مون تان گهڻو نهارئو.
خير، خيري ديري واري ٻيلي ۾، اسين فطرت جي رنگينين جو نظارو ڪري رهيا آهيون. سامهون ڪاٺ ڪٽو، پنهنجي ڪرت کي لڳل آهي. پريان بگڙي تتر جي ڪيڙو، ڪيڙو ۽ ڪارڙي تتر جي کير پير خضر واري ٻولي ٻڌڻ ۾ اچي رهي آهي. ڪانڊيرن تي ٻنڊا آهن. ڀنئور سر جي تيلي ۾ سوراخ ڪري گهر ٺاهي رهيو آهي. کڙڪي تي گهگهه پکي اڏاڻو آهي. گدڙ پهو ٽپي گهاٽي جهنگ ۾ هليو ٿو وڃي. سنڌي سماج ۾ گدڙ سدورو جانور سمجهيو وڃي ٿو. ويڙهه کان مٽيندي ڀونئريون ۽ پوپٽ ٽاهه کائي اڏامي رهيا آهن. ڪامنهن جي جهڳٽن ۽ ڪنڊين ۾ ککرن ۽ چيلاٽن جا مانارا آهن. ٻٻرن ۽ ڪنڊين تي ماکيون ويٺل آهن. انهن جا ڀڻا گلن تي ويهي رس چوسي رهيا آهن. اڳيان ٻاٻري ڪنڊ جو ڍينگراٺو، گهاٽين ڪنڊين ۾ مِرن جا ٿم ۽ ڪانهن جي گودر جا نظارا آهن. ڏينهن ته شينهن آهي پر ڪنهن ڪاري رات جو اوهان جو اتان گذر ٿئي ته مِرن جون هڏڪارون، ڦاڙهن جون زيلون، گدڙن جون اونايون ۽ تڏين جا آواز سازن سوڌا وڄندي ٻڌبا.
هي ڪچي جي بايو ڊائيورسٽي جا نظارا آهن.
هاڻ هلون ٿا درياهه جي تڙ تي، جتي ڪاريون، ڪنڍيون، گجريون، ڀوريون ڀٽاريون، پاڻي ۾ ٽٻيون ڏيئي ڦونگارا هڻي اوڳر ورائي رهيون آهن. ٻڌائيندو هلان ته نئون ڪانهن ڦٽندو آهي ته ٻوڙي ٻڌندو آهي. ڪجهه وڏو ٿيندو ته ان مان چاهڪ ٿيندي. چاهڪ چنل مينهن جو کير مٺو ٿيندو آهي. لنب ۾ سرهاڻ ٿيندي آهي. جيڪي مينهون لنب چري اينديون آهن، انهن جي کير ۾ خوشبوءِ ٿيندي آهي. کهه به مٺي ٿيندي آهي. مانڌاڻي جو سنهڙو ڳاڙهي رنگ وارو ان طاقتور ٿيندو آهي. چاهڪ جي مند پوري ٿي ته سڻوپرا ڌراڙ پنهنجي مال کي ڳولي وڃي کهه، مانڌاڻو، مکڻي ۽ لنب چاريندا آهن. اهي گاهه چنل مال جو کير جهجهو مٺو ۽ خوشبودار ٿئي. مال به مواڙ ٿيو پوي. انهن جي اوڳر مان به خوشبوءِ پئي ايندي. ڌراڙ ڪنڌيءَ سان ٻڪرين جي نبار کير جي ڪڙهيل چانهه پي رهيا آهن. اوچتو مڇيءَ جا شڪاري ٻيڙيائتا سڙهه سنئون ڪيو، وهندي جي واءُ تي اوڀارا ويندي، سلام وارين ٿا ۽ ڪنڌيءَ تي ٻيڙيءَ کي لاڙي، ڌراڙن کان ٻڪرين جو کير ڏهائي هليا وڃن ٿا. غالبن اڳتي ڪنهن ٻيٽاري تي شام جو چانهه ڪاڙهي پيئندا.
ٽاڪ منجهند جو ٽاڻو آهي. سامهون گهاٽين بهڻين جي بگري جي ڇانوري تي ٻڪريون آساس ڪري رهيون آهن. ٻيٽاري تي ٻگها ويٺل آهن. لين جي ڪير ۾ ڪٻهڙي، پنهنجي نئين تور سان آرامي آهي. ٽارن جي ڇانو ۾ بگڙا تتر پنهنجن ٻچن کي ڇيڻن واري اڏوهي چڳائي، کوٽهڙو سيکاري رهيا آهن، جيئن شامڙي جو جهنگ کان ٻاهر نڪري اهي پاڻ کرڙي ۽ کوٽهڙو ڪري سگهن. سر هينئر چونڪ مان چڙهي ڍڍي تي پهچڻ وارو آهي، مهيني کن ۾ نسري ويندو. هلڪي ٻوڏ جو پاڻي هيٺانهيون ڇڏي ڍورين ۽ ڪورين ۾ گڏ ٿي ويو آهي. ڳوٺاڻا ٻار هٿن سان گهلڻ وارو ڄار ڇڪي، تانگهي پاڻيءَ ۾ مڇي ماري رهيا آهن. ڪچي جي سموري وڻڪار سائي چادر ۾ ويڙهيل آهي. حياتياتي ۽ نباتاتي زندگيءَ جي گوناگونيت ۽ هر قسم جي رنگارنگي جا مظاهر پسي، ويساهه ٿئي ٿو ته فطرت ڪڏهن نه ڪڏهن اسان مت جي موڙهيلن کي، اهڙي حسين ترين، رنگ برنگي بايو ڊائيورسٽي جي حفاظت جي، ڳڻ ڳوت ڪرڻ جي، سمجهه ۽ ساڃاهه ڏيندي.