ڳاڙهو جو سرڪاري جهينگا فارم تباهه، عمارتون زبون، مشينري ڪٻاڙ ۾ تبديل

جُولاءِ 29, 2024

ڳاڙهو (رپورٽ: عبدالله راڻو) جهينگافارم فشريز  کاتو   ڳاڙهو  سوني جهرڪي بڻيل تلاءُ عمارتون، مشينري تباهه، آر او پلانٽ بند خبر موجب ضياءُ الحق جي دور 1980 ۾ ٺٽي جي ساحلي شهر ڳاڙهو لڳ جهينگن جي پالنا ۽ تجربن لاء ايشياء جو وڏو جهينگافارم (شيرمپ پراجيڪٽ) اٽڪل 250 ايڪڙ سرڪاري ايراضي تي قائم ڪيوويو هو جنهن جو مقصد جهينگو سميت ناياب قسم جي مڇي جي پالنا ڪري تجربا حاصل ڪرڻ سان گڏ سياحن جي تفريح لاءِ پڻ بهتر ماڳ جوڙڻ هو  پر بدقسمتي سان صرف ڏهن سالن جي مختصر عرصي ۾ 1990ع ۾ پراجيڪٽ جهينگا فارم ڳاڙهو سياسي مداخلت جي ور چڙهي ويو 1990 کان هن بهترين ۽ خوبصورت ماڳ ۽ منصوبي جو زوال شروع ٿيو . هن وقت جهينگن جي پالنا لاءِ تيار ڪيل 24 تلاءَ، سموريون خوبصورت عمارتون، مشنري، گيسٽ هائوس تباهه حال بڻيل آھن.

صاف پاڻي مهيا ڪرڻ لاءِ لڳل آر او پلانٽ ناڪاره بڻيل

ڳاڙهو: فارم سميت آسپاس جي 4000 هزار ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪرڻ لاءِ لڳ ڀڳ ٻه ڪروڙ جي لاڳت سان آر او پلانٽ لڳايو ويو جيڪو انتظاميا جي عدم دلچسپيسبب هن وقت مڪمل طور تباهه ۽ بند پيل آھي جنهن سبب هزارين ماڻهو خاص ڪري عورتون ڏورانهين هنڌن تان گندو پاڻي حاصل ڪن ٿيون.

فارم تي مقرر ڪيل سفارشي ۽ غير مقامي ماڻهو گهر ويٺي پگهارون کڻڻ لڳا

ڳاڙهو: فارم جي مختلف يونٽن تي سوين اهڙا غير مقامي سفارشي ملازم به ڀرتي ڪيا ويا آھن جن اڄ تائين هي ادارو ڏٺو به ناهي پر گهر ويهي پگهار حاصل ڪري رهيا آھن . هتي صرف چوڪيدار نظر اچن ٿا.

Leave A Comment