سنڌ جو درياهه، ان درياهه بادشاهه جو ڪچو ۽ ان ڪچي جا جهنگ ۽ سهڻا ٻيلا، دل لڀائيندڙ، روح کي راحت بخشيندڙ، ڪچي جي جهنگلي جيوت ۽ ماڻهن جو جياپو ۽ آڌار آهن. دنيا جي هر مهذب قوم پنهنجي درياهن ۽ ان جي ڪچي سان پيار ڪندي آهي. ڪچي جي جهنگن ۽ ٻيلن جي حفاظت ڪندي آهي. اڳي اسان جي پنهنجي سنڌ ۾ به سائي وڻ کي وڍڻ نه رڳو عيب سمجهيو ويندو هو پر قانوني ڏوهه به هو. ٽالپر اميرن جو ته ٻيلن ۾ ساهه هوندو هو. شڪار جي شوق جي ڪري ٻيلن ۾ ڪابه کيچل برداشت نه ڪئي ويندي هئي. انگريز به چريا ڪونه هئا. ٻيلو کاتو وجود ۾ آڻي پها ڪڍي، چئونڪڙيون ٺاهي رڪارڊ رکيو ويو. شڪارگاهن جي حدبندي ڪري باقاعدي قانون ٺاهي، ان تي عمل ڪرايو ويو. پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ 1970ع واري ڏهاڪي تائين ٻيلا ڪنهن حد تائين محفوظ هئا. ڌڻن جا ڌڻ ڦاڙها، مرون ۽ ٻي جهنگلي جيوت تڳي رهي هئي. چوري ڇپي شڪار ٿيندا هئا پر پوءِ به ڪچي جا ماڻهو جهنگ کي پنهنجو ننگ سمجهندا هئا. ماڻهو جهنگ جو سير ڪرڻ ويندا هئا ته سر، پتر، لهيون، پڃر، ٿوڻيون ڪپي کڻي ايندا هئا.
جهڙي طرح دادو موري واري اسان جي تر ۾ عين ٻيلو، سيٺ نائون مل جي ڪيٽي ۽ ڪنداهه ٻيلو درياهه جي ساڄي ڪپ تي ۽ خيرو ديرو ٻيلو، نواب ولي محمد خان لغاري جي جاگير، لاکاٽ ٻيلو ۽ ماڙي ٻيلو درياهه جي کاٻي ڪپ جا جهنگ ۽ ٻيلا مشهور هئا، اهڙي طرح لاڙ پٽ ۾، ڳاڙهڪو ٻيلو، ٻائو پورن داس ٻيلو، ٻجورڪو ٻيلو ۽ ڪٽ صدناڻي درياهه بادشاهه جي ساڄي ڪپ تي ۽ هديراڻي ٻيلو ۽ ڪونج ٻيلو کاٻي ڪپ تي نه رڳو وڻڪار کان مشهور هئا پر ثقافتي ڪچهرين جو مرڪز هوندا هئا. ڦاڙهن، مرن، گدڙن، سهن ۽ ٻي جهنگلي جيوت سان ڀرپور اهي ٻيلا ڏاڍا سهڻا لڳندا هئا. ڪنڍو شورو، ڏاتو ولهاري ۽ خانو ٻروچ ڳاڙهڪي ٻيلي جا مشهور ڀاڳيا هئا. خانو ٻروچ وڏي دل وارو، ٻيلي جي هر ڪچهري ۾ موجود ۽ هر شڪار ۾ هڪيو حاضر هوندو هو. انهن ڀاڻن کان علاوه ڪٽ صدناڻي ۾ رئيس محمد حسن خشڪ جي لانڍي، بگهاڙ موري واري بابو شاهه جي اوطاق ۽ ڪونج ٻيلي واري وزير جمالي جا وٿاڻ اهڙين ڪچهرين جو مرڪز هوندا هئا. هلي وڃبو هو ته مان به