ڳاڙهي ويجھو موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ پيرسن واٽهڙو فوت، نوجوان زخمي

جُولاءِ 17, 2023

ٺٽو (رپورٽر) ڳاڙهي ويجھو موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ پيرسن واٽهڙو فوت ٿي ويو، موٽر سائيڪل سوار نوجوان پڻ سخت زخمي

 خبر موجب ڳاڙهو- گھوڙاٻاري روڊ تي شگر مل ڀرسان ڳوٺ دائود لاشاري واسي واٽهڙو 80 ورهين جو دائود لاشاري موٽرسائيڪل جو ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ موقعي تي فوت ٿي ويو

 جڏهن ته موٽرسائيڪل سوار نبي بخش ملاح سخت زخمي ٿي پيو. اطلاع ملڻ تي ڳاڙهو پوليس حادثي واري هنڌ پهچي فوتي پيرسن ۽ زخميءَ کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو

Leave A Comment