| ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي: سنڌ ايڪشن ڪميٽي طرفان مظاهرن ۽ ڌرڻن جو اعلان |
لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي مرڪزي صدر ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر سيد زين شاهه پيٽرول جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ خلاف پوري سنڌ ۾ 5 اپريل تائين مسلسل احتجاجن ۽ ڌرڻن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اهڙو اعلان هن لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئيشن ۾ وڪيلن کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ملڪ ۾ ڪرپٽ ۽ ناانصافي وارو نظام رائج آهي، ٻوڏ آئي ته حڪمرانن پنهنجا شاهه خرچي گهٽائڻ بدران دنيا کان وڃي پنيو، جيڪڏهن پئٽرول 100 ڊالر في بيرل آهي ته حڪمرانن کي گهرجي ته هو پئٽرول تي لڳل سڀئي ٽئڪس ختم ڪن ته ان ئي وقت في ليٽر تي 100 کان سوا 100 گهٽجي ويندو، گڏوگڏ وفاقي يا صوبائي حڪومت گڏجي ويهي فارمولو ٺاهي پئسو وجهن ته جيئن پئٽرول جي قيمت ۽ مهانگائي گهٽ ٿئي ڇاڪاڻ سنڌ جا ٻه ڪروڙ ۽ پوري پاڪستان جا 60 سيڪڙو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذارن پيا، وفاقي حڪومت کي گهرجي ته پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ وارو فيصلو واپس وٺي. هن چيو ته سنڌ يونائيٽڊ پارٽي طرفان 3، 4 ۽ 5 اپريل تي احتجاج جو سڏ ڏنو ويو آهي جنهن کان پوءِ آئنده جي لائحه عمل جو اعلان ڪيو ويندو. هن چيو ته اپوزيشن جي سياسي آزادي کسي وئي آهي، سنڌ ۾ اپوزيشن کي جلسا جلوس ڪرڻ نه ٿو ڏنو وڃي، ساڳي ئي صورتحال پنجاب ۽ ٻين صوبن ۾ به آهي. 26 هين ۽ 27 هين ترميم جي ذريعي عدالتن جي بنيادن کي لوڏي پيڪا ايڪٽ جي ذريعي صحافين جي ڳلي کي گهٽو ڏنو ويو آهي ته جيئن صحافي سچ نه ڳالهائن.