ملندو هو ۽ مانيءَ ڳڀو به مانائتو. کارائي گنجن جون ڳاڙهيون مانيون ۽ کير جون پتريون ڀري اچي اڳيان رکندا هئا. ٽانڊن جو مچ ٻرندو هو. مڙس ڪانڀون ڪڍي ويهندا هئا مارڪي ۾. باهه جي تئو تي، مال جون خبرون چارون ٿينديون هيون. ڳاڙهيون مليري ڳئون گفتگو جون موضوع هونديون هيون. ڀاڳين جو بهش (بحث) هوندو هو ته پهريون نمبر ڳئون پنهورن جون يا شورن جون. ٻروچن جون يا جاکرن جون. ٻروچن جا راڄ وڏا هئا، ملڪاڻي، زنگياڻي، ٻروسر، منڌئير وغيره. مال جون وصفون جاچبيون هيون. گهگهيليون، ڪنر، ليڙيون، ڪانوريون وغيره. مزرو ٻروچن جي مال کي ملندو هو. پوءِ پنهور، شورا ۽ جاکرا. ڌني ۽ ساهيوال جون ڍڳيون ليکي ۾ به ڪونه آڻيندا هئا. البت ٿري ڍڳا ڀلي وهڪ جي ڪري سٺا سمجهيا ويندا هئا. مال جون بيماريون، عيب ثواب، گڻ ۽ بڻ، ڏچر ۽ سچر، سڀ وصفون ويچار هيٺ آڻيندا هئا. ديويءَ جي ڪري ريج جو مرض عام هوندو هو. اورلو يا اور وارو گاهه کائڻ جي ڪري ڪارو واءُ ٿي ويندو هو. ڊوڙي وڃي ڪڪر ڏيندا هئا يا اڪ جي ٽاري وات ۾ ٻڌي ڇڏيندا هئا. سمهڙي جي ڪري ٽارن جو دونهون ڪبو هو. اڀري مال کي تيل ڏيندا هئا. مال وهٽ جي خبرن کان واندا ٿي ويهندا هئا ته ڏور، ڳجهارتون، مورا ۽ پوءِ چرچا. ائين ٻيلا بلڪ سڄي سنڌ جون اوطاقون ڪچي جا ڀاڻ وٿاڻ پيا وسندا، جيئندا، جاڳندا ۽ جرڪندا هئا.
هڪڙي رات هڪ وڳي ڌاري منهنجي ٺٽي واري اوطاق تي ڪچهري ڪري اٿياسين ته اسان واري البيلي دوست الهڏني هيجب حجت ڪري سائين اعجاز علي شاهه شيرازي کي چيو ته، سائين اڄ دل ٿي چئي ته ڳاڙهڪي ٻيلي جو سير ڪري اچون. جنوري مهيني جا پهريان ڏهاڙا هئا. ولهه پئي وسي. کاڻو چئي ته اڄ نه ڪران ته ڪڏهن ڪران. ان اوچتي سوال تي اچرج به ٿيو پر شڪار جي شوق ۾ اسان به کڻي الهڏني هيجب جو پاسو کنيو. سائين اسان جي انگل تي انڪار ڪري نه سگهيو ۽ هلڻ جي حامي ڀريائين. مختيار شاهه باغائي جي لينڊ روور جيپ شڪار لاءِ سدائين سنبري بيٺي هوندي هئي. ڪاري اونداهي، سيءَ جي باهه ۾ سرچ لائيٽ کڻي، ڪمبل ويڙهي، بندوقون کڻي وڃي جيپ تي چڙهياسين. جيپ ڀٽاري روڊ تي چڙهي بگهاڙ موري جو رخ ڪيو. اتر جي ٿڌڙي هوا