| ڳالهيون ۽ دهشتگرد حملا گڏ نٿا هلي سگهن: محسن نقوي |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان آمريڪا جي قائم مقام سفير نيٽلي بيڪر جي ملاقات ڪئي. قائم مقام آمريڪا سفير نيٽلي بيڪر اسلام آباد ڌماڪي جي مذمت ڪئي ۽ شهيدن جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيو. قائم مقام سفير دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي قربانين کي ڀيٽا پيش ڪئي. محسن نقوي چيو ته دهشتگرد عدالت کي نشانو بڻائڻ چاهين پيا، سيڪيورٽي سبب اندر داخل نه ٿي سگهيا، حملي سان لاڳاپيل سڀ ڪردار ٽريس ٿي چڪا آهن، سهولتڪار گرفتار، جڏهن ته جامع جاچ جاري آهن. محسن نقوي چيو ته ڳالهيون ۽ دهشتگرد حملا گڏ نٿا هلي سگهن، پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا دوستي ۽ گڏيل اعتماد تي ٻڌل آهن، قائم مقام آمريڪي سفير نيٽلي بيڪر پاڪستان جي دهشتگردي خلاف ڪوششن جي ساراهه ڪئي. آءِ جي اسلام آباد پوليس ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر پڻ هن ملاقات ۾ موجود هئا.