ڳاڙهو ڀرسان حفاظتي بچاءَ بند کي گهارو، 5 ڳوٺن ۾ پاڻي داخل

جُون 12, 2023

ٺٽو ( رپورٽر ) ڳاڙھو ويجهو ساحلي ڳوٺن کي بچاءُ لاءِ ڏنل حفاظتي بند ڳوٺ احمد علي جت ۽ محمد علي شولاڻي وٽان دٻاءَ جي سٽ نه سهندي بند کي گهارو پوڻ ڪري ڳوٺ احمد علي جت، ڳوٺ حيات جت، ڳوٺ علي محمد شولاڻي سميت 5 ڳوٺن ۾ سامونڊي ويرن جو پاڻي داخل ٿي ويو آھي.

سامونڊي ڇولين ۾ تيزي اچڻ ڪري ڪيٽي بندر، کاروڇاڻ ۽ گھوڙاٻاري واسين ۾ خوف واري لھر ڇائنجي وئي آھي. ڪيٽي بندر گهوڙاٻاري کارو ڇاڻ جي ساحلي علائقن ۾ سامونڊي چاڙھ ۾ غير معمولي حد تائين اضافي سبب ساحلي پٽي جا سوين ڳوٺ خطري هيٺ اچي ويا.

  جڏھن ته سامونڊي پاڻي ھيٺ آيل ڳوٺاڻن پاران انتظاميا کي اپيل ڪئي آھي ته کين هنگامي بنيادن تي محفوظ ھنڌن ڏانهن منتقل ڪري وڌيڪ پريشانين کان بچايو وڃي.

Leave A Comment