سيڪارا اڀاري ڇڏيا. بگهاڙ موري وٽان روڊ ڇڏي بند ٽپي ٻيلي ۾ داخل ٿياسين ته رات جا ٻه وڄي رهيا هئا. ان دور ۾ وڻن ۾ ايڏي واڍي اڃان ڪانه پئي هئي. ڪنڍ وڍي گودرن مان ائين پها ڪڍيا ويا هئا، ڄڻ ڪنهن دوشيزهه جي گهاٽن ڪارن وارن مان سينڌ نڪتل هجي. ڳاڙهڪي ٻيلي ۾ هڪڙي وٿاڻ کان ٿورو پرڀرو جيپ هلي بيٺي. مختيار شاهه سڏ ڪيا. پهرئين سڏ سان هڪل ٿي، آيو ڙي آيو. ٽوال جي پڳ پهريل، ڊگهي ڪاري ڳن سان بگي ڪهاڙي هٿ ۾ کنيل، اجرڪ اوڍيل هڪ ڪرڙوڍ سڪمو همراهه اچي اڳيان بيٺو. اهو هو خانو ٻروچ. چئونڪڙين جو محافظ، پهن جو پهريدار، انتهائي دلير مڙس. ڏاڍو ڀلو ماڻهو. ڪچي جو ڪوڏائتو شڪاري. حڪم سائين چئي سڃاتائين. ڊوڙي وڃي پڙڇ کڻي آيو. سوڙيون وڇائي، ٽانڊن جو مچ ٻاري ڏنائين. ٻيلي جي سڪل ڪاٺين جي باهه سياري جي نيهان ۾ به پگهر ڪڍي ڇڏيا. گهران وڃي کير جي وڏي چئونري ۽ چانهه جي ڪٽلي ڀري کڻي آڻي اڳيان رکيائين. مون تڙ تڪڙ ۾ گهران ٻه ٽي ٿلها ڊڳڙ مانيءَ جا پچائي اجرڪ جي پلاند ۾ ٻڌي کنيا هئا. اهي کولي کڻي اڳيان رکيم. کير سان ڇاندو پاڻي ڪري ٽانڊن تي چانهه ڪوسي ڪري ٻه ٻه ڪوپ پي قرار ڪيوسين. سها، تتر ۽ مرون جام آهن پر ڦاڙها وڃن ٿا گهٽ ٿيندا. خانوءَ جي دل جو درد ۽ ڳالهين ۾ ڳڻتي ائين ظاهر ٿي رهي هئي، ڄڻ مڙس جو پنهنجو مال مرندو ۽ وٿاڻ خالي ٿيندو هجي. ٽانڊن جي مچ تي شڪار، جهنگلي جيوت، ڪوريون ۽ ڪچي جا چيٽ زير بحث ايندا رهيا. ٻيلي جون اوڀاريون لهواريون، ڀاڳين ۽ ڌراڙن جون پچارون، مال وجهه جون سارون ۽ سنڀارون، ڪچهريءَ جو رس ۽ چس ايڏو ڄڻ وڇڙيا مائٽ مليا هجن. اها رس ڀري رهاڻ ڪري، سيءُ لاهي وڃي جيپ تي چڙهياسين. خانو اسان جو سونهون ٿي هليو.
جيپ جي کڙڪي ۽ سرچ لائيٽ جي سوجهري تي جهنگ جي جانورن ۾ هلچل مچي وئي. جهنگ ۾ ساهه پئجي ويو. بندوق جو هڪڙو فائر به ڪونه ٿيو. ڦاڙهن جي زيلن، مرن جي هڏڪارن ۽ رانباهن، گدڙن ۽ سهن جي ٺينگ ٽپن ۾ شڪار جو شوق پورو ٿي ويو. دراصل شڪار ته هڪ بهانو هو ڊگهي ٿيڻ جو.
ڪاري رات ۾ ٻيلي جو سير ڪري گهمي ڦري، خانوءَ کي پنهنجي ڀاڻ تي ڇڏي، ٺٽي شهر پهتاسين ته مسجدن مان آزانون اچي رهيون هيون.